سلسو چونڊ مضمون

        

ڀٽائيءَ کان انٽرويو

انور پيرزادو

ڀٽائيءَ کان سوال: سائين، قضيي ڪربلا جو آخر ڪهڙو راز آهي جنهن جو اوهان ذڪر ڪيو آهي؟

جواب: انهيءَ منجهه آهي ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي.

سوال: سائين مهرباني ڪري ٿورو کولي سمجهايو؟

جواب: اها وڏاندري ويڙهه آهي، جهونجهارڪو جهڳڙو آهي، ”ڪلها ڪرنگهر، ڪنڌ، جهرن جهونجهارن جا. ڀانئن سان سنيئن، جئان، جيءَ جوکو ٿئي- اُڀائي آهين، مهائي مرڻ تي- هڻڻ، هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪُ- وجهن تان نه فرق، رڪ وهندي راند ۾- بهادر گڏيا بهادرين، کڙڳ کِلولِ ڪن، وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين هڻن- ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو، راڙو ٿيو- گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا- سو اهو راز شهادت جي سختي آهي.

سوال: سائين! سختي شهادت جي ڇاهي؟

جواب: سختي شهادت جي مڙيو ئي ملهار، نسورو ئي ناز، ڄڻ شاديءَ جو ڏينهن-، ”ڪانڌ ڪلارين، (گلن ڦلن سان ڀريل ڪپڙن ۾) ڪپڙين وَرُ وناهيو، (شاديءَ لاءِ سنڀريو)، آءٌ جت سانگين (نيزن) جي سٽ وهي. ات وک وڌندي پاءِ- تان تان ڀَوُ مَ پاءِ، (ڀانءِ) جان جان نوڌين نه چڙهين، (شادي نه ڪرين- شهيد نه ٿين) مَرُ مرين آءُ رُئين، موٽي ڪانڌ مَ آءُ- مڇڻ (متان) تو پئاءُ (تو پڄاڻان) ڪچا ڪنم جيڏيون (طعنا ڏينم جيڏيون)، ڪِلي وير (جنگ جي وقت) ڪٽڪ ۾(لشڪر ۾)، سائو (بهادر) سڀ نه هون- پڙ تي سيئي پون، موٽڻ جنين مهڻو- ڪلي ويرَ ڪٽڪ ۾ پاکر (زِرهه) جو پائي- اڃا ان کي جيئڻ جو آسانگو آهي (آسرو آهي)، سورهيه سو چائي (چوائي) جو رڳو ئي رڻ گهڙي- سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار- ڳاهُه (کاڄ) ڳجهن جو ٿيءُ ويٺي جن ورهيه ٿيا.

سوال: سائين ڳِجَهه ته انتهائي بدصورت پکي آهي، ڍونڍ کائيندي آهي، ان جو ذڪر توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيئن ڪيو آهي؟

جواب: نه بابا ايئن ناهي، ڳائو ڳِجَهه نه کاءِ، ميهي ماس نه هيرئين، تنين لئه واجهاءِ، ڪلنگيون جن ڪپار ۾- ڳِجُهن ويٺي ڳاڙيا، ڏجها ڏک گهڻا، تنگي لٿين توڻ جي (قوت گذران جي)، سورهيه ساماڻا، ڪندا راماڻا (لڙايون)، ڪونر ڪِلي جا ڪوڏيا- ڳجهڙين ڳارو راتو ڏينهان روهه ۾- ڀڻيو پڇن پاڻ ۾، ڪنهن پر ڪيڏارو (جنگ جو ميدان)، کائن کڳمارو (ترار هڻندڙ) ڪانئر پيو ڪِنو ٿئي.

سوال: سائين اوهان جنگ جي شاعري سر ڪيڏاري ۾ ڪئي آهي يا ٻئي ڪنهن سُر ۾ به؟

جواب: مون پنهنجو رسالو جيڪو ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلايو هو تنهن جي ترتيب مون پاڻ ڏني هئي، ان جي ابتدا سر سسئي مان ڪئي هيم ۽ ان جو پهريون بيت هو، ”پرتو پرينءَ جو، جهڙجان جهالا ڏئي، آءٌ تنهن آريءَ کي، رويو راهه ڏسان گهڻو“ پر منهنجي مرڻ کانپوءِ ڪي پاڻ هوتڙيا محقا پيدا ٿي پيا، جن منهنجي رسالي جي شروعات سر  يمن ڪلياڻ سان ڪئي. هي سر ان لحاظ کان ته ٺيڪ آهي، ڇاڪاڻ ته اسان صوفي راڳ سماع شام جو سج لٿي مهل شروع ڪندا آهيون، جيڪو باک ڦٽيءَ مهل تائين هلندو آهي. (پرهه ڦٽندي فال وڌ ۾ ويڙهيچن لئه) سو جيئن ته سنگيت جي دنيا ۾ سر ڪلياڻ شام جو راڳ ليکيو ويندو آهي. ان ڪري رسالي جي سروار ترتيب دوران پهريون سر يمن ڪلياڻي رکيو ويو، پر ان سر جا پهريان 12 بيت (حڪيم کٽيءَ) نالي هڪ ٻئي سنڌي شاعر جا ٺاهيل آهن. (سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم) سو اهي بيت منهنجي رسالي ۾ زوري پيوند ڪيا ويا. انهن خدشن جي ڪري ئي مون پنهنجو ترتيب ڏنل رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو هو پر سنڌي ماڻهن ڪاڳرن بدران منهنجا بيت پنهنجي من جي ڦرهي تي لکي ڇڏيا جيڪي بعد ۾ ظاهر ٿي پيا. اهڙي طرح رسالي جي شروعات سر يمن ڪلياڻ ۾ منهنجو ڪلام 13 هين بيت کان شروع ٿئي ٿو ۽ هي پهريون بيت آهي، ”سر ڍونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍونڍيان، سر نانهه، هٿ ڪرايون آڱريون، ويون ڪٽجي ڪانهه، وحدت جي وهانءِ، جي ويا سي وڍيا“. سو مون جنگ جي شاعري سر يمن ڪلياڻ کان شروع ڪئي آهي جيڪا سسئي وارن پنجن سرن کان ٿيندي سر کاهوڙي، رامڪلي، سورٺ، مارئي ۽ گهاتوءَ تي ختم ٿئي ٿي.

سوريءَ سڏ ڪيو، ڪا هلندي جيڏيون، جي وڍيو هيئن ته ويهه، نه ته وٺي واٽ وانءَ تون، سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ڍيڳ ۾، سي مرڪن پچار، حاضر جن جي هٿ ۾، ديڳئين دوڳ ڪڙهن، ڪڙئين ڪڙڪو نه لهي، تتي طبيب، چاڪ چڪيندي ڇڏيا، ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت، پاٻويو پڇن، ڪٿي هٿ حبيب جو، نيزي هيٺان نينهن جي، پاسي پاڻ نه ڪن، عاشق اجل سامهان، اوچي ڳاٽ اچن، ڪسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو، راهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاءِ، جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهاران گهاءُ، لڪائي لوڪاءِ، پاڻهين ٻڌن پٽيون، سو هي سڀ ۽ ٻيا انيڪ بيت مون سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ لکيا آهن، جيڪي مڙوئي جنگ جي شاعري آهي. اوهان کي گهرجي ته 1689ع کان 1752ع تائين واري عرصي ۾ ۽ ان کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي وڏيون جنگيون وڙهيون ويون آهن، انهن بابت پڙهو ۽ پوءِ منهنجي رسالي جو ان لحاظ کان مطالعو ڪيو ته مون علامتي شاعري ڪئي آهي. ايتري تائين جو عمر مارئي، سسئي پنهون، سهڻي ميهار ۽ ٻيا سڀ جيڪي به روايتي ڪردار اوهان کي رسالن ۾ ملن ٿا سي سڀ علامت آهن. انهن حقيقي ڪردارن جي جيڪي منهنجي دور ۾ سنڌ ۾ موجود هيا.

سوال: سائين، گستاخي معاف ٿئي ته هڪ سوال ڪريان....سائين توهان شيعا آيو يا سني؟

جواب: ٻنهي جي وچ ۾.

سوال: سائين ٻنهي جي وچ ۾ ته ڪجهه ڪين آهي؟

جواب: مان آهيان به ڪجهه ڪينَ- ”جي بي شرڪ ڀائين پاڻ کي ته عين شرڪ ايءُ، وڃائي وجود کي پاڻان پاسي ٿيءُ- هڏن ڪونهي هيءُ، هو پڻ ڪينهي هِن ري“.

سوال: سائين! ”هو“ ڪير آهي ۽ ”هيءُ“ ڪير آهي؟

جواب: هو ”الله“ ۽ ”هيءُ انسان“.

سوال: سائين هي ته شرڪ آهي، اسلام ۾ ان جي منع آهي؟

جواب ساڳيو: ”جي بي شرڪ ڀائين پاڻ کي، ته عين شرڪ ايءُ“.

سوال: سائين چون ٿا ته اوهان جي شاعري قرآن شريف جو سنڌي ۾ ترجمو آهي، اوهان ٻڌائيندا ته توهان وٽ خدا تعاليٰ جو تصور ڪهڙو آهي؟

جواب: سو هي، سو هو، سو اجل، سو الله، سو پرين، سو پساهه، سو ويري سو واهرو.

سوال: سائين هڪ ذاتي سوال پڇڻ جي اجازت آهي؟

جواب: هائو.

سوال: سائين چون ٿا ته توهان جي مزار تي وڃي جيڪو پٽ گهري ٿو ان کي پٽ ملي ٿو، ڪنهن جو محبوب وڇڙي ويو آهي ته دعا گهرڻ سان موٽي ٿو اچي، وغيره وغيره. ڇا توهان وٽ واقعي به ايڏي ڪرامت آهي؟

جواب: قبن ڪينهن پير، مرشد مساڻن ۾.

سائين آخري سوال: سنڌي عوام لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟

جواب:

 ”وءِ وڃي ڪو چوءِ، منهنجي ماروئڙن کي،

ڇانکان ڇڄي ڇيلڙو، سو جي ڪنهن جو هوءِ،

صحيح ولوڙن سوءِ، آءٌ ڪيئن وين وسري.“

  موڪليندڙ : فياض حسين شيخ

هوم پيج تي واپس وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو