سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ هڪ انوکو ادبي ۽ معلوماتي مئگزين
وائيس آف سنڌ جنهن ۾ مواد ۽ ميمبرشپ ڪرڻ لاءِ رابطو ڪريو.
فياض شيخ
ايڊيٽر
03313459554
عباس ڪوريجو
چيف ايڊيٽر
03003434235
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ ڪانهي ويل وهڻ جي، متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو
شاهه سائين
مينهن ڪڻيءَ جو سڏُ
سعيد سومرو
٭ اسان پنهنجي روح جون اکيون پاڻ کي ڪڍي ڇڏيون آهن ــ هاڻ هُو ڪنهن به نئين حيرت جي صورت سڃاڻي نٿو سگھي!
٭اسان ڪائنات کي نئون رقص سيکارڻ چاهيو پئي، پر هوءَ اڀاڳي پراڻيون بيساکيون ڀڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئي!
٭منهنجي معصوم دل جي پيرن ۾ ڪروڌ جا ايترا ڀڳل شيشا رکي، کيس مرڪڻ لاءِ چوندڙ ڇوڪري! منهنجي دل ’سنڌ‘ ناهي، جو هر حال ۾ ’راضي‘ هجي!
٭تنهنجو حُسن ئي اسان جي ايمان سلامتيءَ جي عمر آهي.
٭نطشيءَ جو خدا مري ويو ته ڇا اسان جو به خدا مري ويندو؟!
٭تنهنجي حُسن کي فنا ڪرڻ وقت، اسان کان پڇيو به نه ويو. اسان خدا جي صلاحڪاري تڏهن ته ڇڏي سي!
جن يارڙن بنا، حياتيءَ جو تصور به بيڪار هجي، اُهي به جڏهن اگھاڙي گار ٿي وڃن ته ڇا ڪجي!؟
ڪاش! اُن مختصر ملاقات جو آغاز، دُکائيندڙ نه هجي ها، ته اسين دير تائين مرڪندڙ احوال ڪري سگھون ها!
ڪتاب جي آخري خالي پني تي مون کي جيترو پيار آيو، اُن پوري ڪتاب ۾ ڪنهن سٽ تي به نه آيو هوندو!
خاموشيءَ کي ڪيڏا سڏ آهن! مان لنوائي به ڪيترو لنوايان!
هيلوڪيءَ ٻوڏ ۾، جيڪي رڳو پاڻ بچائي نڪتا آهن، تن کان سندن محبوبن جي ٻُڏل قبرن جو احوال نه پڇ!
هوا ۾ اڏامندڙ ردي پنن جھڙا، اسان جھڙا گھڻا ماڻهو، خودڪشيءَ کي حرام قرار ڏيڻ لاءِ خلاف، بک هڙتال ڪرڻ لئه تيار آهن!
اسان پنهنجي نجي ڳوڙهن جا بينر کڻي، ڪٿي احتجاج ڪريون؟ هتي ته چونڪ چونڪ تي اجتماعي بک هڙتالي ڪئمپون لڳل آهن!
سوچيان پئي: لڙهي ويل اميدن جو ماتم ڪريان، يا بچي ويل آسرن سان عيد ملهايان!؟
هڪڙي ڪتاب ۾ ’راين‘ جا انبار ڏسي، الاءِ ڇو مون کي مٺائيءَ جي دڪان تي مڙيل مکيون ياد آيون پئي.
تون منهنجي ساراهه پيو ڪرين يا مٺو زهر پيو پيارين!؟
اسان جي دل جڏهن چاهيو ته سجدو ڏنو آهي، اُن کان تون قضا ٿيل نمازن جو تعداد پڇي، ڇا ڪندين!
راشن جي قطار ۾ بيٺل منهنجي پاڙيسري جو ٻارُ، ڇا منهنجي ڀريل پيٽ مٿان ملامتون نه پيو ڪري!؟
مينهن ۾ پُسيل ڇوڪريءَ جا انگ، ايترا رنگ رکندڙ آهن جو ڪيترا شاعراڻه ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
ڪيبل تي سنڌي چينل جا ’رنگ‘ ڏسي، منهنجيءَ امڙ ٽي ـ ويءَ کي گروڙي ڀونڊو ڏنو. مان سوچيان پيو، ڇا اُن رڳو ٽي ــ ويءَ کي ئي ڀونڊو ڏنو!؟
ڪتاب جي آخري پني جي نصيب ۾، ڇا تنهنجي ڪا رقص ڪندڙ سٽ نه هئي، جو تو کيس خالي ڇڏي ڏنو!
ڏات، ڏينڀوَ جو ڏنگُ آهي. ڪائنر ڪيئن نه وئون ويندو!
مون پهرين نماز مان ئي اڃان سجدو نه کنيو آهي. هيءُ ڪير آهي، جو وري آذان پيو ڏئي!
هلو هلو، هن گنهگارن جي ڀـيڙ کان ٿورو اڳتي هلو. فرشتا، اسان معصومن جي انتظار ۾ بيٺا آهن.
اڙي عالمي نقاد! بند ڊائريءَ ۾ مري ويل ڪيئول جي غم ۾، نظم لکندڙ شاعر کي ايترو نه ساراهه جو هُـو بي گناهه ماڻهوءَ جي فوتگيءَ تي ڪجهه لکي ئي نه سگھي!
نم هيٺان ونجھڻي جي جَھلڪيءَ تي ننڊ ورتل ڪراڙيءَ جا نيڻ، ڪهڙو سک جو سپنو ڏسندا هوندا!؟
اسان پنهنجي پنهنجي گناهن جي بار سان، پشيمان بيٺا آهيون، ’يوم ِ حساب‘ جو سج اسان تي کلي رهيو آهي!
سچل سرمست! ماڻهو خدا آهي انسان؟ هاڻ اهو بحث ڇڏ، مون کي ننڊ پئي اچي.
آنءُ، تنهنجي پيرن جي دزَ چمي مسڪرايان پيو. مون کي هاڻ فنا ۽ بقا جو ڪو خوف ناهي.
تنهنجي سوچ ٻار هئي! جنهن منهنجي ڀنڀوريءَ جھڙي جسم پويان ڊوڙي، کيس پڪتو. راند کيڏندي تو منهنجا ڪيترا املهه رنگ رهڙي ڇڏيا، توکي ان جي ذري به پرواهه نه ٿئي، ڇو جو تنهنجي سوچ ٻار هئي!
اسان پنهنجي خيال جي خدائيءَ ۾ مري ويا آهيون. مدتون ٿيون آهن، اڃان ڪنهن مٽيءَ مان اُٿڻ جو سڏ ناهي ڏنو!
اي ستار ايڌي! اُهي لاش، جيڪي بنا ڪفن جي دفن ٿي ويا، تن جي حصي جي ’هرک‘ ڪنهن کي ملي!؟
ياخدا! تو جڏهن ’يوم ِ حساب‘ مقرر ڪيو آهي ته هي تنهنجا ماڻهو، اسان کان روز روز حساب ڇو ٿا گھُرن!؟
امان! ڇا تو منهنجو نالو ’سجده‘ مون کي ’ڪاري‘ ٿي مرڻ کان بچائڻ لاءِ رکيو هيو!؟
آهي ڪوئي، جيڪو سڏ ڏئي ته جيڪر اسان مٽيءَ مان سجاڳ ٿيون.
توکي ڀري محفل ۾ نه ڳالهائڻ گھربو هيو. ڇو جو جيستائين چُپ هئين، وڏو داناءُ پيئي لڳين!
ڪراڙا هٿ، جوان هٿن مان وڏيون اميدون رکندا آهن. پر جوان هٿ، ڪراڙن هٿن مان ڪي اميدون نه رکندا آهن!
جن کي منهنجي وجود مان ڪرڀ ٿي اچي، مان انهن جي مسڪرائي آجيان ڪرڻ جو فن ڪنهن کان سکي اچان!؟
پنهنجا پنهنجا ننڍڙا خواب کڻي، اسين بي شڪسته وقت هٿان شهيد ٿيڻ نڪتا آهيون، ڪوئي آهي، جيڪو اسان کي ’غازي‘ بڻائي!
پراڻيءَ بس جي سيٽ تي لکيل اُن تازي شعر جي خوشبوءِ کي مان ڪيتري دير تائين محسوس ڪندس؟
تنهنجيءَ وڏيريءَ دل کي اسان جي هارياڻيءَ جھڙي ساهه تي ترسُ اچي به ته ڇو اچي!
شعر جي عمر ڪٿجي يا اُن جي لکندڙ جي ....!؟
سانوڻي جي چاندني ڪيتري به وڻندڙ ڇو نه هجي، اُها تنهنجي اجريءَ مرڪ جي مَـٽِ نـٿي ٿي سگهي.
پاڻ ٻئي هڪ ٻي جي تقدير جو ڪيتو لوڙيون يا هڪ ڀيرو ملندڙ حياتيءَ جي بهار جا مزا ماڻيون!؟
اسان کي اُن سفر تي نه اماڻ، جتان واپس اچي وڃون.
مان قيامت اچڻ جي دعا، ان لاءِ نه گھري ته ڪو هيءَ ڌرتي هاڻ رهڻ لائق جاءِ ناهي. پر ان لاءِ گھري ته مون کي خدا جي ديدار ڪرڻ جو شوق، هت سڪون سان رهڻ نٿو ڏئي!
اسان جي هڪ مرڪ جو پوسٽ مارٽم ڪندينءَ ته ايترن المين جا آثار ملندئي جو اکيون ڇنڀڻ وسري ويندئي!
اسان، جنهن شهر کي ’محبوب ِ شهر‘ سمجھي ڏسڻ گھريو سي،اُتي قاتلن جي ڀيڙ ڏسي ، وائڙا نه ٿيون ته ڇا ٿيون!؟
پنهنجي پنهنجي حصي جا حوصلا سنڀالي رکو، متان ڪنهن شڪسته شڪاريءَ لاءِ ڏڍ ٿين!
ننڍڙا ننڍڙا حادثا ڏيکاري، اسان جي ساهه کي ڪنهن وڏي حادثي لاءِ تياري پئي ڪرائين ڇا!؟
هٿيارن جو هانءُ هجي ها ته نابين ٻار جو سينو چيرڻ کان اڳي ڦاٽي مرن ها!
جلاد جي ماءُ به ڇا پنهنجي جلاد پٽ لاءِ ، ڊگھي عمر جا وظيفا پڙهندي آهي!؟
ننڍڙي پهاڙِي، وڏي پهاڙَ جي پاسي ۾ ائين بيٺل هئي، ڄڻ پيءُ ڀرسان، ننڍڙا وار کولي بيٺل ڌيئڙي هجي.
جنهن به شخص کي ڳوڙهن جي ذائقي جي ڄاڻ آهي، تنهن اڳيان شاعري پڙهڻ مون لاءِ بيشڪ ’حق‘ آهي.
فضول عمر جي اجاڙ لمحي لمحي کي، مون تنهنجيءَ سڌيءَ سينڌ وانگر سنوارڻ چاهيو پئي ته تو پنهنجا هٿ ٻئي جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا.
ايترن حادثن جي هجوم کان پوءِ به مان زنده آهيان. مون کي ته ڪونه ڪو ايوارڊ ملڻ گهرجي!
تنهنجي دل ۾ مون لاءِ محبت جو ڪو ’بيلنس‘ باقي ناهي، مان آهيان جو ’مس ڪال‘ تي پيو ’مس ڪال‘ ڪيانءِ!
تڙ تڪڙ ۾ ايس ــ ايم ايس ڪري، ’نه اچڻ‘ جو ٻُڌائي، تو ته منهنجي من کي انتظار ۽ اڻ تڻ جي مزي کان ئي محروم ڪري ڇڏيو!
موبائيل مان بيلنس ڀل ختم ٿئي، شل دلين ۾ محبت جو ڪالُ نه پئي.
اسين ديوانگيءَ جي داستان کي ڪيترو به ننڍڙو ڪريون، ٻڌڻ لاءِ توکي شايد ٻيو جنم به ترسڻو پوندو!
آئيني تي ڪريل ڳوڙهي جو داغ ته ڌوئي وٺبو، تنهنجي ارپيل صدمي جي صدي، وقت ڪڏهن ختم ڪندو، مان ڇا ڄاڻان!
ميگهه ڏڻ ۾ آلي ٿيل گھاٽ ــ واٽ جي ڀنيءَ سڳنڌ جو ساءُ وٺندڙ اُها ڪنواري دل، خبر ناهي، هاڻ ڪهڙي حويليءَ جي قيدياڻي آهي!
سنڌوَ جو پاڻي اغوا ڪندڙ کي ڪيستائين روز روز پيا نئون ’ڀُـنـگُ‘ ڏينداسي؟ اسين نيٺ اُن ڌاڙيل جي انت جو ڇو نٿا سوچيون؟
پنهنجي ناسي نيڻن واري برگر ٻارڙيءَ جي گلابي ڳل تي چمي ڏيندڙ ماءُ! جھُوپڙي ٻاهران کيڏندڙ ڪوجهن ٻارن جي ميرن ڳٽن جي پارت اٿئه!
اسان جي ڌڙڪنن کي ترتيب مان ڪڍندڙ سونهن جو قسم! اسين مرڻ قبول ڪيو پر بي وفائيءَ ڪرڻ جو گناهه نه کنيو.
زماني جي دلين جي امامت ڪندڙ ڇوڪري! اسان جي نهارن جي ثوابن کان خائف ڇو آهين!؟
گونهن مٿان گُل رکي، پيش ڪندڙ! مان انڌو ضرور آهيان، پر بي حواسي ناهيان.
اي صوفي! پنهنجو پاڻ کي ڪڙولي، پاڻ سزا ڏيڻ اڃان آنءُ ناهيان سکيو!
منهنجي روح جو رهيل رقص ڏسڻ لاءِ، تون پنهنجون اکيون اڃان ڪڏهن کوليندين!؟
هن ’جھنم‘ ۾ پهچڻ جو حادثو اسان سان ان ڪري پيش آيو،جو اسان ’جنت‘ جي گھٽين ڏانهن ويندڙ پيچرو وساري ڇڏيو!
چانڊوڪيءَ ۾ تنهنجي اڌ کليل چهري جو منظر، مون لاءِ اهڙو ئي مقدس آهي، جيئن ڪنهن راهبا لاءِ انجيل جو ورق، جيئن ڪنهن بُکي لاءِ ماني ڳڀو ......
هن حياتيءَ جو فنا جي هٿن ۾ اچڻ به اهڙو ئي هيو، جھڙو اونداهيءَ ۾ ڪنهن اڌ سڙيل سگريٽ جو ڏيک ...
پنهنجا احساس گل فروشڻ جي ٽوڪريءَ مان ڪريل اُن گل جھڙا آهن، جنهن کي کڻي ڪنهن به ڀنڀن زلفن ۾ سجائڻ پسند ناهي ڪيو.
خبر ناهي ته تنهنجي حُسناڪين جا حوالا، حقيقت ۾ ڏسڻ لاءِ، هن جڏي جيءَ کي اڃان اميدن جا ڪيترا رڻ جھاڳڻا پوندا!
منهنجي دل کي مقدس ڪتابن جي ڪا دعا سمجھي ياد ڪرين ها ته اُها ايترو جلد فنا نٿي ها!
جن کي پوپٽ جي پرن تي لکيل نظم پڙهڻ ۾ اچن ٿا، سي گھٽيءَ ۾ ستل اڌ اگھاڙي ٻار جي درد کان شل آشنا ٿين!
اُهو نظم، جيڪو تو بي حس ماڻهن جي لوڌ ۾ پڙهيو، مون اُهو هڪ جھرڪيءَ جي تنهائيءَ تي بارش ۾ لکيو هيو!
ڪنهن نه ڪنهن خوشيءَ جي جنم جو انتظارُ، دک ۾ ورتل هر دور ۾ زنده رکيون ٿو اچي!
اسان پنهنجي خوابن جي قاتل کي ’معاف‘ ڪري ڇڏيو آهي، آهي ڪو، جيڪو اسان کي ’ولي‘ سڏي!
ڇڻيل گُل، اُتر جي تيز هوا کي ٽڙيل گُلن جي ڪهڙي پارت ڪن!؟
مان پنهنجي تنهائيءَ جي محفل ڇڏي، تنهنجي نيڻن ۾ صحرا جي ٻيـپهري ڏسڻ ته نه آيو هس.
مان جيڪر ڪٿي ساهي پٽيان ها ته منهنجي ڊگھي پنڌ جو اتهاس پڙهندي، تنهنجا نيڻ ٿڪي نه پون ها!
*
ڪتا