ڪهاڻيءَ جو فن، تاريخ ۽ سنڌيءَ ۾ اوسر

ڪهاڻيءَ جو فن، تاريخ ۽ سنڌيءَ ۾ اوسر

عباس ڪوريجو

صنف:

ڪهاڻي، مختصر ڪهاڻي، افسانو يا شارٽ اسٽوري هڪ ئي صنف جا مختلف نالا آهن. هتي اسان انهن بابت انتهائي مختصر پر جامع انداز ۾ سمجهاڻي پيش ڪنداسين.

وصف:

آمريڪن افسانانگار ايڊگر ايلن پو جي مضمون مطابق، “ افسانو نثر جي اها ڪهاڻي آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) ۾ پڙهي پوري ڪري.”

مختصر ڪهاڻي ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دور آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، ان وقت اها سوچ اڀري ته اهڙو ادب لکجي جيڪو مختصر ۽ بامعنى هجي، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو. افسانو سماجي مسئلن جو عڪس هوندو آهي ۽ عام پڙهندڙ جي ان ۾ خاص دلچسپي ڏٺي وئي.

انسائيڪلوپيڊيا آف سوشل سائنسز ۾ ڪجهه هن طرح وصف بيان ڪئي وئي آهي، “ هي اها فني تخليق آهي، جنهن کي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪوبه سچو مفهوم ناهي.”

ثابت ٿيو ته ڪهاڻي هڪ مختصر ڳالهه آهي، ان ڳالهه ۾ وقت جي لحاظ کان واقعن جو سلسليوار بيان هوندو آهي ۽ ان سلسليوار بيان کي ئي ڪهاڻي يا افسانو سڏجي ٿو ۽ اهو بيان فرضي هوندو آهي ۽ ان جا ڪردار ڪهڙا به هجن پر تن جو تعلق اسان جي سماج سان هوندو آهي.

 

تخليقي ادب ۾ افساني جو نرالو مقام آهي. جنهن تمام تيزيءِ سان دنيا جي مڙني ٻولين ۾ شهرت حاصل ڪئي. افسانو يا مختصر ڪهاڻي دراصل فڪشن جو حصو آهي، جنهن مان مراد اهڙو تخليقي ادب جيڪو غير حقيقي، جڙتو ۽ ڪوڙي قصي تي آڌاريل هجي. فڪشن ۾ ناول ۽ افسانو اچي وڃن ٿا.

 

بناوت:

 

  1. ايترو مختصر هجي جو هڪ نشست ۾ پڙهي پورو ڪري سگهجي.
  2. هڪ وقت فقط هڪ ئي واقعو پيش ڪيو ويندو، پوءِ اهو تمام مختصر يا تمام طويل ڇونه هجي.
  3. حقيقت نگاري هجي، ڪردار، واقعا ايترا به تصوراتي نه هجن جو فئنٽسي محسوس ٿين.
  4. واقعن، مڪالمن ۽ ڪردارن ۾ ربط هجڻ کپي.
  5. آغاز ۽ انجام پڻ هجي.
  6. ڪونه ڪو پيغام، ڳالهه، خيال يا سوچ پيش ڪيل هجي.

 

 

تاريخ:

افساني لاءِ چيو ويندو آهي ته اهو لوڪ ڪهاڻين، لوڪ داستانن، قصن يا آکاڻين جي پيداوار آهي. افسانو 17 صديءَ ۾ ڳالهه ٻڌائڻ واري روايت مان ادب جو حصو بڻيو.

ڪتاب “سنڌي ادب جو مختصر جائزو” ۾ اڪبر لغاري ڪهاڻي جي شروع ٿيڻ بابت لکي ٿو:

“ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ جڏهن صنعتڪاريءَ جو دور آيو ته ماڻهن جي زندگي ايتري ته تيز ٿي وئي جو ڊگهو ادب پڙهڻ لاءِ وقت نه رهيو، ان وقت اها سوچ اڀري ته اهڙو ادب لکجي جيڪو مختصر ۽ بامعنى هجي، تڏهن مختصر ڪهاڻي/افسانو لکڻ جو رواج پيو.”

ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو، “هي صنف فرانس جي صنعتي انقلاب جي اثر جو ڦل آهي.”

ڊاڪٽر فهميدهه حسين پنهنجي مقالي “ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت جو روپ” ۾ ڪهاڻي جي تاريخ ڪجهه هن ريت بيان ڪئي آهي:

“جديد مفهوم ۾ ڪهاڻي يا Short Story جي فن جي ابتدا لاءِ به مختلف رايا آهن. صحيح معنى ۾ پهرين اهڙي ڪهاڻي آمريڪا ۾ لکي وئي.واشنگٽن ارونگ 1819ع ۾ “اسڪيچ بوڪ” نالي ڪهاڻي لکي جنهن جو مقصد محض تفريح مهيا ڪرڻ بيان ڪيو وڃي ٿو.”

آمريڪا ۾ ايڊگر ايلن پو هن صنف کي مقبول ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. پوءَ اڳتي هلي او هينري، وليم سڊني، فرانس ۾ موپاسان، روس ۾ چيخوف ۽ گوگول، ڏکڻ ايشيا ۾ منشي پرم چند کي ان جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو.

اڄ جديد ڪهاڻي يا افساني جي فني لحاظ کان تبديلي “فليش فڪشن” جي نالي سان پيش ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اکرن، لفظن، جملن ۽ صفحن تي مشتمل ڪهاڻين لکڻ جو بنياد وڌو ويو آهي.

 

بنيادي جزا:

 

روايتي ڪهاڻيءَ جا حامي عام طور مختصر ڪهاڻيءَ جي ستن عنصرن يعني “پڪڊوطما ” وسيلي تشريح ڪن ٿا. جنهن مطابق:

پ مان مراد پلاٽ، ڪ مان مراد ڪردارنگاري، ڊ مان مراد ڊائلاگ(مڪالما) و مان واقعو، ط مان طرزِ تحرير(اسلوب) م مان مرڪزي خيال(مقصد) ۽ آخري الف مان مراد اختتام ورتي ويندي آهي.

جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ جي عنصرن جي جديد بناوت هن ريت ٻڌائي وئي آهي.

  1. شروعات/آغاز (Exposition ): جنهن ۾ مرڪزي ڪردار توڙي خيال لاءِ وضاحتي بيان ڪندي ماحول جوڙيو ويندو آهي.
  2. پيچيدگي/مونجهارو(Complication): اهو اڀرندڙ واقعو، جيڪو تضاد جو سبب بڻيو.
  3. فيصله ڪن گهڙي (Crisis): مسئلي جي اڀرڻ يا نسرڻ جو وقت، بحران.
  4. پڄاڻي(Climax): مسئلي جي حل طرف روانگي يا حل.

افسانو يا مختصر ڪهاڻي ڪي الڳ شيون نه آهن پر ٿوري تفريق جي ڪري الڳ سڃاتا ويا. افسانو هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ مبالغو يا افسانويت وڌيڪ هجي، جڏهن ته مختصر ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ تي زور ڏنل هوندو آهي ۽ مبالغو گهٽ هوندو آهي.

آمريڪي ادب ۾ وري مختصر ڪهاڻيءَ جا پنج عنصر Elements ڄاڻايا ويا آهن.

  1. ڪردار Character
  2. ماحول Setting
  3. پلاٽ Plot
  4. مسئلو Conflict
  5. مرڪزي خيال Theme

 

عالمن جا رايا:

ايڊگر ايلن پو:

“افسانو نثر جي اها صنف آهي، جيڪا پڙهندڙ هڪ ئي نشست (اڌ کان ٻن ڪلاڪن تائين) پڙهي پوري ڪري.

ايڇ جي ويلس:

“ڪابه ننڍي رچنا، جيڪا ويهن منٽن جي اندر پڙهي پوري ڪري سگهجي، تنهن کي ڪهاڻِي چئي سگهجي ٿو.”

ايڇ اي بيٽس:

“ڪهاڻي ادب جي سڀني نثري روپن ۾ وڌيڪ لچڪدار آهي، ڪهاڻي گهوڙي جي موت کان وٺي هڪ جوان ڇوڪريءَ جي پهرين محبت بابت به ٿي سگهي ٿي.”

ائنتون چيخوف:

“ڪهاڻي کي نه شروعات هجڻ گهرجي ۽ نه ئي پڇاڙي.” انهيءَ تشريح بعد هو ڪهاڻيڪارن کي ياد ڏياري ٿو ته هو اگر ڪهاڻيءَ جي پهرين صفحي تي ڀت تي ٽنگيل بندوق جو ذڪر ڪري ويٺا آهن ته اها بندوق ڇٽڻ ئي گهرجي.”

