بي رنگ انڊلٺ

بي رنگ انڊلٺ

بي رنگ انڊلٺ

            صبح جو پهر هو، گهٽئَ ۾ مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ هئي. وڏڙا آفيسن ڏي وڃي چڪا هئا ۽ ننڍڙا اسڪول، باقي رهيون مايون سي گهر ۾ ماٺ ڪري ٿانوَ ٻهاري ڪري رهيون هونديون، مان عشق جو سبق وٺڻ اڻ ڏٺل پر ٻڌل شخص سان ملڻ وڃي رهيو هئس، هن جو چهرو تصور هيٺ آندم، ڪو خوبصورت شهزادو اکين اڳيان تري بيٺو. ڪنڌ کي جهٽڪو هڻي خيال ختم ڪيم. اڳيان هن جو گهر هو، در تي گهنٽي به نه هئي . مجبورن هٿ سان ئي کڙڪائڻو پيو، کڙڪائيندي ٿڪجي پيس پر هن ڪو به جواب نه ڏنو. ڇا مسئلو هو، هو رهندو به بيچلر هو، اندر ٽپي پيس، در جي کاٻي پاسي ٽن دروازن سان ٻه ننڍڙيون ڪوٺيون ٺهيل هيون، جن تي اڇي ڊسٽمبر سان رنگ ٿيل هو، مٿان اڇي رنگ تي وڏن اکرن ۾’وائيٽ هائوس’ لکيل هو.

مون محسوس ڪيو ته مان بلڪل صحيح ماڻهوءَ ڏي وڃي رهيو هئس، ڪشادي گهر۾ فقط ٻه ڪمرا هئا ۽ ٻنهي جا در کليل هئا، حيرت ٿي ته گهر هو يا مسافر خانو. هڪڙي ڪمري ۾ اندر نهاريم، کٽ تي ڪو اگهور ننڊ پيل هو، اندر ٽپي پيس، هو وهاڻي کي ڀاڪر ۾ ڀري اکيون بند هوندي مسڪرائي رهيو هو، شايد ڪو’خوبصورت خواب’ ڏسي رهيو هو، مون کنڪر ڪئي ته به هو غش هو، مون ڀرسان پيل گلاس کي هٿ ۾ کڻي هيٺ فرش تي اڇلايو، هن جي نرڙ تي گهنجن جا نشان اچي ويا. اوچتو ئي وڏي رڙ ڪري اٿي پيو. مونکي ڪمري ۾ ڏسي وائڙو ٿي ويو’تون آفت خان آهين؟’

‘نه ، مان شربت خان آهيان!’

‘تون آفت خان آهين منهنجي محبت جو دشمن تون انسان چوائڻ جي لائق ناهين! مان توکي نه ڇڏيندس.’

‘او خدا جا بندا مان شربت خان آهيان ڪوڙي خان جو پٽ.’

‘. . . . . . . . ته پوءِ آفت خان ڪاڏي ويو؟’

‘استاد، ڪهڙو آفت خان؟ ‘

‘آهي هڪڙو کدڙئَ جو اولاد، منهنجي محبت جو دشمن، مان ڪيڏو خوبصورت خواب ڏسي رهيو هئس، مان ۽ ايشوريا هڪڙي هوٽل ۾ ڊنر ڪري رهيا هياسين ۽ گڏ گڏ مٺيون مٺيون ڳالهيون به، هوءَ مون ڏي سري رهي هئي ۽ مان ڏانهنس، پوءِ اوچتو آفت خان اچي ڪڙڪيو. مون تي نظر پيس ڄڻ ڪاري تي نظر پيس،  ور مان پستول ڪڍي گولي فائر ڪيائين، جيڪا ايشوريا کي لڳي، مون وڏي رڙ ڪئي ته اکيون کلي ويون. . . . پر تون ڪير آهين ڪير ۽ مونکي ڪيئن سڃاڻين؟!

استاد مان اوهان جو شاگرد ٿيڻ آيو آهيان، مون کي منهنجي دوست ‘ڦٽاڪي’ توهان ڏي موڪليو آهي.’

‘اڇا. . . . . منهنجي ناشتي لاءِ ڏوڪڙ آندا اٿئي!؟’

‘استاد حڪم ڪر ڇا وٺي اچان؟’

‘ٻه پراٺا، هڪ چانهه ۽ هڪ پشوري نسواروٺي اچ، جيستائين مان وائيٽ هائوس جو خيال لاهي اچان.’

‘جو حڪم منهنجا استاد!’

تڪڙو تڪڙو ٻاهر نڪري آيس، سوچيم ته پهرين پشوري نسوار وٺان. جيئن گرم گرم پراٺا استاد کي کارائي سگهان، نسواري واري پٺاڻ نئين نئين مانڊڻي کولي هئي، اڃان ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيو هو جو مان وڃي سلام ڪيومانس.

‘وعليڪم سلام !جوان ڇا کپئي؟!’

‘لالا!پشوري نسوار ڏي هڪڙي.’

‘جوان مون کي تو ۾ اهي جوهر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن، جيڪي نسوار ڏيندڙن ۾ هوندا آهن. ‘

‘لالا!ڇو پشوري نسوار جا موالي اڏامندا ايندا آهن ڇا؟ ‘

‘اڙي او جوان!تون اڃان کير پياڪ گگدام آهين، تو کي پارس جي ملهه جي ڪهڙي خبر!’

‘لالا نسوار وري ڪڏهن کان پارس ٿي وئي آهي؟’

‘اڙي جوان !اڄ ڪلهه جا جوان نسوارتي ناز ڪن ٿا.’

‘لالا اهو وري ڪئين! ‘

‘ڏس!توکي مون چيو نه ، ته تون کير پياڪ گگدام آهين. . . . .اها ڳالهه توکي هينئر سمجهه ۾ نه ايندي.’

‘لالا هاڻ ڀلا نسوار ڏي ته مان وڃان.’

‘چڱو هي وٺ.’

آئون نسوار وٺي پراٺن واري ڏانهن روانو ٿيس.

‘هائو سائين، گهڻا پراٺا تنهنجي لاءِ لڳايان؟’، پٺاڻ مون کان پڇيو.

‘هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، تنهنجا پراٺا کائي گهڻن ماڻهن انقلاب آندا آهن.’

‘سائين، سڀ ڪو کائيندو آهي،  اسان کي انقلاب جي ڪهڙي خبر.’

مان پنهنجي ئي سوال تي دل ۾ لڄي ٿيس، هن کي ٻه پراٺا چئي ڪائونٽر تي وڃي پارسل چانهه جو آرڊر ڏنم، ڪجهه ئي لمحن ۾ گرم چانهه جي ٿيلهي ۾ گرم گرم پراٺا  کڻي استاد جي گهر پهتس. استاد وائيٽ هائوس مان وهنجي تيار ٿي نڪتو هو ۽ وارن کي ڦڻي ڏئي رهيو هو.

‘ڏي خبر شربت !ويهه پنجويهه رپيا خرچ لڳي ويئي نه!’

‘استاد اهي به ايندي ويل فقير جا کنيا هئم. ‘

‘تون ته گهران ناشتو ڪري آيو هوندين . . . . ان لاءِ هاڻي ويهي منهنجا گرهه ڳڻ ته مان ناشتو ڪري وٺان. ‘

‘استاد تون ڪڏهن کان نسوار ڏيندو آهين!؟’

‘تقريبن ڏهه سال ٿي ويا آهن.’

‘استاد پوءِ توگهڻا ميدان ماريا آهن؟’

‘مون ميدان ماريا ناهن پر ميدان تي ماڻهو ڏٺا آهن.’

‘استاد ٻيو توهان جو عظيم ڪارنامو، جنهن کي دنيا ياد ڪندي هجي.’

‘ها هٽلر کي مون ڀڄائي ڪڍيوهو۽ ڀڄائي ڀڄائي ماري به ڇڏيو هو مانس.’

 ‘استاد اها توهان جي همٿ هئي يا پشوري نسوارجو ڪمال هو.’

‘اڙي چرٻٽ شربت!نسوار رڳو جذبو ڏيندي آهي، ڪم انسان پاڻ ڪندو آهي.’

استاد!مطلب ته سڀ انقلابي نسوار ڏيندا آهن.’

‘شربت! انقلابي نسوار ناهن ڏيندا پر نسوار انقلاب آڻيندي آهي خير تون اڃا گگدام آهين اها ڳالهه نه سمجهي سگهندين. ….. ۽ ڇا سبب آهي ، مونکان اهو سوال پهرين ڏينهن ڦٽاڪي به پڇيو هو؟’

‘استاد! ڦٽاڪو اوهان جو پڪو شاگرد هيو يا اڌ ۾ ڀڄي ويو هو؟ ‘

‘شربت!وڻ ميوي کي تڏهن پٽ تي ڪيرائيندو آهي، جڏهن اهو پچي راس ٿي ويندو آهي، هو مون سان ايترو ته سچو آهي جو توکي مون ڏانهن موڪليو اٿائين.’

‘استاد، ڦٽاڪو منهنجو دوست آهي پر هڪڙِي عادت صفا ڪني اٿس، ڇوڪري ڏسي يا سهڻو ڇوڪرولائين ضرور ملائيس، چيو مانس ته سڀ ماڻهو ان لائين جا نه هوندا آهن، ته مڃو هئائين ته سڀ ماڻهو ان لائين جا نه هوندا آهن، پر چيو هئائين ته پڇڻ ته اسان جو فرض هو.’، هڪ ڏينهن پڇو مانس،’ائين ڇو ڪندو آهين؟’ ته چيو هئائين، ‘زندگي انڊلٺ آهي، جنهن ۾ سوين رنگ آهن، هر رنگ جي پنهنجي انفراديت آهي، زندگيءَ جي اصل رنگن کي پرکڻ لاءِ بهترين طريقواهو ئي آهي ته يا ته ماڻهو چريو ٿي گهمي يا عاشق مزاج.’

‘شربت!واقعي اهو سبق ڦٽاڪي کي مون ڏنو هو ته زندگي  هڪ انڊلٺ آهي، جنهن ۾ سوين رنگ آهن، ڇو جو ڦٽاڪو مونسان ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو، جنهن ڳالهه جي ثابتي ڏيڻ چاهيندو هو ته ڳالهه کان اڳ قسم کڻي چوندو هو ته استاد سفاري پارڪ کان وٺي گارڊن تائين ۽ گارڊن کان وٺي واٽر پارڪ تائين سڀني رهندڙ سهڻن جو قسم . . . . . پر يار شربت!زندگي ڦٽاڪي لاءِ اڃا به رنگ برنگي انڊلٺ آهي پر منهنجي لاءِ زندگي اهي رنگ وِڃائي ڇڏيا آهن. منهنجي لاءِ زندگي بي رنگ انڊلٺ بڻجي وئي آهي.’

‘حڪم ڪر استاد رنگن جو دٻو وٺي اچان. ‘

‘تنهنجو نالو ئي شربت آهي، تون زندگيءَ جي ڪوڙاڻ کي نه سمجهي سگهندين!’

‘استاد منهنجي پيءٌ جو نالو ڪوڙو آهي. ‘

‘شربت تنهنجي پيءٌ ساري حياتي ڪوڙاڻ  ڏٺي هوندي، تڏهن ته تنهنجو نالو شربت رکيو اٿس.’

‘نه استاد مونکي منهنجي ماءٌ ٻڌائيندي آهي ته ڇٺيءَ جي ڏينهن مٺي ڀت ۾ سانڊي ڪري پئي هئي، ان ڪري ڀت جو ديڳڙو ٻاهر اڇلائي آيا هئا ۽ ٻيا چانور نه هجڻ جي ڪري ڇٺيءَ جي ڏينهن شربت ورهايو هئائون، ان جي ڪري منهنجو نالو شربت خان مشهور ٿي ويو.’

‘شربت ڪڏهن عشق ڪيو اٿئي؟’

‘استاد ان جي ڪري ته تو وٽ آيو آهيان ته جيئن عشق جو فلسفو سمجهي سگهان.’

‘ڀلا!ڪنهن سان پيار ڪيو اٿئي؟’

‘استاد ڀلا عشق ۽ پيار ۾ به فرق هوندو آ ڇا؟’

‘شربت!پيار هڪ ننڍڙو جذبو هوندو آهي، باقي عشق سمنڊ اٿئي سمنڊ.’

‘استاد!لڳي ٿو ته عشق فقط ملاح ڪندا هوندا، سمنڊ سان، باقي ٻيا اڻ تارو ڪيئن ۽ ڇالاءِ ٻڏندا. ‘

‘شربت!اهو عشق ئي ته آهي جنهن منهنجي رنگ برنگي انڊلٺ کي بي رنگ بڻائي ڇڏيو آهي. ‘

‘استاد ڀلا اهو عشق ڪيئن ٿيندو آهي؟’

‘شربت جڏهن پيار جون منزلون پوريون ٿينديون آهن۽ پوءِ به دل ‘کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان. . . . . . . تن ۾ تنئوس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان، جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي’، چوي،  ته سمجهه عشق شروع ٿي ويو.’

‘استاد مونکي سڀني سنڌي اخبارن، رسالن ۽ چئنلن جا نالا ياد ٿي ويا آهن پر پوءِ به گهر وارا چوندا آهن ته مونکي هر ڳالهه دير سان سمجهه ۾ ايندي آهي. ‘

‘هائو يار شربت،  اهڙي غلطي مونکان به ٿي وئي هئي.’

‘اها وري ڪيئن استاد؟ ‘

‘هئَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ڦٽاڪو مون سان گڏ هوندو هو ۽ اسان ڪمپيوٽر  جي ٽيوشن وٺڻ لاءِ ويندڙ ڇوڪريءَ کي تنگ ڪندا هئاسين، هڪ مهيني جي جفاڪشئَ کان پوءِ مس وڃي ڇوڪري مرڪي ڏٺو هو ۽ ڦٽاڪي کي سڏي پڇو هئائين، ‘توهان ڪير آهيو ۽ ڇا ٿا چاهيو!؟ ‘

‘مان ڦٽاڪو آهيان ۽ هو منهنجو استاد آهي.’، ڦٽاڪي ٻڌايو هئس.

‘چڱو پنهنجي استاد کي چئو ته سڀاڻي مون سان ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ملي.’، ائين چئي هوءَ هلي وئي هئي.

ٻئي ڏينهن مان ڪمپيوٽر سينٽر ۾ ويو هئس، هوءَ اڃان نه آئي هئي، اتان جي ائڊمنسٽريٽر مون کي جو وائڙو ڏٺو ته پاڻ وٽ سڏايائين.

‘داخلا وٺڻ آيا آهيو!؟’، هن پڇيو هو.

‘ها. ‘، گهٻرائجي چيو هئم.

‘ايم ايس آفيس جو ڪورس ڪندئو، گرافڪس جو يا انٽرنيٽ جو؟’، هن پڇيو هو.

‘ڇوڪريون ڪهڙو ڪورس گهڻوڪنديون آهن ؟’، مون پڇيو هومانس.

‘ڇوڪريون ته اڪثر انٽرنيٽ جو ئي ڪورس ڪنديون آهن. . . . . اوهان به اهو ئي ڪندا؟’

مان اڃان ٻڙڪ ٻوليان ئي هان جو هوءَ اچي وئي، مونکي ڏسي ٻاهر اچڻ جو اشارو ڏنائين، ٻاهر ٺهيل سيمنٽ جي ڪرسين تي وڃي ويٺي.

