مان دودو آهيان!

مان دودو آهيان!

مان دودو آهيان

روپا ماڙيءَ جو رستو پڇائيندي پڇائيندي رڻ ۾ وڃي نڪتو هوس، پري کان سائي رنگ جو مقبرو نظر پئي آيو. ڊگهي ڪلراٺي ڪچي رستي سان نه ماڻهو نه پاڇو، رڙهندو وڃي ويجهو پهتم. مقبرو دودي جي غرور جيان ڪنڌ مٿي ڪيو بيٺل هو. منهنجي خيالن ۾ جڙيل روپا ماڙيءَ جي محل وارو تصور ڀري ڀورا ڀورا ٿي ويو جڏهن مقبري جي پٺئين پاسي رڳو ڦٽل ۽ ڊٺل آثار نظر آيا.

مقبري جو دروازو کولي اندر گهڙي پيم، وڏي اُڀي شانائتي قبر محسوس پئي ڪرايو ته ڪنهن دلير ۽ سورهيه مڙس کي ٻکي رکيو اٿس. قبر جي ڀرسان اچي عقيدت وچان هٿ لاهڻ مس چاهيو ته ڪڙڪيدار آواز ڇرڪائي وڌو.

” متان هٿ لاٿو اٿئي!“

پوئتي نهاريو ڪوبه نه هيو، اڳيان نظر ڦيرائي به ڪو نظر نه آيو، ڊوڙي دروازي تي آيس، ٻاهر به ڪوئي نه هو. حيران رهجي ويم ته ڪنهن جو آواز هو.

” ڪير آهين!؟ ۽ ڪيئن ڀلجي هيڏي آيو آهين؟“

ٻيهر ڇرڪندي پوئتي نهاريو، محسوس ٿيم ته آواز قبر جي ڀر مان پئي آيو. گهٻرائيندي تعارف ڪرايم،

” ڌرتيءَ جو خادم آهيان، ڌرتيءَ جي هن سورهيه پٽ جي حاضري ڀرڻ آيو آهيان.“

” واپس هليو وڃ…..!!“

” ڇو واپس وڃان…؟؟ ۽ توهان ڪير پيا ڳالهايو؟“

” مان دودو آهيان!!!“

منهنجا تاڪ ملي ويا، حيرت ۽ همت کي گڏي چيم:

” منهنجي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي ته توهان مون سان مخاطب ٿيا آهيو!“

” مون ستل ذهن ۽ ضميرن واري قوم جو فخر ٿيڻ نه چاهيو هو، اها قوم جيڪا پنهنجي سورهين کي رڻ ۾ رولي ڇڏي، آئون ان قوم جو سورهيه پٽ سڏرائڻ نٿو چاهيان….. هتان واپس هليو وڃ!“

”دودا…! يار ائين نه ڪر!“

” توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو هاڻي مري چڪو آهي آئون هاڻِي فقط سومرن جو پير آهيان.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *