محبت سوداگر جو وکر ناهي!

محبت سوداگر جو وکر ناهي!

محبت سوداگر جو وکر ناهي!

عباس ڪوريجو

  • ڪالهه چنڊ جو تمنائي گگهه انڌيري ۾ ٿاٻا کائي موٽيو.
  • عجب جنون آهي، واريءَ تي نانءُ لکي، لهرن کي ٿو روڪي!
  • زندگي وال بال جي “ڊوز آل” جيان ٻيو چانس ڇو نٿي ڏي؟
  • تو مونکي ناول لکڻ لاءِ نب ڀڳل پينيون ئي ڇو ڏنيون؟
  • اڻ ٺهڪندڙ تشبيهه ائين آهي، جيئن پنساريءَ کان ڪهاڻين جا ڪتاب گهرڻ.
  • مان چپ چاپ توکي ٻڌو پئي، ڳوڙهن چغلي هڻي ورتي!
  • پيدائشي انڌي کي ڪيئن سمجهائيندي دوست! ته دنيا رنگ برنگي آهي.
  • روشني اکين ۾ هجي يا گهٽين ۾ زندگيءَ جو احساس ڏئي ٿي!
  • او ڪاڪا ڪيرت! جلاوطنيءَ جي احساس ۾ لکيل ڪجهه ڪهاڻيون، سنڌ سان ڪهڙو سڳنڌ پيون پاڙين!
  • هي مصور آهي يا فوٽُوگرافر…موناليزا جو شاهڪار ته ڏس!!!
  • اي مورخ! لک ته اڄ هڪ ڊڄڻو بهادريءَ جي موت مري ويو.
  • “تر جي گٿي سئو چوٽون کائي” پر ڳالهه ترن جي مُٺ جي هجي ته!!!
  • او نادانڙي! اهي اکين جا ابابيل ڪنهن جي سار ۾ پئي اڏارين!
  • اها ڪهڙي سونهن پسندي آهي؟ پوپٽ کي پڪڙي، مُٺ ۾ ڀڪوڙي، ان جا رنگ تريءَ تي لاهي اڏاري ڇڏجي!
  • مان مرڪ پسند آهيان، جنهن ڏينهن توکي مرڪندي ڏٺو، ان ڏينهن ڪمري جي ڀت تان موناليزا جي تصوير لاهي ڇڏي آهي!
  • مان ٽٻڪن جي تنوار ۾ گم آهيان، تون لفظن جا لوڏا نه ڏي!
  • انتظار اهڙو ڀالو آهي، جيڪو منتظر جي دل ۾ کپندو ويندو آهي.
  • اي دوست! مان ڪڏهن ڀي يقين نه ڪندس، تون اها ڪوڙن جي انتاڪشري بند ڪر.
  • محرم! تنهنجي آٿت جي اي سي، منهنجي جذبن کي ٺاري رهي آهي.
  • هو دوستن کي چاٻين سان تشبيهه ڏيندي، هر قسم جي تالي لاءِ الڳ الڳ چاٻي رکندو آهي.
  • سال جي پڄاڻِي ٿيڻ تي آهي، پر مون کي ڇهين مهيني جي سار نه ٿي وسري.
  • عشق جي نئين وصف: ٽٻڪا، ڪامان، فل اسٽاپ ۽ سوال جي نشاني!!!
  • هن چري به ٺيڪ پئي چيو ته چنڊ ساڳيو سج آهي، فقط رات جو پائوڊر مکي ٿو نڪري.
  • اي نئين دور جا ڪهاڻي نويس! محبت ۽ بيروزگاريءَ کان اڳتي به گهڻو ڪجهه آهي!
  • “سروم دکم دکم” خود ان فقري ۾ به ڏک آهي!
  • لاجواب ٿيڻ اّخري سوال جو جواب هوندو آهي.
  • مان پئرس، لنڊن جون ڳالهيون ڪيئن ڪريان، مون ڄام شوري جي شام به ناهي گهاري!
  • ٿڃ لاءِ آتن گلرن کي ڪوئي ٻڌائي ته ڪتي مري چڪي آهي!
  • او مورک پوپٽ! هي مصور جو ڪمال آهي، گلن جي ٻاري نه!
  • ڪانڊيرو وڻ نٿو ٿي سگهي پر وڻ کي وري ڪهڙو اختيار آهي ڪانڊيرو ٿيڻ جو!؟
  • جي سڀ ماڻهو برابر آهيون ته ماتحتي ڇا لاءِ؟؟
  • پانُ کائيندي جڏهن ڏند ڪڍي کلندو آهين، تڏهين تنهنجا ڏند لاشن جيان نظر ايندا آهن.
  • سِرَ سِرَ سان ۽ سِرُ سِرَ سان ڳنڍبو تڏهن ايڪتا جي ڀت جڙندي!