منشي پريم چند:

“ زندگيءَ جي ڪنهن به هڪ پهلوءَ ۽ جذبي کي افسانو چئجي ٿو.”

 

 

 

 

سنڌيءَ ۾ پس منظر:

 

سنڌي افساني جو اوائلي دور 1853ع کان پوءِ نئين رسم الخط ٺهڻ سان شروع ٿيو، ان وقت  “سورٺ راءِ ڏياچ”، “شهزادي ماڻڪ جي ڳالهه”، “سڌاتوري ۽ ڪڌاتوري” ۽ “ڀنڀي زميندار جي ڳالهه” جهڙيون ڪهاڻيون لکيون ويون، جن کي اسان مڪمل افسانو نٿا چئي سگهون.

ڊاڪٽر عبد الجبار جوڻيجو لکي ٿو:

“سنڌي افسانو جنهن کي اڳتي هلي ڪهاڻي سڏيو ويو. ان کي به هڪڙو پسمنظر آهي. اڳ ۾ اهو خيال هو ته ڪهاڻي/افسانو اڳوڻن ننڍن قصن يا آکاڻين مان اسريل آهي.” (سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو ٽيون، صفحو 69)

پهرين سنڌي ڪهاڻيءَ بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:

“1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ “شريف بيگم” جي نالي سان پهريون جديد افسانو لکيو.”

واسديو موهيءَ مطابق،“ سنڌيءَ ۾ لالچند امر ڏني مل جي “حُر مُکيءَ جا” پهرين ڪهاڻي آهي.”

جڏهن ته ڪجهه محقق پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي امر لعل هنڱوراڻيءَ جي “ادو عبدالرحمان” کي مڃين ٿا، جيڪا 1930ع ۾ ڪتابي شڪل ۾ ڇپي.

جديد ڪهاڻي جي شروعات 1914ع کان ٿئي ٿي، ڇو ته پهرين سماجي موضوع تي ڪهاڻي لعلچند امرڏني مل جي “حر مکيءَ جا” کي قرار ڏنو ويو آهي.

ورهاڱي کان اول جا مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار هي آهن: ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل مهرچند، لعلچند امرڏنو مل، پرڀداس، امر لعل هنڱوراڻي، عثمان علي انصاري، شيخ اياز، آسانند مامتورا ۽ نادر بيگ مرزا قابل ذڪر آهن.

 

 

ورهاڱي کان پهرين ڇپيل سنڌي ڪهاڻي ڪتاب:

 

س.ن ڪتاب جو نالو ليکڪ ڇپائيءَ_سال حوالو
1 من جا مڻيا منوهرداس ڪوڙيمل 1927 ملڪاڻي، 49
2 واندڪائيءَ جي وندر ٽهلرام پنواڻي 1928 ملڪاڻي، 49
3 ادو عبدالرحمان امر لعل هنڱوراڻي 1930 جوڻيجو، 70
4 چمڙا پوش ڪهاڻيون ڄيٺمل پرسرام 1932 لڇاڻي، 61
5 اندر جا اڌما پرڀداس 1932 جوڻِيجو،70 ۽ لڇاڻي، 66
6 اخلاقي ڪهاڻيون منوهرداس ڪوڙيمل 1935 ملڪاڻي، 49
7 پنج عثمان علي انصاري 1937 جوڻيجو، 71
8 جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪهاڻيون آسانند مامتورا 1939 لڇاڻي، 68
9 سرد آهون گوبند مالهي 1942 جوڻيجو، 71 ۽ لڇاڻي، 72
10 آرسي ۽ ٻيون ڪهاڻِيون آسانند مامتورا 1943 لڇاڻي، 69 ۽ ملڪاڻي 60
11 ريگستاني ڦول مرتب:گوبند مالهي 1944 لڇاڻي، 72
12 مرڪندڙ مکڙيون جهامنداس ڀاٽيا 1945 ملڪاڻي، 64
13 بکايل ايم آر ماڻيداساڻي 1945 ملڪاڻي، 64
14 خوشبوءَ ايم آر ماڻيداساڻي 1945 ملڪاڻي، 64
15 شهيدِ وفا محمد عيسى نظاماڻي 1947 ملڪاڻي، 64
16 سنڌي ڪهاڻي بهاري لال ڇاٻڙيا 1947 لڇاڻي، 73
17 سفيد وحشي شيخ اياز 1947 جوڻيجو، 73
18 نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون مرتب: نصير مرزا 1991 (هي ڪتاب دير سان ڇپيو)

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *