عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام

هڪ مڪمل سنڌي ادبي ويب سائيٽ

ڇڻيل گُلن تي صبح ــ ڪتاب جو بيڪ پيج رايو

ڇڻيل گُلن تي صبح ــ ڪتاب جو بيڪ پيج رايو
0 رايا, 21/02/2017, پاران , ۾ متفرقه

ڇڻيل گُلن تي صبح ــ ڪتاب جو بيڪ پيج رايو:
ــــــــ
سعيد سومرو نه رڳو منهنجي شهر قمبر جو آهي، منهنجو دل گهريو دوست آهي، هڪ حساس طبع ۽ پيارو ماڻهو آهي پر سعيد بطور شاعر جي به مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. هن جا شاعراڻا نثري ٽڪرا هجن يا شاعري، سعيد جي اظهار ۾ حُسناڪي آهي، خيال ۾ نواڻ ۽ گِهرائي آهي، موضوع وَرجايل نه اٿس ۽ اهو ئي سبب آهي جو هو پنهنجيءَٽهيءَ جي منفرد تخليقي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سعيد ننڍي وَهيءَ کان شاعري شروع ڪئي ۽ هن جو شاعراڻو رياض ٻن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. سعيد سومرو پنهنجي ٽهيءَ جي انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جن وٽ نه رڳو خيال، تفڪر، مشاهدو ۽ تخيل جا عنصر گِهرائيءَ سان ملن ٿا پر سعيد کي شاعريءَ جي فن تي پڻ عبور حاصل آهي. جيئن ته هن جي بنيادي صنف غزل آهي، ان ڪري عروض جي علم ۽ فن تي هن کي وڏي دسترس حاصل آهي.
غزل جي صنف سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ گذريل صدين ۾ ايترو ته ڊگهو ۽ گهڻ طرفو سفر ڪيو آهي ۽ ان ۾ ايترو ته لکيو ويو آهي، جو جيڪڏهن ڪو شاعر خيالن، گهاڙيٽن، ترڪيبن ۽ اڳ ٿيل تجربن جو ورجاءُ ڪندو ته پوءِ اُها شاعري ڪتابن ۾ ئي رهجي ويندي پر پنهنجي ادب ۽ سماج ۾ پير کوڙي نه سگهندي. اها ڳالهه سعيد ڀليءَڀتِ ڄاڻي ٿو ۽ هن ان کان بچڻ جي وڏي ڪامياب شعوري ڪوشش ڪئي آهي.
سعيد سومري جي سئو غزلن تي مشتمل هيءُ ڪتاب ان لحاظ کان سنڌي ادب جو پهريون شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ جيڪي سئو غزل ڏنا ويا آهن، اُنهن مان هر هڪ غزل جو وزن مختلف آهي. اهو عروضي شاعريءَ ۾ هڪ انوکو تجربو آهي، ڇاڪاڻ ته روايتي ۽ مخصوص گهاڙيٽن جا مطيع شاعر شايد اهو تسليم نه ڪن ته عروضي بحر جا سئو وزن ته عروضي نظام ۾ ئي ڪونه آهن ته پوءِ سعيد اها دعويٰ ڪيئن ٿو ڪري، يقينن روايتي شاعر يا بندشن جا سخت گير پوئلڳ ان تي وڏا اعتراض ڪندا پر ڪنهن به تخليقڪار کي آڱر کڄڻ جي ڀؤ کان نون تجربن جو پنڌ روڪڻ نه گهرجي. شيخ اياز اڳ ئي اِهي سڀ جوکم کڻي چڪو آهي. مان سمجهان ٿو ته جتي ادب، فن ۽ خاص طور شاعريءَ جو فڪر، خيال، تفڪر، مشاهدو جامد نه پر پنهنجي جوهر ۾ متحرڪ ٿين ٿا، تيئن شاعريءَ جو فن، گهاڙيٽا، بندشون، ترڪيبون، صنعت ۽ ان جا غنائيت، ردم يا موسيقيت جا نظام پڻ متحرڪ ٿين ٿا. شاعريءَ جي صنف ۽ نظام جي ڪنهن به عنصر کي جامد ۽ مستقل يا آخري سمجهڻ نه گهرجي. سعيد جو ڪمال اهو آهي ته هن سئو غزل مختلف سئو وزنن تي لکڻ باوجود پنهنجي خيال ۽ اسلوب جي تخليقي اصلوڪيت کي مرڻ يا متاثر ٿيڻ نه ڏنو آهي، نه ته تُڪبندي ۽ تصنع شاعريءَ جي روح کي خيال جي جدت ۽ اظهار جي تخليقي سُونهنَ کي سخت هاڃا رسائيندڙ سبب به ٿي سگهن ٿا پر اُها سعيد جهڙي هڪ پُختي شاعر جي خوبي آهي جو هن اهو نهايت ڏکيو تجربو نه رڳو ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريو آهي پر بيحد حَسين انداز ۾ پڻ ڪيو آهي. ڪٿي به اهو نظر نه ٿو اچي ته ڪو هُن غزل لکڻ وقت ان جو مخصوص بحر ۽ وزن سامهون رکي پوءِ لکيو آهي، يعني شعر جي صنعت هن جي خيال تي ڪٿي به حاوي ٿيندي نظر نه ٿي اچي. مون کي سندس هيءُ ڪتاب ۽ تجربو بيحد حَسين لڳو آهي.
مان سعيد کي هن نئين ڪتاب ۽ ان کي تخليقي يا فني تجربن تي دلي واڌايون ڏيان ٿو.

جامي چانڊيو
5 جنوري 20177ع

مختصر تعارف: عباس ڪوريجو

عباس ڪوريجو قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ 16 سيپٽمبر 1983 تي پيدا ٿيو. ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ 2005 ۾ ڇپيو.

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>