  • واهه پيارا تنهنجا خيال! ڄڻ اڇي صاف ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪچرو.
  • ويندي چيائين، “مان توکان پري پئي وڃان!” چيومانس، “ويجهو ئي ڪڏهين هئينءَ!”؟
  • ساهڙ تنهنجي ڀر ۾، چري پوءِ ڀي تون ساهڙ ساهڙ پئي ڪرين!!
  • پارس جو ملهه سنياسين کي معلوم هوندو.
  • اک جو لڙڪ ته ٽشو پيپر سان صاف ڪري ورتم، دل جو روئي پئي، ان کي ڇا ڪريان!؟
  • مُنڌَ جو موهه آهي ئي ساهڙ جي ساهه سان…
  • هڪ عمر هوندي آهي جو پاٺڪ هر ڪتاب پڙهندو آهي، هڪ عرصو اهڙو ايندو آهي جو هو چونڊيل ڪتاب پڙهندو آهي، ڪا عمر ايندي آهي ته هو فقط هڪ ئي ڪتاب پڙهندو آهي، پوءِ اهو وقت اچي ويندو آهي جو هو خود ڪتاب ٿي ويندو آهي.
  • مان ڇا ڪريان؟ منهنجي سمهڻي آهي ئي اهڙي، جهڙو اسٽريچر تي لاش!
  • نثر ۽ نظم ٻوليءَ جا پٽ آهن، لفظ انهن جي ميراث آهن.
  • تاريخ هڪ البم آهي، هر دور هڪ تصوير.
  • مفلسيءَ ۾ هڪ ويلي جي ماني… وڏي انعامي پُکي نڪرڻ کان گهٽ ناهي.
  • اخلاق وڃائڻ تي ايترو ڀي ارمان ناهي جيترو پنج روپيه گم ٿي وڃڻ تي!
  • ڪنهن پڇيو، “ڪنهن سان چڱائي ڪئي اٿئي!” وراڻيم، “ها” وري پڇيائين، “ڳچيءَ ۾ پئي اٿئي!” وراڻِيم، “نه” ته چيائين، “تو ڀي چڱائي نه ڪئي هوندي!”
  • مظهريت تشبيهه وانگر آهي ۽ استعارو فنا وانگر.
  • ٻڌ! ڪڏهن ڪاڳر تي قلم کي ڦٿڪندي ڏٺو اٿئي؟!
  • روشن چنڊ ڏسي ڪارن ڪڪرن کي ساڙ ڇو پيو ٿئي!؟
  • استاد جو انڊلٺِي برش، نه ڄاڻ ڪيترا رنگ ڪينواس تي چٽي ڌوپجي ويو آهي!؟
  • سياست سچ ۽ محبت ميلاپ جي پيٽرول سان گهڻو ناهن هلي سگهندا.
  • ابتڪنڊڙيءَ سان ڪشٽ معنى پنهنجي ئي ڳل تي چماٽ!
  • مان هاڻي ٽيڙو ۽ هائيڪي جو فرق سمجهي ويو آهيان، مون کي ڪڏهن ٿا “عظيم شاعر” جو خطاب ڏيو؟
  • ٻوليءَ جي بچاءَ تي نئون مقالو: “نئپڪن کان ٽوالڙي جو سفر”
  • پٺيرڪو ويندڙ نوجوان کي آخر گاڏيءَ واري ائين ڇو چيو، “پاسي ٿي پوڙها! مري نه پوين؟”
  • ڪالهه هڪ ڪوئو پنهنجي چُر مان نڪري چوڻ لڳو، مون کي بچايو، شينهن منهنجي گهر ۾ گهڙي آيو آهي!
  • مان ڇا آهيان! ڪنهن لڙاٽيل شام جو شفق!
  • هو ائين پيو وات ڦاڙي کلي ڄڻ جنگ لاءِ گهگهو وڄندو هجي.
  • مون کي به احساس ٿيو ته مان به بکايل آهيان، جڏهن ڪنهن اڌ کاڌل انبڙي اڇلائي ڇڏي!
  • محبت سوداگر جو وکر ناهي، جو ڪجهه وٺڻ لاءِ ڪجهه ڏيڻو پوي!
  • ڪينچيءَ جو ڪم ئي آهي ڪترڻ ته پوِءِ ڀوءُ ڇاجو؟؟؟
  • وحشيءَ جي هٿ ۾ لٺ آهي، نه ڄاڻ نڌڻڪي ولر جو ڇا ٿيندو؟
  • ڪوڙ فرياد داخل ڪرائي آهي ته ڪوئي هن جي ڪوجهي پُٽ کان حسن ڦري ويو آهي!
  • هو چانڊوڪيءَ ۾ تنهنجو حسن ڪيئن محسوس ڪندو، هو شبڪوريءَ ورتل آهي.
  • مان ۽ منهنجا ڪتاب، ڪمري ۾ ائين پکڙيا پيا آهيون، جيئن تڏي تي ويٺل ڪانڌي!

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *