خميس , مارچ 5 2026
sd

بيٺل پاڻي: عباس ڪوريجو

مجيب اوٺو

هيءُ ناول ‘بيٺل پاڻي’ عباس ڪوريجي جو ٻيو ناول آهي، سندس پهريون ناول ‘وڻ’ هو. هن ناول جي ڪهاڻي سنڌي سماج جي آهي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار ‘چاچا وڏو’ جنهن کي بيٺل پاڻيءَ سان ڀيٽيو ويو آهي بلڪه کيس اهو لقب ڏئي، سندس شخصيت جو ٻاروتڻ ۾ ئي گلو گهٽيو ويو آهي… ۽ پوءِ مٿس زندگيءَ جا وار اهڙي طرح اثر انداز ٿين ٿا جو کيس هر ڀيري ماٺ رهڻ جي تلڪين ڪئي ويندي آهي، اها ماٺ ۽ سندس ذات جو خاليپڻو ئي ڪهاڻيءَ جي اصل تاثير آهي، جيڪا پڙهندڙ پنهنجي نڙيءَ ۾ زهرجيان محسوس ڪرڻ لڳندو آهي.

ناول ۾ جنهن عورت ‘ماءُ’ جو ڪردار چٽيو ويو آهي، سو انتهائي احساساتي ۽ دل کي ڇهندڙ آهي، ماءُ سان مرڪزي ڪردار جي اهڙي وابستگي حقيقي زندگيءَ ۾ اهڙي رويي ڏانهن سنجيدگيءَ سان توجهه ڏيڻ جو سنديس ڏئي ٿي… ناول جي راوي ‘شاميءَ’ جي ڌيءُ ‘روماسا’ آهي، جيڪا پنهنجي گهر جي ڪهاڻيءَ سان گڏ پنهنجي وڏي چاچي جي ڪهاڻي بيان ڪري ٿي… جنهن سان ناولنگار ناول جي اسلوب ۽ بيانيي کي سگهارو ڪري ويو آهي.

هن ناول ۾ موجوده سنڌي سماج جي نفسيات جي هڪ زبردست جهلڪ پسجي ٿي، جيئن ‘شامي’ نالي ڪردار Nouveau Rich Psychology ۾ مبتلا هوندو آهي، جيڪو غريبيءَ کان اميريءَ طرف تڪڙو سفر ڪندو آهي ته، سندس رويا، سوچ، طرزِ زندگي بدلجي ويندي آهي ۽ منجهس احساسِ برتري اچي ويندي آهي، ايتري قدر جو پنهنجي وڏي ڀاءُ کي به پنهنجي اميراڻي گهر ۾ رهائڻ پسند ناهي ڪندو… مرڪزي ڪردار سان سواءِ ماءُ جي ڪنهن کي به همدردي ناهي هوندي، سندس پيءُ جو ساڻس رويو بيحد ڪاوڙ ڀيريو ۽ کيس ذهني پيڙاءِ ڏيندڙ هوندو آهي، جڏهن ڪو به پيءُ پنهنجي ڪنهن ناڪاميءَ، محروميءَ يا اندر جي ڪنهن به ڪروڌ سبب پٽ مان کار ڪڍي ته اهڙي رويي ۾ پڻ ڪن نفسياتي بيمارين جون علامتون هونديون آهن، هتي هن ڪردار ۾ ڪيئي علامتون آهن.

ناول ۾ هڪ ڪردار ‘مهاڻو’ به آهي، جيڪو درياءَ، پاڻيءَ ۽ ڏانهنِ عام توڙي خاص ماڻهن جي رويي تي ڳالهائي ٿو، اهو اجتماعي بي دخليءَ جو شڪار ٿيل ڪردار آهي، جيڪو ‘شاميءَ‘ جي مهربانيءَ سان پنهنجي من پسند موضوع تي اخبارن ۾ ڪالم لکي، زندگيءَ جيئن جي ڪوشش ۾ هوندو آهي… ڪهاڻيءَ ۾ ان جي زنده دلي زندگيءَ کي ڀرپور نموني جيئڻ جو پيغام ڏئي ٿي.

ھي بہ ڏسو

خودڪشيءَ کي قبوليندڙ بيٺل پاڻي

رکيل مورائي ناول سنڌي ادب جو پراڻو ورثو نه آهي، هن جي عمر بنهه ٿوري آهي، …