پنهنجي ڌرتي

پنهنجي ڌرتي

پنهنجي ڌرتي

 

 

 ‘هيلو!’

‘هيلو! سيٺ رامو مل ڳالهايان پيو!’

‘سيٺ ظلم ٿي ويو، قهر ٿي ويو!’

‘اڙي وري ڇا ٿي ويو!’

‘سيٺ،  سمجهه ته ڌرتي ڦاٽي پئي!’

‘اڙي زلزلو آيو ڇا!؟ ڌرتي ڦاٽي پئي ڇا!’

‘سيٺ،  ڪهرام ٿيوآ تنهنجي گهر!!’

‘ڇا ٿيو آ منهنجي گهر!؟’

‘ڇپ ڪري  ۽ سڀ ڪجهه چيٿاڙي ڇڏيئين!’

‘اڙي تون آهين ڪير!؟ ڳجهارتون ڇوپيو ڏين!’

‘مان ڀولو پيو ڳالهايان. . . . . بس ظلم ٿي ويو ٿي،  ڌرتي ڌڏي وئي . . . ‘

‘اڙي ڀولا! آخر ٿيو ڇا آهي. . . . .  جلدي ٻڌاءِ مان دل جو مريض آهيان. ‘

‘هڪ ڌڪ سان ٽي قضيا. . . .  ٽي لاش تنهنجي گهر ۾پيا ٿي. ‘

‘ڪنهن جا لاش؟؟’

‘تنهنجن ٽنهي شارپي ڪتن جا!’

‘پر انهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو!’

‘مان. . . . ! ڇو ته ڪالهه تون منهنجي ٿلهي پيءُ کي پنهنجي ٿلهن شارپي نسل جي ڪتن جا فوٽو ڏيکاريندي چيو هوته هن جي شڪل تنهنجي شارپي ڪتن سان ملي ٿي. ‘

‘ها! مان ته اهو ساڻس ڀوڳ ڪيو هو. ‘

‘تو ته ڀوڳ ڪيو هو پر بابو ويچارو صدمي ۾ مري ويو.  اڄ کيس دفنايو آهي. ‘

‘ڀولا! تون ڪوڙ پيو بڪين!’

‘مان سچ ٿو چوان. . . .  شڪ ٿي ته اڄوڪي اخبار پڙهي ڏس،  جنهن ۾ لکيل آهي ته هڪ پوڙهو گرمي جي سٽ نه سهي مري ويو. ‘

 ‘پوءِ ڏس نه، هوته گرميءَ جي ڪري مري ويو آهي. ‘

 ‘شڪر ڪر ته اخبار ۾ تنهنجو نالو نه ڏنو نه ته ٻچا ٻير ته چڙهي وڃنين ها! ڇو جو هو تنهنجي ئي ڪري مري ويو. ‘

‘پر مان ته تنهنجي پيءُ کي ناهي ماريو!’

‘مري ته تنهنجي ڏنل صدمي جي ڪري ويو نه. . . . ياد رک سيٺ تون مون کي يتيم ڪيو آهي، مان تنهنجي ٻارن کي يتيم ڪندس، تنهنجي پٽ وجي ڪمار کي يتيم ڪندس!’

‘ڀولا! آخر تنهجو مقصد ڇا آهي!؟’

‘منهنجو مقصد آهي ته تون مون کي ٻه ٽي هزار ڏي ته مان بابي جي جماڻي جي ماني ڪريان. ‘

-x-

 ’هيلو!’

‘هيلو! سيٺ رامو مل ڳالهايان پيو. . . . . ‘

‘سيٺ مون کي سڃاڻين ٿو. . . . !؟’

‘بابلا! مان فون تي تنهنجو فوٽو ته ڪونه پيو ڏسان!’

‘سيٺ! مان ڪلال مڪراڻي ٿو ڳالهايان. ‘

‘اڙي ڪلو خوش آهين،  ماڻهين پڻهين خوش آهن!؟’

‘سيٺ! تو سٺو ناهي ڪيو!’

‘اڙي بادشاهه! مان ڇا سٺو ناهي ڪيو؟’

‘سيٺ! تو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ماءُ کي اوڌر تي ڪپڙو نه ڏنو هو!’

‘اڙي بادشاهه! توهان ڏي اڳيان پئسا به رکت ڪيل آهن، اهي به اڃا ناهن مليا!’

‘سيٺ! ۽ مان جو توکان چئن مهينن جي ‘منٿلي ‘ ناهي ورتي؟!’

