لفظ ’ياد‘ جي جمع صورتن: ’يادون/ ياديون‘ جي ترجيحي صورت جو اڀياس

لفظ ’ياد‘ جي جمع صورتن: ’يادون/ ياديون‘ جي ترجيحي صورت جو اڀياس

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
منهنجي پياري دوست تولارام سوٽهڙ مون کان هڪ لفظ بابت پڇيو، تڪڙ ۾ ته هڪ جواب ڏنومانس، پر مطمئن نه ٿيم، ياد رهي ته ’ترجيحي صورت‘ مان مراد ڪابه صورت غلط نه ٿي چئي سگھجي، ان حالت ۾ مسئلو اهو هوندو آهي ته ڪهڙي صورت کي ترجيح ڏجي، ان ڪارڻ هي ڪيل اڀياس تولارام جي نالي ڪندي تنقيدي راءِ لاءِ دوستن آڏو پيش ڪجي ٿو:
سنڌي ٻوليءَ جي صرفي توڻي نحوي بناوت ۾ لفظن جي آخري سُر جي وڏي اهميت هوندي آهي. آخري سُرن ۾ به، ٽن قسم جي سُرن (ڊگھن، دهرن ۽ ڇوٽن) مان ڇوٽي سُر جي نفاست ۽ نزاڪت کي نوٽ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته، ڊگھن سُرن تي صرفي يا نحوي بناوت جو مدار، هندستاني ٻولين يا اردو ۾ به نوٽ ڪيو ويو آهي. ليڪن ڇوٽن سُرن تي نحوي بناوت جو مدار، سنڌي ٻوليءَ جي خاص مزاج ۾ شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مڙني لـﮨـجن موجب اها ڳالهه مسّلَم آهي ته مؤنث- مذڪر، واحد- جمع ۽ اسم جي فاعلي- مفعولي حالت ڇوٽي سُر تي منحصر هوندي آهي. ليڪن جديد تحقيق موجب اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ’حيدرآباد‘ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي ٻوليءَ ۾ آخري ڇوٽن سُرن جو حذف ڪرڻ يا بي- حسي عام آهي؛ ان صورت ۾ ڪنـﮨـن لفظ جي آخري وينجن جي ساڪن هجڻ ۽ ماقبل آخر وينجن جي سُر (لکندَم/ لکندُم) جي اهميت بابت ڳالهه ٻڌائڻ انتـﮨـائي ڏکي آهي. آخري سُر جي حوالي سان ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي جي شمارياتي تحقيق اهم آهي، جنـﮨـن ۾ صاحب موصوف آخري سُر جي ڪِرڻ ۽ هُجڻ جي حوالي سان نتيجةً ڄاڻائي ٿو ته: ”ٻيو لسانياتي ڦرڻو جيڪو رڪارڊ ڪيل گفتگوءَ جو تجزيو ڪرڻ وقت ثابت ٿيو، اهو هو لفظ جي آخر ۾ ايندڙ ننڍو سر، خاص طرح اسمن: سِرَ، مَکِ، مَسُ، نَڪُ ۽ واتُ وغيره ۾. هيءُ ڦرڻو ٻن ڦيرن جي صورت ۾ سامهون آيو هڪ لفظ جي آخر ۾ ننڍي سُر جي موجودگي ٻيو غير موجودگي.“ (ٻگھيو، 1998: 79)
ڊاڪٽر قاسم ٻگھئي صاحب واري تحقيق ’ٻوليءَ ۾ ڦير گھير/ تبديليءَ جي اڀياس لاءِ لسانياتي ڦرڻن جي چونڊ‘ ان حوالي سان قابل ذڪر آهي. جنـﮨـن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”سرَ ڪيرائڻ يا نه اچارڻ واري عادت لاسيءَ ۾ ايتري عام نه آهي جيتري ڪڇي يا لاڙيءَ ۾، جن ۾ آخري يا لفظ جي پڇاڙيءَ واري سر کي ڪيرائڻ جي مضبوط روايت/ رسم (Trend) آهي.“ (ٻگھيو، 1998: 81)
ڊاڪٽر ٻگھئي صاحب پنـﮨـنجي تحقيق لاءِ جيڪا ايريا متعيّن ڪئي آهي، سا هالا پراڻا کان حيدرآباد آهي. اسمن جي آخر ۾ ڇوٽن سُرن جي ڪيرائڻ ۽ نه ڪيرائڻ ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ڊاڪٽر ٻُگھيو صاحب اڻ- سڌيءَ طرح اها ڳالهه تسليم ٿو ڪري ته: حيدرآبادي لـﻫـجي ۾ آخري سُر واري بي- حسي نوٽ ڪئي وئي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ ڪنـﮨـن وينجن جي آخري ڇوٽي يا ڊگھي سُر جي اهميت کي هيٺين اهم عنوانن ۾ نوٽ ڪيو ويو آهي.
واحد- جمع
مؤنث- مذڪر
اسم جي فاعلي مفعولي حالت
حرف اضافت
حرف جر
هتي صرف آخري ڇوٽي سُر (Short Vowel) تي مرڪوز رهي هڪ لفظ جي واحد- جمع جا اصول جاچي هڪ لفظ ’ياد‘ جو جمع ڏسڻ مفقود آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ آخري سُر جي نسبت واحد- جمع جي صوتياتي فرق جو اڀياس
دنيا جي مڙني ٻولين ۾ واحد- جمع جو تصور آهي ۽ ٻولين جي نسبت ان جا ڪي دائرا پڻ متعيّن آهن. ٻولين ۾ اهڙن دائرن يا اصولن جو تعداد ڪافي ٿي وڃي ٿو؛ ظاهر آهي ته متعيّن دائرن جو بنياد روزمره واري ٻولي ئي هوندي آهي.
جيڪڏهن انگريزي ٻوليءَ جي واحد- جمع جي اصولن کي ڳڻينداسين ته ان جو به تعداد تقريباً 10 ٿي ويندو. ٻئي پاسي عربيءَ ۾ مستعمَل واحد- جمع جي اصولن/ وزنن کي ڏسنداسين ته ان جو تعداد تقريباً 20 وڃي بيـﻫـي ٿو. عربيِءَ ۾ ته صرفي لحاظ کان واحد- جمع کان علاوه ’تثنيو‘ پڻ آهي، جيڪوسنسڪرت کان سواءِ، دنيا جي ورلي ڪنـﻫـن ٻوليءَ ۾ هوندو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڄاڻائڻ موجب سنسڪرت ۾ تثنئي جو تصور موجود آهي. (الانا، 2004: 233)
سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع لاءِ مسٽر دلامل بولچند صاحب 7 اصول ڏسيا آهن (Bulchand, 2003: 22- 24) ؛ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لفظن جي مذڪر- مؤنث حالت جي صورت ۾ جمع- واحد جا الڳ الڳ اصول رکيا آهن، جيڪي 7 مؤنث اسمن مان جمع ٺاهڻ جا اصول ڏسيا آهن ۽ 8 مذڪر اسمن مان جمع ٺاهڻ جا اصول ڏسيا آهن. (الانا، 2010: 43- 51)
واحد- جمع جي حاصل مطلب ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”سنڌيءَ ۾ جمع واريون پڇاڙيون جملي ٽي آهن:
1. ’اُون‘ پڇاڙي: کٽَ- کٽُون، بلا- بلائون ۽ کنڊ- کنڊون. اهڙيءَ طرح مؤنث اسمن جو جمع عام طرح ’اُون‘ پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺـﻫـي ٿو. راجا- راجائون ۽ سيٺِ- سيٺِيون. اهڙيءَ طرح انهن پڇاڙين وارن ٿورن مذڪر اسمن جو جمع به ’اُون‘ پڇاڙيءَ گڏڻ سان ٺـﻫـي ٿو.
2. مذڪر پڇاڙي ’اَ‘ جنـﻫـن جو گھُٽيل اچار ’آ‘ مثلاً: ڇوڪرو، جمع ڇوڪرا يا ڇوڪرَ، گڏهُ جمع گڏهَ.
3. ’او‘ پڇاڙيءَ جا مذڪر توڙي مؤنث اسمن جي پٺيان گڏبي ته اهي سڏ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندا، مثلاً: ڀينرو!، ڀائرو! دوستو ۽ ٻيا.“ (قليچ، 2006: 17)
ياد رهي ته جنسي (Animate) ۽ غير جنسي (Inanimate) مؤنث- مذڪر وانگر واحد – جمع به ٿيندا آهن، ليڪن هتي ايتري باريڪ بينيءَ سان ڏسڻ جي گھرج محسوس نه ٿي ٿئي. ان کان هٽِي ڪري آخري سُرن جي بنياد تي هيٺ واحد مان جمع جي جڙڻ جو اڀياس پيش ڪجي ٿو:
آخري سُر [اَ]/ [اَن] جي تبديل:
عام طور ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اَ]/ [اَن] کي جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
کٽَ کٽُون
زالَ زالُون
موڪلَ موڪلُون
ترارَ ترارُون
قبرَ قبرُون
واٽَ واٽُون
ڪڻڪَ ڪڻڪوُن/ ڪڻڪَ
مسٽر دلامل بولچند صاحب لفظ ’ترار‘ ۾ آخري سُر [اِ] ڪم آندو آهي، جيڪو وچولي لـﻫـجي موجب ’ترارَ‘ ئي مناسب ٿيندو. (Bulchand, 2003: 9)
مٿئين اصول کان هٽِي ڪري [اَ] آواز سان ختم ٿيندڙ، ڪي لفظ اهڙا به سامهون اچن ٿا، جيڪي واحد توڻي جمع ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا ويندا آهن؛ جيئن:
واحد جمع
مددَ مددَ
اُسَ اُسَ
ڪڻڪَ ڪڻڪَ
نوٽ: ٻوليءَ جي نسبت ’ڪڻڪ‘ اهڙو لفظ به آهي جيڪو ٻنهي صورتن ۾ ڪم اچي ٿو.
آخري سُر [اِ]/ [اِن] جي تبديل:
عام طور ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اِ]/ [اِن] کي جمع جي صورت ۾ [يُون/ اُون] جي اچار سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
اَکِ اکيُون
سيٺِ سيٺِيون
دلِ دليُون
راتِ راتيُون
آڱرِ آڱريُون
جنگِ جنگيُون
ذاتِ ذاتيُون
ماقبل آخر کي ڊگهي سُر ’ آ‘ ۾ مٽائي + يُون
اوندَهِ اونداهيُون
ماقبل آخر جي زبر کي مٽائي + اُون
حالَتِ حالِتُون
ڪوڏَرِ ڪوڏِرُون
لالَچِ لالِچُون
برساتِ برساتُون
مُلاقاتِ مُلاقاتُون
آخري [اِن] سُر کي مٽائي + اُون
مينـﻫـِن مينـﻫـون
آخري سُر [اُ]/ [اُن] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُ]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
پُٽُ پُٽَ
اُٺُ اُٺَ
ٻِلُ ٻِلَ
مزورُ مزورَ
چَپُ چَپَ
ڪوڙُ ڪوڙَ
زيورُ زيورَ
هٿيارُ هٿيارَ
آخري [اُن] سُر کي مٽائي + اَن
شينـﻫـُن شينـﻫـَن
ڏينـﻫـُن ڏينـﻫـُن
مينـﻫـُن مينـﻫـَن
مُنـﻫـُن مُنـﻫـَن
مٿين مثالن کان علاوه رشتن تي مبني، [اُ]/ [اُن] آواز سان ختم ٿيندڙ اسمن جو جمع مٿئين اصول کان هٽي ڪري ٿئي ٿو؛ جيئن: پيءُ، ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻُ، ڌيءُ، نُنــﻫـن.
مسٽر دلامل بولچند صاحب اهڙن اسمن جي جمع بابت لکي ٿو ته:
“Masculine Nouns ending in [اُ] the words پيءُ، ڀاءُ and some other words showing relationship, and belonging to the Exception to that rule, viz: ماءُ، ڀيڻُ، ڌيءُ، نُنــﻫـن،, their plurals irregularly.”
Singular واحد Plural جمع
پيءُ پيئَرَ
ڀاءُ ڀائُرَ
ماءُ مائُون/ مائُرُ/ مائُرُون
ڀيڻُ ڀيڻُون/ ڀينَرُ/ ڀينَرُون
نُنـﻫـن نُنـﻫـُون/ نُـﻫـَرُ (Bulchand, 2003: 23- 24)
جمع جي صورت ۾ [ءُ] > [وَ] ۾ تبديل:
آخري [اُ] سُر جا [اَ] ۾ تبديل ٿيڻ وارا مثال مٿي اچي چڪا آهن؛ ساڳئي اصول تحت سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع جي حالت ۾ [ءُ] > [وَ] ۾ تبديل ٿيڻ وارا مثال به ملن ٿا، جيڪي آخري سُر ’ءُ‘ کان اڳ گھڻائپ ۽ چند بغير گھُڻائپ سبب ’واؤ‘ متحرڪ سان جڙن ٿا؛ جيئن:
واحد جمع
آخري سُر کان اڳ گھڻائپ وارا لفظ
ڪانءُ/ ڪانؤ ڪانوَ
نانءُ/ نانؤ نانوَ
ڏانءُ/ ڏانؤ ڏانوَ
ٿانءُ/ ٿانؤ ٿانوَ
هنيانءُ/ هنيانؤ هنيانوَ
وهانءُ/ وهانؤ وهانوَ
آخري سُر کان اڳ بغير گھڻائپ وارا لفظ
گھاءُ گھاوَ
پاءُ پاوَ
دٻاءُ دٻاوَ
آخري سُر [آ]/ [آن] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [آ]، جمع جي صورت ۾ [ئُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
دوا دوائُون
هوا هوائُون
دعا دعائُون
بلا بلائُون
اڻ- مَٽجندڙ آواز:
پوڄا پوڄا
آخري [آن] سُر
اهڙو ڪو لفظ ڪونه ٿو ملي
آخري سُر [اي] جي تبديل:
هن آواز سان ڪي واحد- جمع لفظ ڪونه ٿا ملن، البته جملي جي جوڙجڪ ۾ اهڙو آواز ڪم اچي ٿو، جيئن: ڇوڪري (مذڪر) ڪتاب پڙهيو.
آخري سُر [اِي]/ [اِين] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اِي]، جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
ٻِلي ٻليُون
ٽارِي ٽارِيُون
چورِي چورِيُون
ڳوٿِرِي ڳوٿِريُون
ٽوپِي ٽوپيُون
ٽوڪرِي ٽوڪرِيُون
مڇِي مڇيُون
اڻ- مٽجندڙ:
ڪڙمِي ڪڙمِي
ڌوٻِي ڌوٻِي
جوڳِي جوڳِي
شيدِي شيدِي
موچِي موچِي
کٽِي کٽِي
درزِي درزِي
منشِي منشِي
پکِي پکِي
موتِي موتِي
مٿيان اڻ- مٽجندڙ آوازن وارا چند مثال اهڙا آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ واحد- جمع توڻي مذڪر- مؤنث وارن اصولن جي ابتڙ استعمال ٿيندا آهن؛ مثال طور:
ٽوڪرِي، جمع ٽوڪريُون؛ ٽوپِي، جمع ٽوپيُون؛ ته ساڳئي اصول موجب موتِي جمع موتيُون ٿيڻ گھرجي، ليڪن ٻوليءَ جي لحاظ کان موتيءَ جو جمع موتي ئي ٿيندو.
ٽوڪرِي، ٽوپِي غير جنسي مؤنث ڄاتا ويندا آهن، جيئن: پراڻِي ٽوڪرِي، ڀلِي ٽوپِي؛ ساڳئي اصول موجب ڀلي ڌوٻِي نه ٿو بيـﻫـي بلڪه ڀلو ڌوٻِي، سياڻو جوڳِي وغيره.
آخري سُر [اَي] جي تبديل:
سنڌي ٻوليءَ ۾ [اَي] جي خاتمي سان ڪي واحد- جمع لفظ ڪونه ٿا ملن.
آخري سُر [او]/ [اون] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [او]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن:
واحد جمع
گھوڙو گھوڙا
ڪپڙو ڪپڙا
تارو تارا
آکيرو آکيرا
پڃرو پڃرا
عضوو عضوا
فائدو فائدا
درجو درجا
واڍو واڍا
پاسو پاسا
آخري [اون] سُر:
ڪينئون ڪينئان
سونـﻫـون سونـﻫـان
اڻ- مٽجندڙ:
ٽامو ٽامو
آخري سُر [اُو]/ [اُون] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُو/ اُون]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي، بلڪ ساڳي صورت ۾ رهي ٿو؛ جيئن:
واحد جمع
ماڻُهو ماڻُهو
رهاڪُو رهاڪُو
واٽـﻫـڙُو واٽـﻫـڙُو
تنبُو تنبُو
آبرُو آبرُو
ڌاتُو ڌاتُو
آخري [اُون] سُر (اڻ- مَٽجندڙ)
ڏاڙهُون ڏاڙهون
دارُون دارُون
ڳئُون ڳئُون
جُون جُون
آخري سُر [اَو] جي تبديل:
عام طور تي ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اَو]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي بلڪه ساڳي صورت ۾ بيـﻫـي ٿو؛ جيئن:
واحد جمع
ڀؤ (ڊپ) ڀوَ
تؤ (تکُ) توَ
مٿيان اصول جيڪي پيش ڪيا ويا، سي بنيادي طور تي سنڌي ٻوليءَ سان وابسته آهن، ان کان علاوه ڌارين ٻولين (عربي- فارسي) جا لفظ، توڻي اصول ٿوري گھڻي فرق سان پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ عربي- فارسي جي اصولن تي مبني واحد- جمع
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي توڻي فارسي جمع- واحد لفظن جي استعمال بابت راءِ رکي آهي.
ڊاڪٽر الانا صاحب لکي ٿو ته: ”عربي ۽ فارسي ٻولين جا ڪيترائي اسم جمع، سنڌي ٻوليءَ ۾ عدد واحد طور استعمال ٿيندا آهن؛ مثال طور:
عربي جمع لفظ سنڌيءَ ۾ واحد صورت سنڌيءَ ۾ جمع صورت
ارواح ارواحُ ارواحُ
اوليا اولياءُ اولياءَ
احوال احوالُ احوالَ
عجائب عجائبُ عجائبَ، عجائبات
عربي لفظ (عدد جمع) سنڌيءَ ۾ عدد واحد
اَرباب (رب) اَربابُ
اَرڪان (رڪن) اَرڪانُ
اَسباب (سبب) اَسبابُ
اَشراف (شريف) اشرافُ
اَفواهه (فوهه) اَفواهُہ
اِملاڪ (مِلڪ) اِملاڪُ
اولاد (ولد) اولادُ
جواهر (جوهر) جَواهرُ
ملائڪ (مَلڪ) مَلائڪُ
عيال (عيل) عيال
اهڙيءَ طرح ’باغات‘ ۽ ’مقرات‘ وغيره اسم ، فارسي ٻوليءَ ۾ عدد جمع جي صورت ۾ استعمال ٿيندا آهن، پر سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي لفظ عدد واحد جي صورت ۾ ڦرن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم جا ڪي عدد جمع، فارسي ترڪيب واري نموني تي به ٺـﻫـندا آهن؛ مثال طور: فارسي نموني موجب ’ها‘ ملائڻ سان عدد جمع ٺـﻫـندو آهي:
لک + ها = لکـﻫـا
گل + ها = گلـﻫـا
جنت + ها = جنتـﻫـا
’آن‘ پڇاڙي ملائڻ سان عدد جمع ٺـﻫـندو آهي؛ جيئن:
دختران
پِسران.“ (الانا، 2010: 50)
سائين الانا صاحب جي ڄاڻايل ’اِملاڪ (مِلڪ)‘ جي اِملا جي حوالي سان ياد رهڻ گھرجي ته عربي جي وزنن موجب: ’اَفعال‘ جمع مڪسر جو وزن آهي، جڏهن ته ’الف تي زير‘ سان ’اِفعال‘ ساڳيو وزن ’مصدر‘ طور ڪم آندو ويندو آهي؛ ان لحاظ کان جمع صورت لاءِ، عربيءَ موجب ’اَملاڪ‘ (زبر سان) لفظ جي صورتخطي درست ڄاتي ويندي آهي.
سائين الانا صاحب جن عربي ’اَفعال/ اَفۡعِلاء/ فَعائِل‘ ۽ ’جمع الجمع‘ جي وزنن وارن مثالن ڏانـﻫـن ڌيان ڇڪايو آهي، سي چند لفظن کان علاوه سنڌي ٻوليءَ ۾ بيشڪ واحد جي صورت ۾ استعمال ڪيا ويندا آهن.
نچوڙ
1. ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اَ]/ [اَن] کي جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن: کٽَ- کٽُون، دانـﻫـَن- دانـﻫـون؛
ان کان علاوه ساڳئي اصول کان هٽي ڪري ڪي لفظ اهڙا به هوندا آهن، جيڪي واحد توڻي جمع جي حالت ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا ويندا آهن، جيئن: مدَدَ، اُس وغيره.
2. ڪنـﻫـن واحد جي آخري آواز [اِ]/ [اِن] کي جمع جي صورت ۾ [يُون/ اُون] جي اچار سان تبديل ڪيو ويندو آهي؛ جيئن: اکِ- اکيون، مينـﻫـِن- مينـﻫـون.
3. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُ]/ [اُن]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: پٽُ- پٽَ، ڏينـﻫـُن- ڏينـﻫـَن؛
مٿئين ساڳئي اصول کان ٻاهر رشتن وارا لفظ نرالي نموني جمع ٿيندا آهن: جيئن: ماءُ- مائرون وغيره
4. ساڳئي اصول موجب ڪي لفظ اهڙا آهن جيڪي آخري [ءُ] کان اڳ گھڻي قدر گھڻائپ سبب ۽ ڪي بغير گھڻائپ هوندي به [وَ] وينجن متحرڪ ۾ تبديل ٿئي ٿو؛ جيئن: ڪانءُ/ ڪانؤ- ڪانوَ، گھاءُ- گھاوَ.
5. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [آ]، جمع جي صورت ۾ [ئُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: دوا- دوائون؛
مٿئين اصول موجب ٻوليءَ ۾ چند لفظ اهڙا به آهن جيڪي ساڳي صورت ۾ رهن ٿا، جيئن: پوڄا.
6. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اِي]/ [اِين]، جمع جي صورت ۾ [اُون] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: ٻلِي- ٻليُون، ٻانـﻫـِين- ٻانـﻫـيُون؛
مٿئين اصول موجب ڪي لفظ اهڙا آهن، جيڪي واحد توڻي جمع ۾ ساڳي صورت سان ڪم آندا وڃن ٿا، جيئن: سپاهِي، سنگتِي، ڌوٻي وغيره.
7. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [او]/ [اون]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان تبديل ٿيندو آهي؛ جيئن: گھوڙو- گھوڙا، ڪيئون- ڪيئان.
8. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اُو/ اُون]، جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي، بلڪ ساڳي صورت ۾ رهي ٿو؛ جيئن: ماڻُهو- ماڻُهو، ڏاڙﮩـُون- ڏاڙﮩـُون.
9. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري آواز [اَو]، جمع جي صورت ۾ [وَ] ’واؤ‘ متحرڪ سان تبديل ٿئي ٿو، جيئن: ڀؤ- ڀوَ.
10. ڪي لفظ مختلف آخري آوازن سان واحد توڻي جمع جي صورت ۾ ساڳي حالت ۾ رهن ٿا؛ جيئن: مدَدَ- مدَدَ، اُسَ- اُس، ڪڻڪَ- ڪڻڪَ؛ پوڄا- پوڄا؛ ڪڙمِي- ڪڙمِي، ڌوٻِي- ڌوٻِي، جوڳِي- جوڳِي؛ ٽامون- ٽامون؛ ماڻُهو- ماڻُهو، رهاڪُو- رهاڪُو، دارُون- دارُون، ڳئُون- ڳئُون؛ سَو وغيره.
11. عربي جمع وزنن وارا چند لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ گھڻي قدر واحد جي صورت ۾ ڪم آندا ويندا آهن؛ جيئن: ارواحُ- ارواحَ وغيره.
حاصل مطلب
سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور واحد مان جمع بڻائڻ لاءِ ٿلهي ليکي چار اصول سامهون اچن ٿا:
1. ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [اَ]، [اِ]، [آ]، [اِي]، جمع جي صورت ۾ اڪثر [اُون]، [يُون]، [ئُون] سان مٽجي ٿو؛
البته [اِي] سُر وارن لفظن جو ڪجھ حصو جمع جي حالت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي؛
2. ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [اُ]، جمع جي صورت ۾ [اَ] سان مٽجي ٿو؛
3. ڪنـﻫـن واحد لفظ جي آخر ۾ ايندڙ سُر [او]، جمع جي صورت ۾ [آ] سان مٽجي ٿو؛
4. ڪنـﻫـن واحد لفظ جو آخري سُر [اُو/ اُون] جمع جي صورت ۾ تبديل نه ٿو ٿئي؛ بلڪه ساڳيو ٿو رهي.
نتيجو
مٿيون اڀياس صرف هڪ لفظ ’يادِ‘ جي جمع ’يادون‘ يا ’ياديون‘ جي ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو. ان حالت ۾ هيٺيان ٻه معيار نڪري نروار ٿيا آهن، جنهن مان ان لفظ جي جمع واري ترجيحي صورت کي گذاريو وڃي ٿو:
اهڙو لفظ جنهن جي آخر ۾ ڇوٽو سُرُ (Short Vowel) /اِ/ اچي، ان جي جمع جون ٻه صورتون سامهون اچن ٿيون:
واحد جمع
1. اَکِ اَکيون
دِلِ دِليُون
هتي /اِ/ پڇاڙيءَ سان ’يُون‘ ڳنڍجي ٿو. (ي + واؤ معروف + نون گهُڻو)
2. لالَچِ لالِچُون
برسات برساتُون
هتي /اِ/ پڇاڙيءَ سان ’اُون‘ ڳنڍجي ٿو. (واؤ معروف + نون گهُڻو)
هن حالت ۾ جڏهن ٻوليءَ جي اصول موجب لفظ ’يادِ‘ جي جمع صورت لاءِ ڪا صورت جاچڻ لاءِ اڀياس کي سامهون رکجي ٿو ته ڪو خاص نتيجو نه ٿو نڪري. يعني ڪنهن به صورت کي رد ڏيڻ لاءِ ڪو درست وياڪرڻي اصول نه ٿو نڪري؛ ان حالت ۾ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ڄاڻايل ’ياد‘ جي جمع ’يادون‘ کي ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکجي ٿي. (بلوچ، 3080: 1988)
اڀياسي ڪتاب
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2004) سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1988) جامع سنڌي لغات {جلد 5} سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
ٻگھيو، قاسم، ڊاڪٽر (1998)- سنڌي ٻولي ( لسانيات کان سماجي لسانيات تائين) سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
مرزا، قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ- سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *