هزار تنهنجي ئي روشنين جا ستارا آهن

هزار تنهنجي ئي روشنين جا ستارا آهن

قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجو جي سالگره جي ماسبت سان

نــــواز ٻـــپـــڙ
سنڌ وطن ۽ دنيا جي مظلوم ، محڪوم ۽ پورهيت عوام جي حقن لاءِ زندگي جو پل پل ارپيندڙ ۽ سندن زندگين مان اونداهين جي راڪاس کي ختم ڪري روشنين جا مينار کڙا ڪندڙ محترم رسول بخش پليجي لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته ”رسول بخش پليجي کي مارڪس،اينجلز،لينن۽ مائو برزبان ياد آهن هن جي بي انتها ذهانت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي هن ۾ هڪ عظيم انقلابي ٿيوريشن ٿيڻ جا سڀ امڪان موجود آهن، هن سان ماڻهون اختلاف ته رکي سگهن ٿا پر هن جي يگانيت سان انڪار فقط هن سان ضد جي علامت آهي “ رسول بخش پليجي جي زندگي ۽ جدوجهد بابت جڏهن تصور ڪجي ٿو ته هن جي علم، عمل ۽ دانائي جا سرچشما ايترا ته بلند ۽ وسيع آهن جو ماڻهون دنگ رهجو وڃي، هن جي ڏسيل واٽ مظلوم ۽ هيسيل انسانن لاءِ هڪ سونهين جيان رهنمائي ڪري ٿي. رسول بخش پليجي جي شروعاتي زندگي اهڙن پسمانده سماجياتي قدرن سان وابسته رهئي آهي، جتي غربت، غلامي، ناانصافي ۽ اعليٰ انساني قدرن جي توهين ۽ ٻئي پاسي جاگيرداري، مذهبي جنونيت، پيري مريدي ۽ وڏيراشاهي جي روش جو مهورهميشه پورهيت طبقي جو جسماني، ذهني توڙي فڪري طور استحصال ئي سندس سپئيرر ايجنڊا رهي آهي، پاڪستان کي بطور هڪ رياست جي سيڪيولر، آزاد ۽ خدمختيار جمهوري اسٽيٽ بڻائڻ کپندو هو، جنهن ۾ قوميتن کي هرهڪ حوالي سان برابري جي بنياد تي ورتاءُ ڪيو وڃي ها پر انهيءَ جي برخلاف هڪ منظم رٿا وسيلي ملڪ ٺهڻ شرط جمهوري نظام کي مڪمل طور تي سائيڊ لائن ڪندي رڳو عوام کي رنگين خواب ڏيکاري ديوار سان لڳايو ويو ۽ طاقت جو سرچشمو عوامي قوت کي بڻائڻ بدران قبيلائي، ذاتي ۽ خانداني بنيادن تي فردن کي حق حڪمراني سونپي وئي، نتيجتن ايڪهين صدي ۾ به عوامي اظهار جي آزادين سميت چونڊ ۽ چوائس جون واڳون مٿاهين طبقي حوالي ٿيل آهن، انهيءَ حالتن ۽ وقت جي ستم ظريفي جي ڪري هن شخض ڄاتو ٿي ته انهن انسانيت جو ويري عنصرن کان اُن وقت تائين تبديلي جي حاصلات ناممڪن آهي جيستائي دنيا جي وسيع علمن جو گهرائي سان جائزو وٺي انهن علمن کي سماج ۾ مکيه حڪمت عملي وسيلي لاڳو نٿو ڪيو وڃي، ان وقت تائين تبديلي لاءِ ٿيندڙ ڪابه پيش رفت اڻپوري رهندي، انهيءَ بنيادي سبب جي ڪري اڄُ رسول بخش پليجي جي شخصيت بطور هڪ سياست دان، وڪيل، اديب، دانشور، مُفڪر، نقاد، لطيف شُناس، جنگي حڪمت عملي جو ڄاڻو، عالمي ادب، تاريخ، فلسفو، صحافت، دنيا جا انقلاب، تصوف،سوفي ازم، دنيا جا مذهب، مارڪس ازم، لينن ازم، فڪري مائوذيتنگ کي نئين سر زميني حالتن پٽاندڙ متعارف ڪرائڻ سندس اعليٰ ذهانت جو ئي ڪارنامو آهي، جئين هڪ چتر ڪار پنهنجي فن جا نقش چٽي ٿو، ائين ئي هن جا به ڌرتي تي رهندڙ يرغمال انساني سماج جي نجات لاءِ پنهنجي ڏاهپ جا نقش چٽيل آهن،
جتي فرسوده عورت دشمن قانون سماج ۾ رائج هجن، بي جان بُتن جا نالا زماني جي هوائن تي ڇانيل هجن ادارن تي مڙهيل ڪرپٽ ڪامورا شاهي جو راڄ هجي عوام سان ٺڳي دوکو ڪوڙُ رضاڪارانه غداري جا ويڪائو ڪردارسياست جي سبق ۾ (ا_ب) سمجها وڃن اهڙي صورتحال ۾ رسول بخش پليجو سماج جي پيرن ۾ پيل غلامي جون پيل زنجيرون ٽوڙي سڄاڳي جا سرچشما برپا ڪري وٺندو آهي، هي نهايت مُهارت سان ڄاڻ رکندڙ آهي ته نئين انسان جي تعمير ڪهڙي هئڻ گهرجي جو ماڻهو اندر ئي اندر ۾ پنهنجو پاڻ ۾ نئون انسان دريافت ڪري ان کانسوءِ علم سان لڳاءُ حالتن سان مقابلو ڪرڻ جي سگهه ۽ مزاهمتي سياسي جدوجهد عوام ۾ ڪهڙي طريقي منتقل ڪجي وقت ۽ حالتن پٽاندڙ ماڻهون جي سوچن رويئي ڪم جا طورطريقا ڪهڙا هئڻ گهرجن سندس فطرت ۾ شامل آهي. پليجو صاحب هر وقت غيرمنضفياڻي وهنوار جي شديد مُخالفت پئي ڪئي آهي ۽ انهيءَ ناانصافين جي نظام کي مات ڏيڻ لاءِ هروقت ميدان عمل رهيو آهي، سندس ئي خيال مطابق ته عوام جي اڪثيريت علمي سياسي شعور کان وانجهل آهي ۽ عوام صدين کان مٿاهين طبقي هٿان غلام بڻايل آهي، جتي سياست کي جاگيردارن جي جاگير سمجهو وڃي ٿو، اهڙي ماحول ۾ رسول بخش پليجي سيکاري ثابت ڪيو آهي ته پورهيت، هاري، مزدور، شاگرد، سنڌ جي عورت نه رڳو سياست ڪري سگھن ٿا پر عملي طور قوم جي اڳواڻي واري حيثيت سان پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، سندس ئي سماجياتي پارکو جي حيثيت ۾ راءِ عام جوڙڻ جي فن تي ڪمال جي گرفت حاصل رهي آهي، جنهن جو مثال، لانگ مارچن وسيلي پرامن جمهوري جدوجهد، وڪيلن جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف شاندار تاريخي جدوجهد، نقلي ترقي پسندن جي پرک، سائنسي انداز ۾ قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي گڏ متعارف ڪرائڻ، ايم آر ڊي تحريڪ، جديد سنڌي شاعري ۽ ادب جو دفاءُ، بهاري نه کپن، ون يونٽ خلاف تحريڪ، مزدور، هاري ۽ شاگرد جدوجهدون، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، بنگالاديش منظور آهي سندس نمايان ڪاوشون آهن، پليجو صاحب تحرير توڙي تقرير وسيلي سنڌ، مُلڪ ۽ بينل اقوامي سطح تي هر هڪ فورم تي ڳالهايو آهي پس و پيش هن جي سموري پورهيي جو محور فقط پورهيت طبقي جي آزادي رهي آهي جنهن ۾ هن نئون ادب، نئون فن، نئين انقلابي موسيقي جي ترتيب ۽ جديد ثقافتي قدر سياسي جدوجهد ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ طوڙي پُٺ تي پيل سماج جنهن ۾ عورت غلام هجي اُن وقت هن عورت کي عوامي حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ جدوجهدن ۾ شريڪ ڪري هڪ غير معمولي ڪارنامو سر انجام ڏنو جنهن جو مثال هن خطي جي سياسي جدوجهد جي تاريخ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي .
” هيءُ سڄو مُنڊ اڄ ڊهي به وڃي يا نه ڊهي،
پرينءَ جي پار کان ڪيڏا نه اشارا آهن!
مٿان ڪا ڪهڪشان ٺهي به وڃي يا نه ٺهي،
هزار تنهنجي ئي روشنين جا ستارا آهن “
هن وقت جڏهن سنڌ گهڻ طرفي بُهرانن حوالي آهي، ميگا پراجيڪٽس جي نالي تي ذوالفقارآباد، بهريه ٽائون، تڪراري گوڙاڻوڊيم سنڌ جي زمينن ۽ قدرتي وسيلن جي ڦرلٽ سميت مقتل گاهه بڻجي ويل اسان جو يونورسٽيون، شهري، قبيلائي ۽ مذهبي دهشتگردي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، عدم تحفظ جي احساس سبب ماڻهن جي چر پر محدود بڻجي وئي آهي اُتي رسول بخش پليجو ۽ سندس سياسي ۽ نظرياتي واٽ، فڪر ۽ پارٽي عوامي تحريڪ ئي آهي جيڪا عوام کي اهڙي گهٽ ٻوسٽ واري ماحول مان ڪڊي کين عوامي حقن جي حصلات لاءِ مُتحرڪ ڪري سگهي ٿي .

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *