
|
|
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ ڪانهي ويل وهڻ جي، متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو
شاهه سائينعباس ڪوريجو ويب اوهان کي ڪيئن لڳي ٿي اوهان پنهنجي راين کان اسان کي ضرور آگاهه ڪندا جيئن اسان انهن جي روشني ۾ اڃا ڀي وڌيڪ سٺو ڪم ڪري سگهون. رايا موڪلڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
ايڊيٽوريل
هن ويب سائيٽ تي اوهان کي کيڪاريندي نهايت محبت وچان هي چند اکر اوهان جي ڄاڻ واسطي لکجن ٿا.
عباس ڪوريجو جي پهرين ڪهاڻي ڪتاب کان پوءِ سڀني دوستن جي گڏيل صلاح سان انهن ڪهاڻين کي ويب سائيٽ آڻڻ لاءِ ويب ميڪر دوست ضمير گوپانگ پنهنجن تجربن ۽ محنتن کي صرف ڪندي هڪ اميجز تي مشمتل ويب سائيٽ ٺاهي ورتي،جيڪا 20 نومبر تي مڪمل ٿي.انهي سفر ۾ مختلف ملڪن مان سنڌي دوستن جي ڀرپور موٽ ملڻ کان پوءِ ۽ اڳتي هلي سنڌي ويب ميڪنگ ۾ ٽيڪسٽ جي شموليت بعد انهي اميجز تي ٻڌل سائيٽ کي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ هاڻي اهو سفر اوهان اڳيان آهي
عباس ڪوريجو جي ويب سائيٽ ڪا ذاتي ويب سائيٽ نه آهي پر هي اوهان جي پنهنجي ويب سائيٽ آهي جتي اوهان پنهنجا رايا، مواد ۽ شاعري وغيره موڪلي سگهو ٿا. ادا پهرين ته هي ويب سائيٽ بلڪل غير پروفيشنل آهي ۽ ٻيو ته اسان جو ٽيم ورڪ به دوستاڻو آهي، انهي ڪري ڪافي شين جي کوٽ آهي. اوهان جي راين جي روشني ۾ اسان تبديلي آڻيندا سين.سائيٽ کي ٽيڪسٽ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ منهنجي جن دوستن منهنجي مدد ڪئي تن جا نالا نه ڳڻائڻ نهايت نامناسب ٿيندو، انهن دوستن ۾ رحمان علي ابڙو ، فياض حسين شيخ ، ضمير گوپانگ ۽ جمال الدين ڪوريجو ۽ ڪجهه ٻيا دوست شامل آهن
عباس ڪوريجو 0923453831170 ghulamabbaskorejo@yahoo.com
abbas web counter