‘چڱو چڱو بادشاهه ڪلو! ماڻهين کي موڪل ته هزار جو ڪپڙو وٺي وڃي. . . . .  چڱو . . . . . نمستي!!’

-x-

  ’هيلو السلام عليڪم!’

واليڪم السلام! سيٺ. . . . .  رامو مل ڳالهايان پيو!’

‘سيٺ! مان سڃو ٿي ويو آهيان،  ڌنڌي ۾ مزو ناهي!’

‘هائو،  وزير ڇا حال اٿئي!؟ ‘

‘سيٺ! گهر جا خرچ وڌي ويا آهن،  ٻنهي گهر وارين سان پڄي نٿو سگهان!’

‘ته پوءِ هڪڙي ڀلا کپاءِ!’

ڪا چڱي پارٽي جاچي ڏي کپائيندو مانس!’

‘گهڻا ڏوڪڙ وٺندين!’

‘سودي تي ٺهي ٿا پئون پر هڪڙي ڳالهه ٻڌ سيٺ. . . . . . . . . . . . اٺ ڏهه ڏينهن اڳ مان ڪوهه مري ويو هئس.  تنهنجو پٽ وجي ڪمار به اتي آيل هو! هڪڙي ڏينهن اتي تارن ۾ لٽڪندڙ دٻن (ڪيبل ڪار چيئر لفٽ) جي هڪڙي دٻي ۾ مان پنهنجين گهر وارين سان گڏ ويٺو هوس ته منهنجي نظر تنهنجي پٽ وجي ڪمار تي پئي،  جيڪو اڳين ‘چيئر لفٽ’ جي دٻي ۾ ويٺو هو. . . . .  منهنجي گهر وارين کي ڏسي عجيب اشارا ڪري رهيو هو. . . .  مان ڀي غلط اشارا ڏنا مانس ته ڀونڊا ڏيڻ لڳو ۽ خبر اٿئي مون کي غيرت چڙهي وئي هئي،  اتي ئي ماريانس ها پر تنهنجي سر ڏي ڏسي ماٺ ڪئي!’

‘وزير! وجي ڪوهه مري ته پنهنجي ماءُ جي ڪاري ڪامڻ جي علاج لاءِ ويو هو ۽ اڄ صبح ئي واپس آيو آ.  هن کي ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن دڪان تان لهي ويو آهي بئنڪ ڏي.  خبر ناهي ڇو دير ڪئي اٿئين! مان پاڻ پريشان آهيان،  اچي ته سبق سيکاريانس ٿو. ‘

‘سيٺ! توڏي برادري جو منهن اٿئي!’

‘هائو، ابا وزير پرواهه نه ڪر!’

-X-

  ’هيلو. . . . .  رامو مل!!؟؟ ‘

‘جي جي ! رامو مل پيو ڳالهايان!’

‘مان ڌاڙيل نظرو ٿو ڳالهايان!’

‘خير ته آهي! بادشاهه هاڻي ڇا ‘پروگرام’ آهي!؟ ‘

‘پروگرام؟؟؟ ها ها ها. . . .  ها ها! وجي سنڀاليو اٿئي! ته ڪٿي آهي!؟ ‘

‘ٻه ڪلاڪ اڳ دڪان تان لهي ويو هو،  بئنڪ مان ڪجهه پئسا ڪڍڻ!’

‘ها ها . . . . ها ها!. . . آ وٺ هاڻي ڳالهائينس،  مون وٽ مهمان اٿئي!’

‘نمستي بابا. . . .  مان نظرو وٽ آهيان!’

‘تون ته بئنڪ مان ڪجهه پئسا ڪڍڻ ويو هئين!؟ ‘

‘هائو بابا! مان جڏهن پنهنجي دڪان تان لهي،  شاهي بازار جي موڙ وٽ پهتس ته ڪنهن پٺيان سڪ ڪري گاڏي ۾ ويهاريو، هاڻي نظروءَ وٽ آهيان. ‘

‘خير آهي پٽ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر ‘ديش پرائو’ ٿي وئي آهي! پوءِ به ڀونءِ ته پنهنجي آهي،  جنهن کي ماتا چوڻ سان لونءَ لونءَ ٺري پوي ٿي،  جنهن جو نانءُ وٺڻ سان ائين لڳندوآهي،  ڄڻ زخمن مٿان برف اچي وئي هجي!’

‘بابا! نظرو ويهه لک ڀُنگ گهري ٿو!’

‘پنهنجي ڌرتي تي لڪي ساهه کڻون،  اهو ڀلو آهي ان کان جو هتان هليا وڃون. ‘

‘سيٺ رامو مل صاحب! هاڻي مان اوهان جو خادم نظرو ٿو ڳالهايان. . . . . گهڻو ‘ملهه’ رکون وجي ڪمار جو! ‘

‘جيڪي تون گهرندين. . . . . . . . ‘

‘سيٺ! ويهه لک مناسب آهن. . . . . .  ٿي سگهيو ته خاص رعايت ملئي! هونئن به ڀُنگ نه ڀريندڙن جا فوٽو اخبارن ۾ موت جي خبر سان ايندا آهن! ائين نه ٿي جو وجي جو لاش به. . . . . . . . . ‘

‘نظرو! وجي کي ڪجهه نه چئجانءِ تون پنهنجي پئسن جو مالڪ!’

‘ڏاڍو تڪڙو مڃي ورتئي!’

‘نظرو، ڌرتيءَ جو جيڪو مون تي قرض آهي،  ان جو حصو مان توکي ضرور ڏيندس. ‘

‘چڱو،  پوءِ ڪڏهن ٿو ‘پکي’ پڃري مان آزاد ڪرائين!’

‘مان ٽن ڏينهن ۾ رقم تو تائين پهچائيندس!’

‘. . . . . . . ۽ ٻڌ چالاڪيءَ جو نتيجو وجي جو لاش بڻجي ملندئي!’

‘چڱو! سيٺ صاحب،  دعائن ۾ ياد!’

‘چڱو. . . . . !’

‘سيٺ! دعائن ۾ ته ياد ڪونه رکندين!  باقي پاراتا اثر نه ٿا ڏيکارن. . . . .  چڱو!  سدائين گڏ!’

-x-

 ’هيلو! ڊي پي او جاويد احمد پيو ڳالهايان، سيٺ رامون مل سان ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي؟’

‘جي، جي! رامو مل ئي ڳالهايان پيو!’

‘رامو مل صاحب! اوهان جو پٽ وجي ڪمار ڪٿي آهي؟ ‘

‘وجي!!!؟ وجي ته شهر کان ٻاهر ويل آهي. ‘

‘توهان وڏي غلط فهميءَ ۾ آهيو. ‘

‘اهو ڪيئن،  ڊي پي او صاحب!؟’

‘وجي ڪڏهن ۽ ڪهڙي شهر ويو آهي. ‘

‘وجي ڪوهه مري پنهنجي بيمار ماءُ جي علاج لاءِ ويل آهي!’

‘وجي ،  ڌاڙيل نظروءَ وٽ هو!’

‘ڇا. . . . . . ؟؟ نظروءَ وٽ! اهو وري ڪيئن ڊي پي او صاحب؟ ‘

‘۽ ڪالهه سڄي ضلعي جي پوليس ڪچي ۾ نظروءَ جي بدنام ٽولي سان مقابلو ڪيو،   جنهن ۾ رهزن نظرو پنهنجي انجام کي پهتو ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ مغوي،  جنهن جي سڃاڻپ اوهان جي پٽ وجي ڪمار طور ٿي آهي سو به ديهانت ڪري ويو. . . . . . هيلو. . . . . هيلو، . . . . . هيلو. . . . . سيٺ صاحب!!؟

‘جي،  رامو مل ڳالهايان پيو! ‘

‘توهان فون تي ڳالهائڻ ڇو بند ڪري ڇڏيو!؟’

‘بدنصيب پيءُ پٽ جي ديهانت جي خبر ٻڌي ريسور هٿ مان ڪيرائي وجهندو آهي. . . . . . . . . . .  پر پوءِ به مان خوش آهيان ته شمشان گهاٽ ۾ وجي جي بچيل هڏڙين کي پنهنجي ماتا ڌرتيءَ جي گود نصيب ٿيندي،  پنهنجي ڌرتي تي وهندڙ سنڌوءَ جي ڇولين جو قرار نصيب ٿيندو،  جيڪو ماتا جي لولين کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ آهي. . . . . . . . . . . . . . .  ڊي پي او صاحب! وجي کي ته پنهنجي ڌرتي جو قرار نصيب ٿيو،  باقي رهيو رامو مل،  ته ان جو جيڪو نصيب!!!

****

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *