سلسو چونڊ مضمون

        

ڀٽائي، عقيدت ۽ عشق

انور ابڙو

 

                        جيڪو به ماڻهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ جي معرفت ڀٽائيءَ سان ملندو، اُهو سندس مريد ٿيندو، سندس چيلو ٿيندو، سندس فقير ٿيندو، سندس در تي ساهه ڏيندو ۽ سندس عشق جي سمورين صورتن کي پنهنجي عشق جو محور سمجهندو.

                         اسان ٻڌو آهي، اسان پڙهيو آهي ۽ اسان ڏٺو آهي ته هن عظيم سنڌي شاعر هر اُن ماڻهوءَ کان دانهن ڪڍرائي آ، ان جي اکين جي ٻولي درست ڪئي آ،  اُن جي دل کي سينگاريو آ، ان کي پنهنجا درد سنڀالي رکڻ جو سليقو سمجهايو آ، اُن جي شعور جي باهه کي روشنيءَ ۾ تبديل ڪيو آ ۽ اُن واٽهڙوءَ کي واٽ ڏسي آ، جيڪو واٽ ڀلجي ويو آ، جنهن جي اڳيان رڳو رائو ۽ رڃ رهي آ ۽ جنهن جا ڏک ڏاڍا گهڻا رهيا آهن. هيءُ ته واقعي ڪو جادوگر آهي، ڪو شاعر ته ناهي. هر دل سان ڳالهائي ٿو. اُن کي سمجهائي ٿو ۽ ان کي قائل ڪري ٿو. پوءِ هر اُها دل، جيڪا هن سان هڪ ڀيرو به ملي آهي، سا هن کي پنهنجو رازدان ٿي سمجهي. هن سان پنهنجا سور ٿي سلي ۽ پوءِ هن جي ئي سهاري جيئڻ ٿي لڳي.

                         غير سنڌي ۽ غير ملڪي ڏاهن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن وٽ ڀٽائيءَ جيڪا به عظيم شاعر واري مڃتا ماڻي آهي، سا پنهنجي نج شاعراڻي طاقت جي بنياد تي ماڻي آهي. ايڇ ٽي سورلي ۽ ايلسا قاضيءَ وٽ ڀٽائي جي حيثيت اول ۽ آخر هڪ عظيم شاعر واري آهي. انهن جو ڀٽائيءَ سان ٻيو ڪو به جذباتي، نسلي يا قومي تعلق ناهي. هو هن جي شاعريءَ مان اُهي قدر ۽ خيال کڻن ٿا، جيڪي انهن جي ذات يا ساري ڪائنات جي لاءِ هجن ٿا، انهن جو ڀٽائي سان تعلق بس اتي ئي ختم ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن جو ڀٽائيءَ سان تعلق اتان شروع ٿئي ٿو، جتان هن قوم جي شروعات ٿئي ٿي. جتان هن قوم جي ڏکن جي شروعات ٿئي ٿي، جتان هن قوم جي ٿر بر بڻجندڙ اکين جي شروعات ٿئي ٿي. جتان هن قوم جي جدوجهد جي شروعات ٿئي ٿي.

                         ڀٽائي سنڌي آهي، هو سنڌ جو اڳواڻ آهي، هو سنڌ جو فلسفي آهي، هو سنڌ جو نظريي دان آهي ۽ هو سنڌ جي سڃاڻپ آهي. هن جو نانءُ سنڌ سان ايئن جڙيل آهي، جيئن حضرت عيسيٰ جو نانءُ بيبي مريم سان جڙيل آهي. هو جنهن ڀٽ تي ويٺو، ان ۾ سنڌ جي واريءَ جا ذرا شامل آهن. هن جنهن درياءَ جو پاڻي پيتو، اُهو سنڌو درياءَ آهي ۽ هن جنهن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ لاءِ دعا گهري، اها سندس جنم ڀومي سنڌ آهي. تنهن ڪري سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، دانشور ۽ عام ماڻهو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي پنهنجي سيني سان انڪري لائين ٿا، جو هو ان کي نه رڳو پنهنجي ذات جي پيڙائن جو ويڄ سمجهن ٿا، پر هو ان جي شاعريءَ کي پنهنجي ڌرتيءَ جو آئين سمجهن ٿا. ان مان هن ديس جو نئون صبح ڳولهين ٿا ۽ شايد تڏهن ئي هو سندس در ۽ درگاهه ڏانهن بار بار ڪنهن ٻار وانگر ڊوڙي وڃن ٿا.

                         اهڙي عقيدت جهڙي عشق جو اظهار سنڌي ٻوليءَ جي جديد لهجي ۽ جديد خيال واري شاعر رکيل مورائي جي تازي سهيڙيل ڪتاب ”ڪوڙين ڪن سلام“ مان به ظاهر ٿئي ٿو. رکيل مورائي بذات خود اهو نوجوان شاعر آهي. جنهن جي شاعري کي پنهنجا پَر ۽ پنهنجي زمين آهي. اها جڏهن اڏامڻ چاهيندي آهي ته ان جي پرواز جو آواز پازيب جيان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ جڏهن اها پنهنجي زمين تي رهڻ چاهيندي آهي، ته ٻڌندڙ ان وٽ پاڻ هلي ايندا آهن. اهڙو شاعر جڏهن ڀٽائيءَ تي ڪيل شاعري سهيڙيندو ته سندس چونڊ يقينن معياري هوندي. رکيل مورائيءَ جو پهريون ڪتاب سندس پنهنجي شاعريءَ بدران ڀٽائيءَ تي ڪيل شاعريءَ وارو شايع ٿي پڌرو ٿيو آهي، جيڪو ڀٽائيءَ جي لاڏاڻي (1752) لڳ ڀڳ پوري هڪ صدي پوءِ (1851ع) پيدا ٿيل مير عبدالحسين سانگيءَ جي هن نظم، ”قرب درگاهه لطيفي ٿئي نصيب عبدالحسين“ سان شروع ٿئي ٿو ۽ اردو ٻوليءَ جي نرالي شاعره فاطمه حسن جي نظم جي هنن آخري دعائيه سٽن تي ختم ٿئي ٿو:

سنده دهرتي په اس ڪي دعا ڪا حصار،

يونهي قائم رهي ميري پروردگار.

                         اِن وچ ۾ سنڌ ۽ هند جي اهڙن 123 (ڪتاب ۾ ڪل 125 شاعر ۽ شاعرائون شامل آهن) شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعري شامل آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي دور جا نمائندا لکيڪ، شاعر ۽ ڏاها رهيا آهن. رکيل مورائيءَ جي تقريب ڏنل هن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ کي ڏنل منظوم ڀيٽا، کانئن پوءِ پيدا ٿيل تخليقڪارن جو هڪ سادو پر سچو ۽ سڀاويڪ اظهار آهي. هيءُ هڪ اهڙو ڪتاب آهي. جيڪو نصاب ۾ به شامل ڪري سگهجي ٿو. اهڙي ڪم ڪرڻ تي اسان کي رکيل مورائيءَ کي مبارڪباد ڏيڻ گهرجي. سنڌ جي ثقافت کاتي پڻ هيءَ هڪ انتهائي اهم ڪتاب شايع ڪري هڪ سٺو ڪم ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڀٽائي سائين جي منظوم ڀيٽا ڏيڻ واري روايت کي اڃا وڌيڪ سگهارو پڻ ڪندو.

                         اسان وٽ ڪرڻ جي لاءِ ته ڪم تمام گهڻو آهي، پر گهربل وسيلن جي کوٽ ۽ لاڳاپيل ادارن جي عدم دلچسپيءَ سبب سٺو ۽ معياري ڪم تمام گهٽ ٿي رهيو آهي. ڪي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجن ذاتي وسيلن ۽ واسطن جي بنياد تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيا آهن، اهڙن ماڻهن کي جيڪڏهن لاڳاپيل ادارن جو سهڪار حاصل هجي ته هو ايڏو وڏو ۽ معياري ڪم ڪري سگهن ٿا، جنهن جو ڪير تصور به نٿو ڪري سگهي. اڄ اسان جا تعليمي ادارا جنهن ڪم تي ماڻهن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ڏين ٿا. انهن کان وڌيڪ معياري ڪم انور پيرادي، بدر ابڙي، ڪليم لاشاري ۽ اشتياق انصاري ڪيو آهي. جن تي کين ڪيتريون ئي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ جون ڊگريون ملي سگهن پيون. پر انهن اهڙين ڊگرين جي لاءِ ڪم نه ڪيو، انهن سنڌ جي لاءِ ڪم ڪيو، جيڪا کين لاڏاڻي کان پوءِ پيار ۽ احترام جي جيڪا ڊگري ڏيندي آهي، اُها سڀني کان وڏي ڊگري هوندي آهي. جيئن تازو انور پيرزادي صاحب کي سندس لاڏاڻي کان پوءِ ڏني ويئي. رکيل مورائي به هيءُ ڪتاب يقينن نه آڻي سگهي ها، جيڪڏهن کيس ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالقادر منگي، ڊي جي ڪلچر شمس جعفراڻي، ڊائريڪٽر منظور احمد قناصري ۽ ٻين جو سهڪار حاصل نه هجي ها.

                         رکيل مورائيءَ هڪ طرف ڀٽائيءَ تي منظوم انداز ۾ ٿيل اهڙي احساساتي ڪم کي سهيڙيو آهي، جيڪو ڀٽائيءَ بابت ان عقيدت ۽ عشق کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا اِن سان سنڌ جي قلمڪارن جي رهي آهي. ٻئي طرف اهو تحقيقي ڪم ڀٽائيءَ جي عظمت کي شاعراڻي انداز ۾ ظاهر ڪري ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل سموري شاعريءَ ۾ مون کي جيڪا هڪجهڙائي نظر آئي، اُها اِها آهي ته، لڳ ڀڳ سمورن شاعرن ڀٽائي سائين کي ڪٿي به سنڌ کان الڳ ناهي ڪيو.

                         مان اڳ ۾ اهو سوچيندو هيس ته سنڌ جا اڻويهين صديءَ جي آخري پنجاهه سالن ۽ ويهين صديءَ جي شروع وارن پنجاهه سالن واري دور جا قلمڪار ته قومي شعور کان وانجهيل هوندا. انهن جي تخليقن ۾ سنڌ جو ڪو خاص ذڪر نه هوندو، ڇاڪاڻ ته انهن جون جيڪي لکڻيون پڙهڻ جي لاءِ مليون هيون، سي اهڙي ذڪر کان اڪثر خالي هيون. اسان سمجهندا هياسين ته ويهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ پيدا ٿيل شاعري ۽ ٻيا تخليقڪار ئي قومي شعور سان سرشار رهيا آهن، پر اسان جي اهڙي سوچ صحيح نه هئي.

                         هن ڪتاب ۾ مير عبدالحسن سانگي، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، شيخ اياز، ڊاڪٽر دائود پوٽو، جهامن داس ڀاٽيا، عبدالڪريم گدائي، محمد اسماعيل عرساڻي، هري دلگير، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمشيرالحيدري، نياز همايوني، انور پيرزادي، راشد مورائي، خاڪي جويي، نقاض ڪاظمي ۽ نويد سروش سان گڏ نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري شامل آهي. انهن سڀني شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڀٽائي سائينءَ جي ساراهه به آهي، ته ڪي سڏ به آهن، ڪي التجائون به آهن ته ڪي دعائون به آهن ۽ ڪي ميارورن آهن، ته ڪي پنهنجي بيوسيءَ جا داستان آهن. سنڌ ۾ شعور ڦهلائڻ واري هلچل ۾ هِن قسم جون ڪوششون پڻ اهم ڪردار ادا ڪنديون.

  موڪليندڙ : فياض حسين شيخ

هوم پيج تي واپس وڃڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو