ڇڙيو پاڻي
هڪ دوست ٻئي کي:
”هوءَ توکي ايتري لفٽ پئي ڪرائي ۽ تون کنگهينس به نه پيو!؟“
ٻيو مغرور ٿي وراڻيس ٿو:
”مون اڄ تائين ڇڙي پاڻي سان ”گرڙي“ ڀي ناهي ڪئي، پئيندم ڪيئن؟“
فرق
هن سوشل نيٽ ورڪ تي کيس ٽئگ ٿيل تصوير تي هڪ نهار وڌي، ٽئگ ڪندڙ همراهه تصوير ۾ شهر جي مشهور مسجد جي اڳيان اڪيلو بيٺو هو، هن هيٺ راين ۾ لکي ڇڏيو:
”هڪڙو دوست ٻيو دشمن“
ميوزيم
هو رڙيون ڪندو ميوزيم مان ٻاهر نڪري آيو، دروازي مان ٻاهر نڪرندي ڀڻڪيو، ”اڄ هڪ اکين کان نابين انڌو ميوزيم گهمڻ آيو آهي.“
عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام عباس ڪوريجي جي ادبي ويب سائيٽ