سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه

سنڌي رسم الخط ۾ تبديليءَ جي ڳالهه

 سعيد چانڊيو

سال جا اڪثر ڏينهن ڪن مخصوص واقعن جي ڪري اهميت ڏئي ملهايا ويندا آهن جيئن چوڏهن فيبروري پيار ۽ محبت جو ڏينهن. پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح وري 21 فيبروريءَ جو ڏينهن مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. جنهن جي سفر جي شروعات 2008ع کان ٿي هر سال فيبروريءَ جي مهيني ۾ ٻين ٻولين جي قلم ڌڻين جيان سنڌي ٻوليءَ جا ماهر ۽ محقق پڻ سنڌي ٻوليءَ جي بچاءُ، وڌاءُ ۽ بقا لاءِ پنهنجون لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻائيندا آهن. وري ڪي ته انهن جي جواب ۾ ڪالم/ بحث لکندا آهن منهنجي خيال ۾ اها ڪوشش رڳو اخبارن ۽ رسالن تائين محدود رهجي ويندي آهي حقيقت ۾ اهي لکڻيون فقط وقتي بحث طور لکيون وينديون آهن ۽ ڪوبه عملي تحرڪ پيدا ناهن ڪري سگھيون ۽ وري نئين سال اچڻ تي ساڳيو نئون رينگٽ شروع ڪيو ويندو آهي. خير ڳالهه کٽائڻي ڪافي  عرصي کان ڪيترن ئي ٻولين جي ڄاڻن جو اهو خيال رهيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا اکر تمام گھڻا آهن انهن کي هٽائي (واڌارو اکر) صورتخطيءَ جي ڪجھ ڇنڊ ڇاڻ ڪجي. دوستن جي چوڻ مطابق ث ص ض ط ظ ذ ع غ ق ۽ ء کي هٽائي انهن جي جاءِ تي س، ت، ز، ڪ، ۽ ا اهي اکر انهن جي جاءِ تي ڪتب آندا وڃن مٿي اکرن جا اچار عربيءَ ۾ مختلف آهن پر اسان وٽ سڀني جا اچار ساڳيا آهن. منهنجي خيال ۾ اها هڪ وڏي غلطي هوندي جو ائين ڪرڻ سان لفظن جي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ ايتري ته تبديلي اچي ويندي جو پڙهڻ وارن کي چپي چپي تي پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پوندو. لفظن جي اصلي معنيٰ ۽ جملي جو گھربل مطلب سمجھ کان ٻاهر هوندو. اءٌ ان جو مثال سنڌ جي بلند پائي جي اديب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ سان ڏيان ٿو حڪيم صاحب لکي ٿو ته :

”جيڪڏهن (صورت) کي (سورت)، (چقمق) کي (چڪمڪ)، (حال) کي (هال)، (شق) کي (شڪ)، (صدا) کي (سدا)، (قابل) کي (ڪابل)، (ڪثرت) کي (ڪسرت) ،(روح) کي (روهه)، (قال) کي (ڪال)، (قتل) کي (ڪتل)، (غذا) کي (غزا)، (حق) کي (هڪ) ڪري لکبو، ته هيٺينءَ طرح معنائن ۾ زير، زبر جي نه هئڻ سببان وڏو رولو پئجي ويندو.“

حڪيم صاحب اڳتي انهن لفظن جي معنيٰ واضح ڪندي وڌيڪ مثال ڏئي پنهنجي راءِ کي مضبوط ڪندي لکي ٿو ته:

”(صورت) جي معنيٰ آهي (شڪل)، ته (سورت) گجرات جو هڪ مشهور شهر آهي يا قرآن شريف جو ڪو به هڪ باب، (چقمق) باهه کي دکرائڻ جو مشهور پٿر، ته (چڪمڪ)  وات جو چَڪُ ۽ هَٿَ جي مُڪَ، (حال) معنيٰ حالت يا خبرچار، ته (هال) معنيٰ وڏو صفو يا وڏو ڪمرو، (شق) معنيٰ ڦاڙ يا چير، ته (شڪ) معنيٰ گمان، (ڪثرت) معنيٰ گھڻائي، ته (ڪسرت) معنيٰ ورزش، ته (حق) معنيٰ سچ يا سچي ڳالهه، ته (هڪ) معنيٰ ايڪو.“

حقيقت ۾ اهڙا بيشمار لفظ ملندا جن جي معنيٰ غ مفهوم صورتخطيءَ جي تبديليءَ سان ڪجھ ٻيو نڪرندو. حڪيم صاحب اڳتي انهن لفظن کي جملن ۾ استعمال ڪندي پنهنجا دليل پيش ڪندي لکي ٿو ته:

” ”آءُ صورت ڏسي آيو آهيان“ ـــ ڇا، صورت يا سورت؟، ” چڪ مڪ سان ڪم لاٿم“ ــــ ڇا، چقمق  يا چڪ مڪ؟ ”ڀلي صدا اچي“ ـــ ڇا سدا  يا صدا؟ ” مون ڏٺو ته ڪابل آهي“ ـــ ڇا، قابل يا ڪابل؟ ” تنهنجو جهڙو آهي حال، تهڙو آهي ڪال“ ـــ ڇا، حال ۽ قال يا هال ۽ ڪال؟“

حڪيم صاحب ڪيڏي نه دانشمنديءَ سان پنهنجي ڳالهه مثالن سان سمجھائي آهي، حقيقت ۾ جي اگر لفظ حقيقي صورتخطيءَ ۾ لکيل نه هوندا ته انهن جي معنيٰ ۽ مفهوم عام ماڻهوءَ جي سمجھ کان دور هوندو.

خير اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هاڻِ وٺون ٿا هڪ ٻي ڳالهه کي ته جي اگر ٻوليءَ جي لپي تبديل ڪئي وئي ته پوءِ هزارين لکين ڪتاب جيڪي سنڌ جي نئين توڙي پراڻين، ادبي توڙي علمي ڪتب خانن ۾ پيا آهن، پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو.؟ ڇا انهن جي ورائي نئين سر ڇپائي ٿيندي؟ يا اهي ساڳي حالت ۾ هوندا؟ جي اگر ساڳي حالت ۾ هوندا ته پوءِ نئين ٽهيءَ لاءِ اهي ڪتاب عذاب جي برابر هوندا، ڇو ته انهن جي معنيٰ مفهوم، انهن جي صورتخطي  نئين نسل لاءِ اوپري طور ڪر کڻندي ۽ سمجھ کان ٻاهر هوندي. جي اگر ورائي ڇپائيءَ جو سوچبو ته پوءِ انهن ڪتابن جو الله واهي! ڇو ته اڄ تائين هزارين ناياب ۽ قيمتي ڪتاب اڏوهيءَ جي ور چڙهي ويا، مگر انهن کي ٻيهر ڇپائي شاگردن ۽ عام ماڻهن جي هٿن تائين نه پهچايو ويو، هزارين ڪتب خانا ڪيئن ورائي ڇپايا ويندا؟

اهو سڀ ڪجھ سمجھ کان ٻاهر آهي، تنهنڪري لپيءَ کي مٽائڻ هڪ وڏي غلطيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به ناهي.

ان جهڙيون پوسٽون

2 رايا

  1. محمد حسين لغاري

    سائين عباس ڪوريجو صاحب هڪ ننڍڙو عرض آهي توهان جيڪي فونٽ پنهنجي ويب سائيٽ تي يوز ڪيا آهن اگر اهي فانٽ اسان کي ملي وڃن ته واه واه ٿي ويندي…..
    عرضدار.
    سنڌي محمد حسين

    Facebook.com/alonesindhi

    جواب

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *