last  updated:         20 - Jul - 2008

 هوم پيج

 نثري ٽڪرا

 نوان سنڌي فونٽس

 سلسو انڊلٺ

تصويرون

 ايڊيٽوريل

  بلاگ

 اديبن جا رايا

 رابطو

 مواد موڪليو

منهنجون ڪهاڻيون

 سنڌي خبرون

سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ هڪ انوکو ادبي ۽ معلوماتي مئگزين

 وائيس آف سنڌ جنهن ۾ مواد ۽ ميمبرشپ ڪرڻ لاءِ رابطو ڪريو.

فياض شيخ

ايڊيٽر

 

03313459554

عباس ڪوريجو

چيف ايڊيٽر

03003434235

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاههِ ڪانهي ويل وهڻ جي، متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو                      شاهه سائين

نثري ٽڪرا
hit counter of korejo web

 

 

 

اڪيلائيءَ جي آڪاس تي ڌرتيءَ جو چنڊُ

 

 

 الطاف امر

 †    ڀڳت  ڪنور! ڪهڙن مارن  لاءِ سڪ مون کي ماروئڙن جي، ڳائي پيو جن توکي بيدرديءَ سان قتل ڪيو*

 †     او منهنجا! خدا مون کي سياسي  بگھڙن کان بچاءِ*

  †    اي! سنڌ جا مهان ڪوي توڇا سوچيو  ته آخر ۾ دعائون لکي پنهنجي بخشش ڪرائيندس*

†      ڇا زندگي جي ڪنهن به ون/ وي تي اهڙو موڙ نه آهي، جتي تون ۽ مان ملي سگھون*

  †    ناسي نيڻن  وارا پرين، بي وفا شهر ۾  رهي ڪري پوءِ به وفا ڪرڻ نه وساري اٿئي*

 †      غلاميءَ جي ماني کان آزاديءَ جي بک ڀلي آ*

 †      اونداه رات ۾ مان ئي اڪيلو رهندس يا تون به چاندني  جيان اينديءَ *

 †      او منهنجي من جي رقاصا پنهنجي انائن جي ڇير ته نه پائي نچ *

      تون  اڪيلائيءَ جي آڪاس تي  ڌرتيءَ جو چنڊ ٿي اچڻي هئي *

 †     صدين جي جدائي ڀل ڏيئي وڃ پر روز روز  ڌوڪي جي ديوار  ته نه ڏي*

  †     خوابن جي شهر ۾ اڻپوريون خواهشون ڇا منهنجي ئي نصيب ۾ آهن *

  †   من! تنهنجي  ڪنوارن چپن جي جيڪڏهن پناهه نه هجي ها ته،  نه ڄاڻ ڪيترن صدين تائين اسان خانه بدوش  هجون ها *

  †  مان ماضيءَ جا اهي قصا وسارڻ ٿو چاهيان جيڪي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ سالن جا فاصلا پيدا ڪن  *

  †  استاد اياز! راڳ ڀيئرو ڳائي يا ڪلياڻ هنن اڻ ڄاڻ ۽ بي سمجھه ماڻهن کي ڪهڙي  خبر ته سُرَ تي سِرُ  ڏيڻ وارا  ’’امر“  ٿئي ويا* 

 مان جيون جون اهي گھڙيون ياد ڪري روئي پوندو آهيان جيڪي تنهنجي گيسونءِ  جي ڇانوءَ ۾  گذريون    گذريون  * 

    دانائن  جي بازار ۾ منهنجا دوست بي وقوفي جا هوڪا ڏيندا رهيان آهن *    

       سسئيءَ جي ننڊ  سسئيءَ  کان پنهون کسيو! پر مان ته راتين جون راتيون جاڳان پيو مون کي صنم ڇو نه مليو آ*

    ڪن ماڻهن مجنونءَ کي چيو ته تنهنجي ليليٰ جو رنگ ته ڪارو آهي! خبر اٿئي مجنونءَ  ڪهڙو جواب  ڏنو انهن کي  ائين ته پوِ ڪعبي جو به رنگ ڪارو آهي ان کي ڇو ٿو چاهيو وڃي *

   ڪنهن پڇيو ته ٻيو جنم ملئي ته ڇا ٿيڻ پسند ڪندي؟  چيم   تمر فقير!  جيئن ڀٽائي  جو  تنبوري  تي راڳ  ٻڌي  سگھان * تنهنجن  چاهتن جي بدلي اڃان مون کي ڪهڙين ڪهڙين ڀوڳنائون مان گذرڻو  پوندو * 

    داناعن  جي بازار ۾ منهنجا دوست بي وقوفي جا هوڪا ڏيندا رهيان آهن *    

سسئيءَ جي ننڊ  سسئيءَ  کان پنهون کسيو! پر مان ته راتين جون راتيون جاڳان پيو مون کي صنم ڇو نه مليو آ*

    ڪن ماڻهن مجنونءَ کي چيو ته تنهنجي ليليٰ جو رنگ ته ڪارو آهي! خبر اٿئي مجنونءَ  ڪهڙو جواب  ڏنو انهن کي  ائين ته پوِ ڪعبي جو به رنگ ڪارو آهي ان کي ڇو ٿو چاهيو وڃي *

ڪنهن پڇيو ته ٻيو جنم ملئي ته ڇا ٿيڻ پسند ڪندي؟  چيم   تمر فقير!  جيئن ڀٽائي  جو  تنبوري  تي راڳ  ٻڌي  سگھان *

تنهنجن  چاهتن جي بدلي اڃان مون کي ڪهڙين ڪهڙين ڀوڳنائون مان گذرڻو  پوندو *     

*

 

ڪتا