خميس , مارچ 5 2026
sd

ڪتاب: بيٺل پاڻي (ناول: ادبي تنقيد)

جعفر شاهاڻي

عباس ڪوريجو جو نانءُ سنڌي ادب ۾ ڪنهن کان به ڳجهو ناهي ۽ نه وري سندس علمي ادبي ڪم رواجي يا ماڳهين هيٺين درجي جو به ناهي جو کيس نظر انداز ڪجي. خير! اڄ آئون هتي عباس جي ناول ”بيٺل پاڻي“ بابت پنهنجا ويچار اوهان سامهون رکندس.

عباس ڪوريجو جو ”بيٺل پاڻي“ ناول مرڪ پبليڪيشن طرفان ڊسمبر 2024ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيل آهي جيڪو 96 صفحن تي مشتمل آهي پر ان ۾ ناول جو مواد 85 صفحن تي آهي باقي صفحا اداري پاران نوٽ، ليکڪ پاران اظهار خيال سميت ضروري سيٽنگ ۾ اچي وڃن ٿا.

بيٺل پاڻي ناول جي شروعات شهري ماحول ۾ رشتن کان نا آشنا فرد جي فيملي سان تعلق رکندڙ چوڏهن سالن جي روماسا نالي ڇوڪري جي برٿ ڊي واري دعوت سان، جوڙيل ماحول سان وڻندڙ منظر نگاري کان ٿئي ٿي. جنهن بعد روماسا پنهنجي پاپا، امي ۽ برادر جي کائڻ پيئڻ کان ڪري اُٿ ويهه واري عملي زندگيءَ جو سمورو احوال اوري ٿي. ائين ناول پلاٽ طرف وڌندي پڙهندڙن کي متاثر ڪندي دل ۾ لهندو ٿو وڃي.

توڙي جو روماسا جي عمر چوڏهن سال هجي ٿي پر هُن جي شعوري سگهه وزندار ۽ فلسفي به لڳي ٿي. پوءِ به ليکڪ روماسا کان ڪو وڏو عملي ڪم ناهي ورتو جو کيس روماسا جي ڪردار بابت عمر کان وڏي ڪم وٺڻ جو ساڻس اختلاف به نٿو ڪري سگهجي.

ناول جو مُنڍ شهري ماحول کان شروع ٿئي ٿو، جنهن بعد روماسا پنهنجي بابا جي بئڪ گرائونڊ يعني ٻهراڙي جي ان ماحول ڏي موٽ کائي ٿي ۽ هڪ ڏينهن سندس ڏاڏي امان جي وڇوڙي کان پوءِ ٻيهر اوچتو پنهنجي پاپا سان سندس ڳوٺ وڃڻ ٿئيس ٿو ته رستي ۾ روماسا پنهنجي پاپا شامي جي پريشاني جو عالم به پروڙي وٺي ٿي. ائين ناول منڍ ۾ ئي پلاٽ جي ايوريسٽ ٿي چڙهي وڃي ٿو ۽ ڀرپور دلچسپي ۽ تجسس سان پڙهندڙ کي گهڻو تعجب ۾ وجهي ٿو ته سندس وڏي چاچا کي ڪجهه ٿيو يا اهڙو ڪجهه ڪري وڌائين جو شامي کي ترت ئي ڳوٺ پهچڻو پئجي ويو. اهو نقطو انتهائي شاندار اڻت ۾ پلاٽ جي عروج طرف وڌندو رهي ٿو ۽ ناول جو اهو منڍ ص 11 کان شروع ٿي 26 تي ختم ٿئي ٿو ۽ سندس پاپا جي اوچتو ڳوٺ وڃڻ جو سبب به کيس مڪمل سمجهه ۾ اچي ٿو پر سندس چاچا جو ڍنڍ مان لاش ملڻ بعد موت جو ڀيدُ، ڀيدُ ئي رهي ٿو. اهڙي ريت روماسا جي چاچا جي رهائش واري جهوپڙي مان هٿ ايندڙ ڪجهه ڪتاب ۽ هڪ نوٽ بڪ واپسي ورڻ وقت سندس پاپا گڏ کڻي ٿو، جنهن سان روماسا جي ننڍي چاچا جي ڪا به دلچسپي نه ٿي هجي.

واپس گهر پهچڻ بعد روماسا پنهنجي پاپا ۽ امي کان لِڪي اهو نوٽ بڪ پڙهندي رهي ٿي ۽ بيٺل پاڻيءَ وانگر سندس چاچا جي زندگيءَ سان مشابهت رکندڙ زندگيءَ جو ٿانُ به کلندو وڃي ٿو ۽ روماسا جو ڪردار به واضح طور تي پلاٽ اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار کان وڌ اهميت نه رکندڙ طور سامهون اچي ٿو.

ناول جي آخر ۾ روماسا جي چاچا جي ڊائري ۾ جملو آهي ته، ”پنهنجي لاءِ جيئڻ ۽ پنهنجن لاءِ جيئڻ ۾ فرق آهي“ اصل اهو ئي اهم نقطو ناول ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ روماسا جي وڏي چاچا جي ڀيد بڻيل موت کان پوءِ روماسا جي هٿ لڳل اها ئي ڊائري بيٺل پاڻيءَ وانگر ڪردارن جي بيحسي، نفسياتي پهلوئن ۽ غير سنجيدگي ڪارڻ شريف النفس سادي شخص جي زندگيءَ جو اهو باب عيان ڪندڙ آهي جيڪو بظاهر ته هيڻو، ماٺو يا گهٽ ذهن وارو آهي پر حقيقت ۾ هُو سماج ۽ رشتن جو ڏنگيل هجي ٿو، جنهن ڪارڻ ئي ڳوٺ ۾ ڍنڍ تي اڪيلو رهڻ لڳي ٿو.

روماسا جو اهو چاچا گهر ۾ والدين پاران ماڻس سان اڻ وڻندڙ روين باوجود ماٺ رهڻ کان ڪري، امڙ پاران سندس ماسي جي گهران ”ٻاهر پيري“ ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائڻ کان ڪري طلاق تائين ڏاڏي امان جي اصرار تي روماسا جي پاپا وٽ روزگار سانگي اچڻ کان ڪري سدائين سماجي، اخلاقي، فيملي روين جي لتاڙ هيٺ رهندي رهندي آخر خودڪشي ٿو ڪري ۽ جنهن بعد روماسا کي اها ڊائري هٿ لڳي ٿي ته پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ جيئڻ جو فرق به واضح ٿئي ٿو.

بيٺل پاڻي ناول ۾ ليکڪ آئيني وانگر بيٺل پاڻيءَ ۾ ڪردارن کي سندن چهرا ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته انساني روين جي لتاڙ سان حساس دل ماڻهو انتهائي سخت قدم کڻندي به نٿو ڪيٻائي.

مجموعي طور ناول جي ٻولي، موضوع ۽ ڪردارن جي مناسبت سان ٺهڪندڙ آهي ته ناول جي پلاٽ جو عروج مُنڍ ۾ اچڻ ڪري ص 26 کان پوءِ تجسس ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ناول دلچسپي جي آڌار تي پڙهي پورو ڪرڻو ٿو پوي.

نوٽ بڪ روماسا جي هٿ چڙهڻ کان پوءِ ناول جو مقصد اڳواٽ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڀيد بڻيل موت جو ڪارڻ پڙهندڙ پروڙي ٿو وٺي ۽ ناول ۾ بيٺل پاڻيءَ کي ڪيترن ئي هنڌن تي تشبيهون ڏئي روماسا جي چاچا جي زندگيءَ جا پول کولي، ڪلائيميڪس جو گس پڻ ڏسيو ويو آهي ته ليکڪ جو مقصد هيءُ آهي ۽ آخر ۾ هيئن ٿيندو. اهو ناول جو وڏو عيب آهي، جنهن ناول کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.

ناول ۾ روماسا جي فوت ٿيل چاچا سان بيٺل پاڻي متعلق تشبيهن کان ويندي، جذباتي انداز ۾ ليکڪ ڪردارن زباني جيڪو ڪجهه لکيو اهو تضاد جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو. ان مان ائين ڀانئجي ٿو ليکڪ ناول ڇپائڻ کان اڳ بار بار ناول پڙهي پوءِ منظر عام تي ناهي آندو.

ص 21: لاش پراڻو ٿي وڃڻ ڪري ڦُنڊجي چڪو هو، پر ڍنڍ جو پاڻي بيٺل هجڻ ڪري ان کي وڌيڪ خراب ٿيڻ نه ڏنو هو، پاپا چاچا وڏي جي سڃاڻپ ڪئي هئي.

ص 28 ۽ 29: اڪثر ماڻهو ماٺي پاڻيءَ ۾ ڪنڪر هڻي لهرون ٺاهڻ ۾ سڪون محسوس ڪندا آهن پر مونکي لڳندو آهي ائين ڪرڻ سان مان پاڻيءَ کي زخمي ڪري رهيو هوندو آهيان. مونکي ماٺ وٺندي آهي ۽ ماٺ ۾ آيل فطرت جا سڀ عڪس.

ص 29: بيٺل پاڻي مون کي بيحد عزيز آهي ڇو ته اهو آئيني جيان هوبهو عڪس ڏيکاريندو آهي.

ص 31: امان منهنجي چپن تي ٻيهر آڱر رکندي چيو، ٻچڙا شال خاموشيءَ جا مزا ماڻين.

ص 39: هن جي ماٺ مان اڙجي ويو آهيان. ڪنهن خاموش شخص جي ارادن جي خبر ڪيئن پوندي آخر!؟ هي ته بيٺل پاڻي آهي، جيڪو ويجهو ويندس ان کي ٻوڙيندو. اڙي ها يا نه جي ورندين ڏيندين!؟؟

ص 47: ماءُ جو پيار به ته بيٺل پاڻيءَ وانگر هوندو آهي، سدائين ساڳيو رهندو آهي، وقت، حالتون ڀلي ڪيتريون به بدتر ڇو نه ٿي وڃن، ناهي مَٽبو ته ماءُ جو پيار.

ص 83: مان اڃا ڪجهه ڪڇان ته وري چيائين، بيٺل پاڻي رڳي ٻوڙيندو ناهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻ به ٻڏي ويندو آهي.

ص 88: مون کي ئي ڏس هر وقت ۽ هر جاءِ تي خاموش رهڻ سبب سماج مون کي شانت شخص، بيٺل پاڻي، گگدام، ممڙو ۽ الائي ته ڇا ڇا سڏڻ لڳا هئا.

بيٺل پاڻي ناول جي طوالت بابت ڏسجي ته اها ناوليٽ تي پورو لهندڙ آهي. پوءِ به خبر ناهي ڇو هڪ سجيده ليکڪ ان کي ناول جو نانءُ ڏنو آهي. توڙي جو هن ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون نه هجڻ برابر آهن گڏوگڏ ناول ۾ رڳو وڻندڙ نثر تي گهڻي محنت هجڻ ڪري واقعي ۽ فن کي ثانوي حيثيث ملڻ ڪري ناول گهڻي مار کائي ويو آهي، جنهن ڪارڻ گهڻو متاثر ڪرڻ جي سگهه کان ڪوهين ڏور بيٺل نظر اچي ٿو.

ھي بہ ڏسو

خودڪشيءَ کي قبوليندڙ بيٺل پاڻي

رکيل مورائي ناول سنڌي ادب جو پراڻو ورثو نه آهي، هن جي عمر بنهه ٿوري آهي، …