‘تنهنجو نالو ڇا آهي ۽ تون مون مان ڇا ٿو چاهين؟!’ منهنجي پهچڻ شرط ئي سوال ڪيائين.

‘مان پروانو آهيان، شمع جي ڳولا ۾ آهيان، مان اڃارو پکي آهيان، ڍنڍ جي ڳولا ۾ آهيان، مان ٿر_تتو آهيان، وسڪاري جي ڳولا ۾ آهيان.’، جملي بازي ڪندي چيو هئم.

‘جيڪڏهن راهه ڀليل آهين ته واهرو کان گس پڇ، جي اڃارو آهين ته ڀٽائيءَ ڏي ڏس:

‘کامان، پچان، پڄران، لڇان ۽ لوچان،

 تن ۾ تنئوس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،

جي سمنڊ منهن ڪريان ته سرڪيائي نه ٿئي’

منهنجي تڙپ به ڪجهه اهڙي ئي آهي.’ گهٻرائجي چيو هومانس.

‘مون کي ڪناري جي وٽ تي بيهي لهرن ۾ نهارڻ وارن ۾ ڪو ويساهه ناهي، اهي محبت جي ‘ميم’ کان به اڻ واقف هوندا آهن.’

‘جيڪڏهن گهر ويٺي ليلا ملي ها ته مجنون دربدر نه ٿئي ها.’

‘مونکي انهن غير حقيقي ڪهاوتن سان ڪابه دلچسپي ناهي، مان فقط حال ۾ رهندي آهيان.’

‘توهان جي ان حال اسان کي بيحال ڪري ڇڏيو آهي.’

‘ پروانا!!’، اهو چئي هوءَ چپ ٿي وئي هئي.

شربت اگر مان واقعي پروانو هجان ها ته هن جي ائين پروانا پڪارڻ تي فدا ٿي وڃان ها.

. . . . . . . ۽ائين اسان جون ملاقاتون روز جو دستور بڻجي ويون، هوءَ مونکي مجاز مان ڪڍي حقيقت ڏانهن آڻڻ چاهيندي هئي. ۽ مان حقيقت ڄاڻندي به مجاز طرف ويندو هئس.

انهن ڏينهن ۾ ڦٽاڪو به مونکي ڇڏي هليو ويو هو.

هڪ ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ مون هن جي هٿ ۾ هٿ ڏيڻ گهريو هو، ان ڏينهن هوءَ ڪاوڙجي هلي وئي هئي ۽ هُن مونسان ٽي ڪلاڪ فون تي ڳالهايو هو ۽ آخر ۾ ائين چئي فون بند ڪري ڇڏيو هئائين ته ننڍڙن ٻارن وٽ پارس جو ملهه ڪنهن بلور کان وڌيڪ نه هوندو آهي.’

اهو ڏينهن هي ڏينهن مون وري هن کي ناهي ڏٺو، خبر ناهي هوءَ مونکان ڪيترو پري هلي وئي آهي. . . ۽ هاڻي جڏهن حقيقت کي سمجهي رهيو آهيان ته مونکي هوءَ واهرو جيان  ٿي لڳي، هاڻي فقط زندگيءَ جي انڊلٺ بي رنگ ئي بچي آهي.’

‘پر استاد صبح وارو آفت خان وارو مامرو!؟؟’

                                   ‘ها يار شربت!ڪڏهن ڪڏهن خوبصورت خوابن جي ذريعي دل خوش ڪري وٺندو آهيان، پر يار شربت، هاڻي تنهنجي مرضي ته تون زندگئَ کي رنگين بڻائين يا بي رنگ انڊلٺ، ڇو جو عشق ناهي راند جو کيڏنس ڳڀرو.

****

ان جهڙيون پوسٽون

1 رايو

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *