منظور ڪوهيار جون صوفي ڪهاڻيون
سوري آهه سينگار
عجيب رنگ هو، اُن رات 6 جمادالاول جو چنڊ مصري ڪٽار جيان، لاڙڪاڻي جي ڀر ۾ ابڙا ڳوٺ جي تڪيي مٿان چمڪي رهيو هو. تارن
جي جھيڻي روشني ۾ بظاهر ويٺل ماڻهو چپاتا پئي لڳا. فضا ۾ سر ڪلياڻ جا بيت پر سوز انداز ۾ پئي گونجيا. تمر فقير جي سرواڻي ۾،
راڳي فقيرن، دنبورن جي تارن کي ڇيڙيندي، پرتاثير آلاپن سان ويٺلن کي وحدت جي وادي پئي گھمائي. سندن سامهون مرشد لطيف منهن
موُنن ۾ هڻي، سُڪوت ۽ صبر جي صورت لڳو ويٺو هو. مريدن، مرشد جي اڳواڻي ۾ زمان ۽ مڪان کي اورانگهي، اُهي اُهي نظارا پئي
پسيا، جنهن جي جيتري پهچ ۽ سگھه هئي.
تمر فقير جڏهن اِن بيت جي ڏِس ڪئي ۽ ڀر ۾ ويٺل فقير سيد نقي، پنهنجي مٺڙي آواز ۾ ورجائي آلاپيو:
’سوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون
وڃڻ تن پئو، نالو نينهن ڳنهن جي‘
ته ويٺل ماڻهن کان دُرڙيون نڪري ويون. هرڪو نينهن وندن جي انهيءَ عجيب انداز واري ڪانڍ تي حيران هو. اڃا انهيءَ حيرانگيءَ ۾ هئا ته
تمر فقير سُرائتو سڏ وجهي ’وو! وو‘ ڪندي ٻيو بيت پڙهيو:
سُوريءَ سڏ ڪري، اُڀي عاشقن کي،
اَٿيئي سڌ سَڪڻ ۾، ته ڪهه ۾ پير پري،
سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
ته ويٺلن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته عشق جي اوکي راهه ۾ سرَ جي سودي کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي.
تمر فقير ، هٿ دنبوري جي ٿاري تي هڻندي ڪلياڻ جو جڏهن اِهو بيت سٽ سٽ ڪري پڙهيو ته،
’سوريءَ مٿي سيڻ، ڪهڙي ليکي سنرا،
جيڏانهن لڳا نيڻ، ته سوريائي سيڄ ٿي‘
ته سڀن کي اِها ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي ته عشق جي اُتانهين منزل تي رسندي، سوري به سيج بڻجي ويندي آهي. راڳي فقيرن جو آواز جيئن
پوءِ تيئن کُلندو ۽ اندر منجھه پيهبو پئي ويو. عشق جي اؤکي منزل وارو سبق اُن وقت چٽو ٿي ويو. جڏهن عاشقن جي اصلي ڪم واري
وضاحت اِن بيت مان ٿي:
’سُوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اي ڪَم عاشقن
اوءِ پانهون ڪين پسن، مُڙڻ موٽڻ ميهڻون‘
وجداني ڪيفيت ۾ ايندي، فقيرن جڏهن عاشقن جي بردباري ۽ گنڀيرتا بابت، ڀير تي ڏونڪي مثل بيت کي پنهنجي الستي آوازن ۾ اُ ٿاريو
ته،
’سُوري آهه سينگار، اصل عاشقن جو،
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نظاري نروار،
ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن سين‘
اِن بيت جي ٻڌڻ کانپوءِ مرشد لطيف آهستگيءَ سان منهن مُونن مان ڪڍيو ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي فرمايو:
’سبحان الله! ايندڙ وقت جي هڪ اهڙي عاشق جو نظارو ٿي ويو ....‘
اهو ٻڌي، ڪافي مريد حيرانگي ۽ تجسس جي تصوير بڻجي ويا. راڳائي فقيرن هڪدم وقفو ڪندي، سواليه نگاهن سان مرشد کي ڏٺو، ڄڻ
سندن اندر ۾ اِن راز جي آگاهي لاءِ آنڌ مانڌ مچي وئي. نيٺ تڪيي جي هڪ ٻهاريدار فقير، جانب کوکر کان رهيو نه ٿيو، هٿ ادب جا ٻڌي
عرض ڪري ويٺو:
’سرڪار، اسان کي به آگاهي ملي، ته مالڪن ڪهڙو نظارو پسيو؟‘
’هڪ اهڙو عاشق، جيڪو هن رات، هن وقت سوريءَ کي سينگار سمجھي چڙهندو ۽ اسان جي ان بيت جي گواهي بڻبو.‘ مرشد لطيف ڌيرج
سان وراڻيو.
’هادي مرشد، اُهو ڪير هوندو؟‘ ويٺل فقيرن مان، سائين جي ’چنگل گھوڙيءَ‘ جي خدمتگار فقير احمد سمي هٿ جوڙي عرض ڪيو.
’اهو اوهان کي، هن تڪيي جو وڏو فقير حاجي خان ڪُماريو ٻڌائيندو. جيڪو اسان سان اِن نظاري ۾ ساڻ هيو.‘ مرشد لطيف، حاجي خان
ڏانهن ڏسندي وراڻيو.
سڀ سواليه نگاهون، حاجي خان ڪمارئي طرف کڄي ويون. حاجي خان ڪمارئي ، مرشد جو حڪم اکين تي رکيو ۽ ٻڌائڻ لڳو:
’ 1399هه، 6 جمادالاول جي رات هوندي ۽ چيٽ جي 22 تاريخ ـــ آڌيءَ جو نازن سان پليل ۽ ڪجھه ڪچاين ڦڪاين سان سلهاڙيل، هڪ انسان،
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آرامي هوندو. بي ساڱاهه ۽ بي قياس ماڻهن جي ننڊ ڦٽل هوندي. هو سوريءَ کي سينگارڻ ۾ مشغول هوندا ۽ حيرت زده
هوندا، اِن جي انداز تي ..... هو چاهيندا ته ان جو هميشه هميشه لاءِ انت آڻي ڇڏين ڇو ته سندس وڏي ۾ وڏو ڏوهه، اِهو هوندو، ته هن وقت جي
ناحق وند ۽ ناگرنٽ ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو هوندو ــــ جيڪي وحشت، دهشت ۽ منافقي جا مثال هوندا.
وقت جا ويڪائو منصف، سندس اِنهيءَ انداز تي کيس ڌمڪائيندا ۽ چوندا ته هو آڻ مڃي. پر هو راڄ راهو ۽ رتول مڙس سيني تي هٿ هڻي
چوندو، ته مان اوهان جي هٿان ته مرڻ چاهيان ٿو، پر تاريخ جو موت قبول نه ڪندس.
جڏهن هُو پرُياتو ۽ پاونگ، اگھور ننڊ ۾ ستل هوندو، ته هو وقت کان اڳ، آڌيءَ جو کيس اُٿاريندا. هُو نرڀئه انسان آرام سان اُٿندو. وهنجي
سهنجي تيار ٿيندو. بي ڌڙڪ ٿي سُوريءَ طرف وڌندو، جلاد کي چوندو، ته سندس هٿ نه ٻڌا وڃن ۽ نه ئي کيس منهن تي ڪارو ٽوپ پهرايو
وڃي. ڇو ته هو سينگاريل سوريءَ کي ڳلي جو هار ڪري پائڻ گھري ٿو. پر جلاد نه مڙندو. هو کيس ڪارو ٽوپ پهرائي، هٿ پٺيان ٻڌي ڦاهي
چاڙهيندو. هو ڳپل وقت تائين ڦاسيءَ جي ڦندي تي جھولندو رهندو. ايستائين جيستائين قفس جو پکي پر هڻي اُڏامي نه وڃي ......
سندس لاش کي سوريءَ تان لاهي، سپاهه جي پهري ۾ دفنائي مشهور ڪيو ويندو ته هُو وڏو ڏوهي آهي. پر دنيا جا سڀئي ساڃاهه وند ۽ سُمانا
ماڻهو گواهي ڏئي چوندا، ته هو گل وانگر بي ڏوهي آهي.‘
’حاجي خان، اِهو اَڙٻنگ عاشق ڪهڙي ذات ذمات وارو هوندو؟‘ وڏيري سردار خان ڪمارئي کائنس تجسس وچان پڇيو.
’ادا، ڏات ناهي ذات تي، جيڪو وهي سو لهي. اِهو اسان جي ئي تر جو عاشق هوندو.‘ وڏي فقير حاجي خان وراڻيو.
’سبحان الله! ـــ اهڙي سُوريءَ جي سينگار عاشق کي اسان جو سلام آهي.‘ وڏيري سردار خان عزت ۽ احترام وچان وراڻيو.
راڳي فقيرن جڏهن مرشد لطيف، کي منهن مُونن ۾ هڻندي ڏٺو، ته دنبورن جي تندن کي وري ڇيڙي ڇڏيائون ـــ تمر فقير جڏهن ڏِس ڪئي ته
پٺيان هاشم فقير ۽ عرس ساند سُر جھلائيندي ورجايو، ته هڪ نئون بيت نروار ٿي نڪتو:
’سوري سينگاري، اُڀي عاشقن کي
لُڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري
ڪوٺيو ڪناري، آڻيو چاڙهيو اُن کي.
بيت جي اِنهيءَ ورلاپ کانپوءِ، تڪئي تي ويٺل مريدن ايئن محسوس ڪيو، ڄڻ مرشد جي ان بيت زمان ۽ مڪان کي اورانگھي، اُن عاشق
کي هميشه هميشه لاءِ پار پهچائي ڇڏيو.