منظور ڪوهيار جون صوفي ڪهاڻيون

فراق جي منزل

 مائي ’طوطيءَ‘ جي ھنج ۾ ’مانجھي‘ جو مٿو رکيل ھو. مانجھيءَ جي پيشانيءَ ۽ ڌڙ تي زخمن جا نشان مرڪي رھيا ھئا. مائي

طوطيءَ اندر جي دانھن کي ته دٻائي ڇڏيو ھو، پر اکين مان نڪتل ڳوڙھن تي وس نه ھلي سگھيس.ڳوڙھا ڳلن تان ٿيندا، ٽپ! ٽپ!

ڪندا ڪرندا، عشق جي ڀيٽا ڏيندا رھيا.

پورا اَٺ سال اڳ، مانجھيءَ  جو ڪجھه ٻيو رنگ ھو. مائي طوطيءَ کي ياد پئي آيو.سردين جا ڏھاڙا ھيا.ڀنڀرڪي مھل،مائي طوطي،

لاڙڪاڻي شھر جي قافله سراءِ جي ڀر ۾، مڱڻهارن جي محلي مان اڪيلي سر نڪتي ھئي. اناج منڊي واري گھٽي وٺي، بندر واري

شاھي سڙڪ تي پھتي ته ڏٺائين، پپل جي شاھي وڻ ھيٺيان ڏاند گاڏيءَ تي ڪو ڄڻ سندس انتظار ۾ ويٺو آھي. ھوءَ جيئن ئي ڀرسان

لنگھي ته ان وٽر سٽر ھمراھ ٺڙڪ ھنيس: ’مير خان ابڙي جي ڳوٺ تائين پھچندي پھچندي پير پٿون ٿي پوندئي، اسان ڇڏي اچڻ لاءِ

حاضر آھيون ..!‘ جيتوڻيڪ، مائي طوطي آواز سڃاتو ھو، پر کيس لئوڻو ھڻي به نه نھاريائين، صرف اھو جواب ڏنائين: ’جي مرشد

ڏانھن ويندڙ راھه ۾ پير پٿون ٿي پيا، ته ان کان وڌيڪ ٻيو انعام ڪھڙو آ.‘

’تنھنجا پٽن جھڙا پير پٿون ٿي پون، ته ٻڌاءِ ڀلا مانجھي سھي سگھندو؟‘ ڏاند گاڏي سوار ڏاندن کي ھڪليندي چيو.

’مانجھي، توکي اڄ ڪيئن خبر پئي ته مان ڪيڏانھن وڃڻ واري آھيان؟ مائي طوطي، ڳالھه کي وٽ ڏئي سوال ڪيس.

’اھو ئي تنھنجي ٻين عاشقن ۽ مون ۾ فرق آھي. ان ڪري ته مان تنھنجي ھر خبر رکندو آھيان.‘ مانجھيءَ ٿڌو ساھه ڀريندي چيس،

”طوطي، مڃين نه مڃين، منھنجو توسان سچو عشق آھي.‘

 ’عشق جي منزل ڏاڍي اؤکي آھي. تنھنجو عشق منھنجي جسم ۽ آواز تائين محدود آھي ۽ منھنجي عشق جي منزل اڻ کٽ

آھي.مانجھڻ! تون مون سان ڪيئن ھلي سگھندين؟‘ مائي طوطي، گھرو ساھه کڻي وک تکي ڪئي ته مانجھڻ به ڏاندن کي

’کٻي‘ڪئي.

ھاڻ، ھُو اولھه طرف مڙندي زيتونن جي باغن جي وچان نڪرندڙ، ڏاند گاڏيءَ واري چاري تي ھلي رھيا ھيا. زيتونن جي ھلڪي

خوشبو ھوا ۾ سمايل ھئي. مانجھي،  طوطيءَ کي حيرت وچان تڪيندو پئي ھليو. ته شھر جي نرم نازڪ، سريلي عورت به ايڏي

مضبوط ۽ اڏول ٿي سگھي ٿي. جنھن کي تھه سياري جي پاري جي به ڪا پرواھه ناھي. سا به پيرين اگھاڙي. ھوءَ رڳو ڪالھه ’مانڊي‘

۾ بيھي عاشقن وچ ۾ اظھار ڪري ھا ته اڄ  اٺن، گھوڙن ۽ ڏاندگاڏين جا قافلا بيٺل ھجن ها. اھو ته ڀلو ٿيو طوطيءَ جي ساھيڙيءَ

’مينا‘ جو، جنھن کيس ٻڌايو ھو، ته سڀاڻي طوطي لوڪان لڪي، اسر ويل مير خان ابڙي جي ڳوٺ ويندي، مرشد جي ديدار لاءِ .

ڪجھه دير جي خاموشيءَ کانپوءِ، مانجھي چوڻ لڳو، ’مان ڇا ڪيان طوطي، تنھنجين ڀنڀين مٿان اھڙو ڀنڀولجي پيو آھيان، جو

جيئن ڇڏائڻ جي ڪيان ٿو، تيئن وڃان ٿو ڦاسندو.‘

’تنھنجي ذات وارا توکي نڀائڻ ڏيندا؟‘ طوطي ڏاڍو ڏکيو سوال ڪري وڌس. پر مانجھي آسان لفظن ۾ جواب ڏنس، ’طوطي! اھي

ڀل پنھنجي ڪَنِ، پر مان پنھنجي ڪندس.‘

سج اوڀر مان ڪني مس ڪڍي ته ھو سيوھاڻي سڙڪ تي پھچي چڪا ھيا. سيوھاڻي سڙڪ جيڪا ساٺيڪو ھٿ کن ويڪري ھئي.

جنھن کان ننڍا وڏا قافلا بنا ڌوڙ اڏائڻ جي اتر، ڏکڻ آيا ويا پئي.

’ھاڻ ته ضد ڇڏ طوطي! ھي ڏس، مان گاڏيءَ کي تولاءِ ڪيڏو نه سجايو آھي!‘ مانجھي، نئين جُوالَ ۾ وڌل پلال مٿان، ٽڪُ جي

وڇايل خوبصورت رلين جي طرف اشارو ڪندي ڌيان ڇڪايس.

’چڱو، مان جُوالَ تي وڇايل رليءَ مٿان ھٿ رکي ھلان ٿي. جيئن تو عاشق جيئڙي کي آسيس ملي. ھاڻي ته بس نه؟‘

مائي طوطي، مانجھيءَ جي خوشيءَ خاطر، رليءَ تي ھٿ رکي، گاڏيءَ پٺيان ھلڻ لڳي. پر مانجھي اڃا بي مزي ھيو. ان ڪري وري

وينتيون ڪرڻ لڳس:

’اڃا ٻه ڪوھه کن ٿيندا. ڀلا گاڏيءَ جي دُري تي چڙهي، ڪجھه ساھي ته پٽ!؟

’مانجھڻ! دُري جو سھارو ڪھڙو وٺجي. عشق جي راھه ۾ ھلڻ لاءِ مرشد جو سھارو ئي ڪافي ھوندو آھي.‘ طوطيءَ سمجھايس.

’ڀلا جيستائين، پنھنجي مرشد وٽ پھچين، تيستائين ته ڪجھه ٻڌائيندي ھَلُ؟!

مانجھي، سفر ۾ ھلندي ڪَنُ رس وٺڻ پئي چاھيو. طوطيءَ ڪن تي ھٿ رکي، سر سامونڊيءَ جي وائي ڳائڻ شروع ڪئي:

اکيون پير ڪري وڃجي، پر وڃجي

سپريان جي ڳالھڙي، ڪنھن سان ڪين ڪجي

لڪائي لوڪ کان، ڳوٺان ڳجھڙي نجي

محبتي ميھار جو، سور نه ڪنھن سلجي.

سيوھاڻي سڙڪ تان گذرندڙ قافلن جي اٺن، گھوڙن ۽ ڏاندن جون ڇيريون، ٽليون، چڙا ۽ ڍنڀريون بيھجي ويون. ائين لڳو ڄڻ ڪجھه

ساعتن لاءِ وقت بيھجي ويو آھي. ڪو الستي آواز ھيو، جنھن دلين کي گرمائي ڇڏيو. جنھن به واٽھڙو ڪن ڏئي ٻڌو، ان جو روح

تڙپي اٿيو.

مانجھي گاڏيءَ تي ۽ پٺيان مائي طوطي ھلندا رھيا. ھڪ لنگھندڙ گھوڙي سوار کين ڏسي مٿن ٽوڪ ڪئي:

”عاشق بيل گاڏيءَ تي ۽ معشوق پنڌ ڪھڙو نه انڌير آھي!؟

مانجھيءَ کي واٽھڙوءَ جي ٽوڪ ڄڻ تير ٿي لڳي. رڙ ڪندي طوطيءَ کي چيائين: ”ٻڌئي ٽوڪ!، اڃان به پنڌ ھلندئينءَ؟‘

’مانجھڻ عشق ۾ ته ملامت ملندي آھي. تون ڇو ٿو ڊڄين ....؟ ھُو اڻڄاڻ ھو. ھن کي ڪھڙي خبر ته اصل عاشق ڪير آھي؟ طوطيءَ

ڌيرج وچان چيو.

ڳالھائيندي ٻولھائيندي ٻنھي کي خبر ئي نه پئي ته ڳوٺ مير خان ابڙي وارو لاڙو اچي ويو. گوبر ڏاند ھاڻي ويھارو کن ھٿ

موڪري رستي تي ڦوڪارا ھڻندا اولھه طرف مڙيا. چوڌاري چڻن ۽ مٽرن جي گلن جي نيراڻ پئي نظر آئي. ڪٿي ڪٿي ڊگھين چيرن

مان ناڙي ڪيل ڪڻڪ جا ساوا سلا ڪرُ کنيون بيٺا ھيا. واھن جي ڪڙن سان چھچ ساين ٻيرين ۽ ٻٻرن جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو

ھيو. ڳوٺ مير خان ابڙي جون ماڙيون جيئن پوءِ تيئن صاف نظر اينديون پئي ويون. مانجھيءَ کي اوچتو ھڪ وھم ويٺو، ھن مائي

طوطيءَ کان پڇيو:

”طوطي، تنھنجو مرشد مون کي ڏسي ناراض ته نه ٿيندو. جڏھن کيس اھا خبر پوندي ته مان تنھنجو عاشق آھيان؟ ۽ سندس مريد

سردار خان ۽ حاجي خان ڪماريئي وارا به جنگ جوان آھن. مان ته پوءِ جنجار ۾ اچي ويندس!؟‘

’تون عاشق آن، تون ڇو ٿو ڊڄين؟ سچي عاشق لاءِ ته منھنجي مرشد فرمايو آھي:

اصل عاشق پنھنجي، سسي نه سانڍين

لاھيو سر لطيف چئي، ساھه سلھاڙيو ڏين

ڪُلھنئون ڪورين، پڇن پوءِ پريتڻو.

مائي طوطيءَ سچن عاشقن بابت لطيف جو بيت ٻڌايس، ته مانجھي ڪنھن گھري سوچ ۾ ٻڏي ويو.

ڳوٺ مير خان ابڙي جي سامھون، اتر طرف مٽيءَ جو دڙو نظر پئي آيو. جنھن تي ھڪ ڪچي مسجد سادگي واري شان سان ڪَرُ

کنيون بيٺي ھئي. چوڌاري کبڙن جا جھنڊ ھيا. دڙي تي ماڻھن جا انبوھه نظر پئي آيا. ڄڻ جھنگ ۾ رنگ لڳو پيو ھيو. دڙي ڏانھن

اشارو ڪندي، طوطيءَ، سارنگ کي چيو:

”ايڏانھن ھل! ايڏانھن منھنجي مرشد سائين جو تڪيو اٿئي.‘

 مانجھي ھڪدم، مھارون ڇڪي گوبر ڏاندن کي اوڏانھن لاڙيو. دڙي جي وٽ ۾ بيٺل ھڪ کٻڙ جي ھيٺيان ڏاندن کي پاڃاري مان

ڪڍي، انھن کي  وڻ  سان ٻڌو ۽ طوطيءَ جي پٺيان ھلڻ لڳو. طوطيءَ سان گڏ مانجھي جيئن ئي دڙي تي چڙھيو، ته ڪجھه فقير

ڪجھه تنبير لاڙي مڪڙن گھوڙن تي حال وسلا ۽ ٻيو سامان سرڙو ٻڌي رھيا هئا. ٿورو پر ڀرو ٻه پاونگ جوان، سردار خان ۽ حاجي

خان بيٺا ھيا. جن طوطيءَ کي مٿي تي ھٿ رکي ۽ مانجھيءَ ڏانھن ھٿ وڌائي آجيان ڪئي:

’ڀلي آئيه! جيءُ آئيه! مرشد جي ديدار لاءِ بابا!‘

طوطيءَ جا قدم تيزيءَ سان مرشد جي ديدار لاءِ تڪيي ڏانھن وڌڻ لڳا ۽ پويان مانجھي، ڪنھن ليلي جيان ھلي رھيو ھو. مرشد جي

نگاھه جيئن ئي طوطيءَ جي کھه لڳل پيرن تي پئي ته ھڪدم پڇيائين: ’ٻچا، پنڌ آئي آن؟‘

’ھا، مرشد لطيف!‘

طوطي گوڏا ڀڃي ويٺي ته مرشد مٿي تي ھٿ رکي آسيس ڏنس ۽ جڏھن مانجھيءَ تي نظر پيس ته طوطيءَ کان مشڪندي پڇيائين،

’ھي ڪير آھي؟‘

  ”سائين، ھي منھنجو ڀونئرآھي!‘ طوطيءَ مشڪندي وراڻيو.

 مرشد لطيف جي زبان مان ازخود نڪتو:

’ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀونئر ڀري آڪاس،

ٻنھي سندي ڳالھڙي، رازق آندي  راس،

تنھين عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.

ڀنئور! نيٺ حضرت عشق،توکي به اسان وٽ وٺي آيو؟‘ مرشد مانجھيءَ سان مخاطب ٿيو.

 مانجھي شرمندگيءَ وچان وراڻيو، ’سائين، منھنجي عشق جو رنگ ته ڪچو ڦڪو آ. منھنجو ڪھڙو عشق آھي!؟‘

”ٻچا عشق جا رنگ انيڪ آھن. اھو به ھڪڙو رنگ آھي، پوءِ کڻي ڪچو ئي سھي.تون ٻڌاءِ ڪير جوان آھين؟‘

’سائين، مانجھي نالو آھي. ذات جو جيھو ابڙو آھيان. لاڙڪاڻي جو ويٺل آھيان.‘ مانجھي نھٺائيءَ نماڻائيءَ سان جواب ڏنو. 

’جيھا جي تيھا، مون مارون مڃيا. ٻچا! اسان کي ڪچا ڦڪا سڀ قبول آھن.‘ مرشد لطيف جڏھن مشڪندي چيو ته مانجھيءَ جي دل

۾ پيدا ٿيندڙ سڀ وھم ۽ خوف ختم ٿي ويا. کيس ھڪ عجيب قسم جي آٿت ملي ۽ قربت محسوس ٿي. طوطيءَ، مانجھيءَ کي

ڏسندي مرشد لطيف کي عرض ڪيو.

’سائين، ھن کي به ڪو اھڙو رنگ عطا ڪيو، جيڪو دائمي ۽ پڪو ھجي.‘

مرشد لطيف، مانجھيءَکان پڇيو، ’ھا ٻچا؟‘

’سائين، جيڪو اوھان رنگ عطا ڪندءُ، سو قبول آھي.‘ مانجھي سيني تي ھٿ رکي وراڻيو.

 مرشد لطيف ٿوري دير استغراق ۾ ھليو ويو. جڏھن اکيون کولي اھا نظر ڪيائين ته مرشد لطيف جي گھرين ڪارين اکين ۽

پروقار پيشانيءَ ۾ ڄڻ مانجھي سمائجي ويو ۽ پوءِ مرشد فرمايو:

’مانجھي، اسان توکي ڌرتيءَ جي عشق وارو رنگ عطا ڪيون ٿا. جيڪو مرڻ گھڙيءَ تائين نه ويندءِ. بس، رڳو ھي بيت ھر دم ياد

ھجئي:

ھڻڻ ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مرَڪُ،

وجھن تان نه فرق، رُڪ وھنديءَ راند ۾.

مانجھيءَ جو سرُ، ازخود مرشد لطيف جي قدمن تي ڪري پيو. مرشد ھٿن جي سھاري سان سندس جھڪيل ڪنڌ مٿي ڪيو. مائي

طوطيءَ جي خوشيءَ جي انتھا نه رھي. سندس اکين مان خوشيءَ جا ڳوڙھا نڪري آيا. ھن روئي پلئه سان اکيون اگھندي مرشد

لطيف کي ھڪ ٻي ارداس ڪئي:

’سائين مرشد! مون کي به ھن سان گڏ ڪو دائمي رنگ عطا ڪيو؟‘ مرشدلطيف، مائي طوطيءَ ۽ مانجھيءَ کي ڏسي مشڪندي

وراڻيو:

’توکي اسان اھو آفاقي رنگ عطا ڪيون ٿا. جنھن سان فراق جي منزل ماڻيندي، تنھنجي دل، خوف، وھم ۽ وسوسي جو شڪار نه

ٿيندي. رھبريءَ لاءِ ھي بيت ڪافي اٿئه:

جيڪي فراقان، وصالان نه ٿئي

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.

”بسم الله! سائين قبول آھي.‘ مائي طوطيءَ دل سان اقرار ڪندي وراڻيو. اکيون بند ڪري، گھرو ساھه کڻي، مائي طوطيءَ بيت سُر

سان ورجايو.

”جيڪي فراقان، وصالان نه ٿئي

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو

ته فقيرن جوش ۾ اچي نعرا ھنيا: ’جيئي لطيف!‘

’سدا جيئي!

نيري ٽيپھريءَ جو جڏھن مرشد لطيف ڀٽ ورڻ لاءِ اھو بيت چئي، چانڊڪا پرڳڻي جي سڀني مريدن کان موڪلايوته :

ڪڻا منجھه قرار، جي ھيڪاندا ھئا سنگ ۾

ڳاھي ڳاھه فراق جي، ڪيڙا ڌارئون ڌار

نه ڄاڻان ٻيھار، ڪير ملندو ڪنھن سين.

اھو ٻڌي سڀني مريدن ۽ فقيرن جون اکيون آلو ماھه ٿي ويون. جيستائين مرشد جو قافلو ڏسڻ ۾ آيو. آسروند اکيون ڏسنديون

رھيون اِنهيءَ آس سان، ته ڪڏھن نه ڪڏھن  وري مُکا ميلا ٿيندا. مرشد جا ديدار ۽ درشن وٺبا.

پورن اٺن سالن کانپوءِ.

1731ع، ’جندھيري‘ ۾ رڻ گجيو، راڙو ٿيو.گھلرن ۽ سنڌ جي سپوتن جو جھُونجھارڪو جھيڙو هليو، ڪڇيءَ ۾ ڪُوڪَ پئجي وئي.

ھڪ طرف عبدالله خان شير ڪوھستان جو لشڪر ھيو ۽ ٻيءَ طرف ميان نور محّمد ڪلھوڙي جي سپاھ سالار شاھه بھارو، چاليھه

ھزار اڙٻنگ جوانن سان بيٺو ھيو.

صفون سڌيون ٿيون،  ڀير وڳي .... تلوار سُپر سان ٽڪرائي، نيزا سينن ۾ لڳا. ڪي ٽٽا، ڪي ڀڳا، رت ريلا ڪري جنگ جي ميدان

تي وھڻ لڳي.

گھوڙن جي ھڻڪارن ۽ جوانن جي ھڪلن ھڪ حشر برپا ڪري ڇڏيو ........... ڪي چئي رھيا ھيا، ’بزن! بزن! ....... ڪي چئي رھيا

ھيا، ’متان ويو آن!..... پر مانجھي، لطيف جو اھو بيت بڻجي وڙھي رھيو ھو:

”ھڻڻ، ھڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجھيان ايءُ مُرَڪَ

وجھن تان نه فرق، رُڪ وھندي راند ۾.

سِج لھندي ٻڏندي اھو نظارو پسيو، ته ’مير عبدالله خان شير ڪوھستان جو ڪنڌ ڪرماڻين ڪٽي ڇڏيو. ڪي گھلر ماھه ڳجھين

جو ٿي ويا. ڪي قيد ٿيا، ڪي ڀڄي ويا. مانجھي زخمن سان چور ھو. سندس جسم تي ھر ھٿيار جو گھاءُ ھو. اھو ڪانُ جيڪو ’ڪڙ،

ڪڙ! ڪندو اچي ڪُک ۾ لڳو ھوس، سو نه نڪري نه نڪتو.

سپاھَه سالار شاھه بھاري، شھيدن کي عزت ۽ آبرو سان دفنايو. زخمين کي پنھنجن پنھنجن ماڳن ڏانھن موٽايو. مانجھي لاڙڪاڻي

پھتو ته ساھه لبن ۾ ھئس. بس آخري آس جي سھاري زندھه ھو. سخت گير پيءُ سانول کي چيائين:

’طوطيءَ جي ھنج ۾ آخري ھڏڪي ڏيڻ چاھيان ٿو.‘

 اھو ٻڌي پٿر دل پيءُ، ميڻ جيان رجي پيو. ذات پات جا ٻڌڻ ٽٽي پيا ...... مائي طوطيءَ جي ھنج ۾ مانجھيءَ جو مٿو ھيو. چپ

سُڪي ٺُوٺ ٿي ويا ھئس، پر مشڪندي چئي رھيو ھو:

’طوطي، مرشد لطيف سان جڏھن به ملڻ ٿئي ته ٻڌائجانس، ته مانجھيءَ کي آخري دم تائين سائين جن جو بيت ياد ھو. ‘

طوطي ھائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته مانجھيءَ وري جھيڻي آواز ۾ پڇيس: ”طوطي، توکي مرشد لطيف جيڪو فراقي رنگ عطا

ڪندي، رھبريءَ لاءِ بيت ٻڌايو ھيو، اُھو ته ٻڌاءِ؟‘

 مانجھيءَ جي انھيءَ سوال تي مائي طوطي نگاهون مٿي ڪري بيت جھونگارڻ لڳي:

”جيڪي فراقان، وِصالان نه ٿئي،

اچي اوطاقان، مون کي پرين پري ڪيو.

نگاهون ھيٺ ڪيائين، ته مانجھي آخري ھڏڪي ڏئي چڪو ھو .......

    ڪمپوزنگ : سعيد سومرو

هوم پيج تي واپس وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو