عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام

هڪ مڪمل سنڌي ادبي ويب سائيٽ

لفظ ’مان‘ ۽ ’آءٌ/ آئون‘ جو تقابلي جائزو

لفظ ’مان‘ ۽ ’آءٌ/ آئون‘ جو تقابلي جائزو
0 رايا, 25/02/2017, پاران , ۾ فيچرڊ

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
سائين مٺل جسڪاڻي صاحب سان ڪجهه وقت اڳ چيٽ پئي ٿي، سائينءَ خوشگوار ماحول ۾ لفظ ’مان‘ تي چيو ته ”ميرپور ساڪري وارا ته آءٌ ڪم آڻيندا آهن“، مون چيو سائين بيشڪ پر اسان ’مان‘ ئي ڪم آڻيندا آهيون. سائين جسڪاڻي صاحب شايد اهو محسوس ڪيو ته هن شايد مون تي طنز ڪئي آهي، ان ڪارڻ معذرت پئي ڪيائين. مون کيس چيو ته سائين اهڙي ڳالهه ڪونهي، هي ٻوليءَ جي لهجي جو معاملو آهي، ڪوشش ڪندم ته ٻوليءَ جي اصولن مطابق ان لفظ جو تقابلي اڀياس پيش ڪجي. ان ڪارڻ چند جملا هن سوشل ميڊيا ذريعي دوستن آڏو رکيا اٿم، ان اميد سان ته غير جانبدار ٿي غور ڪندا ۽ راءِ کان آگاه ڪندا.
سنڌي ٻوليءَ جا پنج اهم لهجا (Dialect) ڄاڻايا ويندا آهن، 1. اترادي، 2. وچولو، 3. لاڙي، 44. لاسي ۽ 5. ڪڇي. انهن مان ٻه لهجا ڪافي احاطو رکن ٿا، جن ۾ ڪي اپلهجا (Accent) اچي وڃن ٿا. انهن مان هڪ لهجي کي، ٻوليءَ جي اصولن ۽ مزاج مطابق سرڪاري طور تي معياري (Standard) مقرر ڪيو ويندو آهي. ورهاڱي کان اڳ يا ڪجهه وقت پوءِ وچولي يا ’ساهتي پرڳڻي‘ جي ٻوليءَ کي معياري لهجي طور مقرر ڪيو ويو ۽ تاريخي طور تي اها ڳالهه ثابت آهي، ليڪن اختيار ڌڻين ’حيدرآباد‘ کي معياري ۽ وچولو ڪري ڄاڻايو آهي. جڏهن ٻوليءَ جي بنيادي اصولن ۽ ٻوليءَ جي نفاست آهر ان موضوع تي ڪو ڪم ڪجي ٿو ته ڪافي عالمن کي جهڙوڪر بڇان لڳي ٿي.
حقيقت ۾ ٻوليءَ جي ڳالهايل لفظن کي صحيح يا غلط تي ڪونه توريو ويندو آهي؛ البته، معياري لهجي موجب ’ترجيحي صورت‘ (Preferential form) متعين ڪئي ويندي آهي. فرض ڪريو ته لفظ اترادي لهجي جي لاڙڪاڻوي اپلهجي موجب ’مشي‘، لاڙي لهجي موجب ’مچي‘ ۽ وچولي لهجي موجب ’مڇي‘ وارن ٽن اچاري لفظن مان ڪنهن به لفظ کي غلط نه ٿو چئي سگهجي، صرف اڀياس ۾ ئي آڻبو؛ ان صورت ۾ صورتخطيءَ موجب معياري صورت ۾ متعين ٿيل ’مڇي‘ ئي لکيو ويندو.
عام طور تي معياري صورت ۾ ’آءٌ‘ ئي لکيو ويندو آهي، ان جو خاص سبب اهو آهي جو اهڙن معاملن تي باضابطه اڀياس ڪونه ٿو ڪيو وڃي؛ پوءِ جنهن لهجي جا ماڻهو اختيار ۾ زور آهن انهن جي ڳالهه کي ئي اهميت رهي ٿي. جيڪڏهن حيدرآباد جي علائقي کي ’وچولو‘ ڪوٺين ٿا ته اهو ئي اصطلاح رائج رهي ٿو؛ پوءِ ڪير چوندو ته ’شينهن جي وات ۾ ڌپ آهي!‘
سائين جسڪاڻي صاحب عام طور ’مان‘ لفظ سان اختلاف ۽ ’آءٌ/ آئون‘ سان موافقت ان سبب رکي ويندي آهي ته: لفظ ’مان‘ مان مراد ’وڏائي‘ آهي ۽ ’آئون‘ ۾ نياز نوڙت آهي، ان لاءِ ’آءٌ‘ جو لفظ وڌيڪ مناسب آهي. اهو ڪو جواز (Justification) ناهي.
اصل ۾ سڪي جيان لفظ جي معنائن جا ٻه پاسا ٿيندا آهن، هڪڙا: لغوي، ٻيا: سماجي/ عام رواجي.
فرض ڪريو ته ’اسان/ اسين‘ لفظ سماجي طور اڪيلي لاءِ به ڪم ايندو آهي، جيئن: اسان ته فقير ماڻهو آهيون (واحد جي صورت ۾)، جڏهن ته ’اسان/ اسين‘ لفظ جمع لاءِ استعمال ٿيڻ گھرجي. توهان لفظ جمع آهي پر سماجي ٻوليءَ طور، ادب آداب جي لحاظ کان واحد لاءِ ڪم اچي ٿو، جيئن: توهان منهنجا دوست آهيو (واحد جي صورت ۾). ائين ئي لفظ ’مان‘ ضمير جي صورت ۾، واحد لاءِ به ڪم اچي ٿو ۽ سماجي ٻوليءَ موجب، اسم طور ’وڏائيءَ‘ لاءِ به ڪم اچي ٿو ۽ اسان توڻي اترادي پڻ ڪم آڻيندا آهن. اهي ٻوليءَ جا مزاج آهن.
ان کان علاوه ٻوليءَ جي گردان ۾ ’مان‘ جو لفظ ته ڦري ٿو ليڪن ’آءٌ‘ ۾ ڦيري جي سگهه ڪونهي. ان صورت ۾ ان لفظ کي غلط نه چئبو؛ ليڪن معياري ٻوليءَ جي صورت ۾ ’مان‘ ضمير متڪلم طور ئي مناسب آهي.
مجموعي طور تي اسان سڀ پرائمري کان وٺي، ڪتابي صورت ۾، ’آءٌ‘ پڙهون ٿا ليڪن پوءِ به لفظ ’مان‘ ئي ڪم آڻيون ٿا. ان جو اهم سبب ته اهڙا لفظ ٻوليءَ جي اصولن مطابق نه ٿا جاچيا وڃن.
سنڌي صورتخطيءَ موجب لفظ ’مُنـﻫـن‘ (زيرن- زبرن کان سواءِ) ٻن صورتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي:
11. ’مُنـﻫـن‘ جو لفظ ’چـﻫـري‘ جي معنى ۾ ڪم ايندو آهي، جنـﻫـن سبب مونجھاري جو امڪان رد نه ٿو ڪري سگھجي؛
22. ٻي صورت ۾ ’مُنـﻫـن‘ لفظ اصل ۾ پروس جزي طور، ضمير آهي، ڇاڪاڻ ته اڪيلي صورت ۾ ڪڏهن به ڪم نه آندو ويندو آهي؛ ’مُنـﻫـن‘ لفظ حرف اصافت ’جو‘ سان ئي بيـﻫـندو آهي. مٿي ڄاڻايل جملي ۾ ’منـﻫـنجو‘ لفظ ’گھر‘ سان مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿو، تنـﻫـن ڪري هن لفظ ۾ ’اضافتي صفت واري خاصيت‘ آهي ۽ جيئن ته ’مُنـﻫـن‘ لفظ اصل ضمير آهي، تنـﻫـن صورت ۾ ان کي ’ضميري صفت‘ چئبو. لفظ ’منـﻫـنجو‘ کي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’ضمير مشترڪ‘ ۾ ڄاتو آهي (لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- 1977: 156)، جيڪو وياڪرڻي مزاج مطابق درست ڪونهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مُنـﻫـِن‘ جو لفظ اصل ۾ ’مان‘ جي ٻي صورت آهي، جيڪو ’مان‘ ۾ ’حرف اضافت‘ ڳنڍڻ سبب ’مُنـﻫـن‘ جي صورت اختيار ڪندو آهي. وياڪرڻ جي لحاظ کان ’ضمير متڪلِم‘ آهي، پر جيئن ته حيدرآبادي/ لاڙي لـﻫـجي موجب ’مان‘ ۽ ’آءٌ‘ لفظن مان ’آءٌ‘ جي صورت کي معياري ڄاتو ويو آهي، جنـﻫـن سبب ان قسم جي لفظ تي مناسب غور ڪونه ڪيو ويو آهي. حيدرآبادي لـﻫـجي موجب’مان‘ لفظ کي معياري صورت ۾ شامل نه ڪرڻ جو اهو سبب ڄاڻايو ويندو آهي ته ’مان‘، ’خودي‘ ۽ ’پاڻ کي ڀانئڻ‘ جي معنى رکندو آهي. حقيقت ۾ ٻوليءَ جا ماهر ڄاڻندا آهن ته هر لفظ ٻه معنائون رکندو آهي، هڪ: لغوي، ٻي: رواجي! تنـﻫـن کان سواءِ جملي جي نوعيت پٽاندر هڪ جي حيثيت ضمير واري ٿيندي ته ٻئي جي اسم واري! اهڙي قسم جو جواز (Justification) محدود سوچ جو اظـﻫـار آهي.
’مان‘ لفظ مختلف صورتن ۾ ڦرندو آهي، هيٺ انتـﻫـائي مختصر ڦيرو ڏجي ٿو:
حرف جر ۽ حرف اضافت سان ’مان‘ جو تقابلي ڦيرو:
وچولي لـﻫـجي موجب: مان ڪتاب پڙﮩـان ٿو….. حيدرآبادي/ لاڙي موجب : آءٌ ڪتاب پڙﮩـان ٿو.
وچولي لـﻫـجي موجب: مون ڪتاب پڙﮩـيو…… حيدرآبادي/ لاڙي موجب : آءٌ ڪتاب پڙﮩـيو.
وچولي لـﻫـجي موجب: مون وٽ ڪافي ڪتاب آهن…. حيدرآبادي/ لاڙي موجب : آءٌ وٽ ڪافي ڪتاب آهن.
وچولي لـﻫـجي موجب: مون کي ڪجھ ڪتاب گھرجن … حيدرآبادي/ لاڙي موجب : آءٌ کي ڪجھ ڪتاب گھرجن.
وچولي لـﻫـجي موجب: منـﻫـنجو ڪتاب ڪٿي آهي؟….. حيدرآبادي/ لاڙي موجب : آءٌ جو ڪتاب ڪٿي آهي.
وچولي لـﻫـجي موجب: هي منـﻫـنجا ڪتابَ آهن. ….. حيدرآبادي/ لاڙي موجب : هي آءٌ جا ڪتاب آهن.
مٿين جملن ۾ جتي ’مان‘ جو تقابلي ڦيرو ڄاڻايو ويو آهي، جنـﻫـن مان واضح ٿئي ٿو ته ’آءٌ‘ جو لفظ صرف پـﻫـرين صورت (زمان حال) ۾ ڪم اچي ٿو، باقي ٻين جملن ۾ ڌاريائپ جو ڏک ڏيون بيٺو آهي؛ ان صورت ۾ زوريءَ معياري ٻوليءَ طور مڙﮩـڻ، زورآوري آهي.
’مان‘ جو تقابلي ڦيرو (وچولي لهجي (dialect) ۽ ڪن اترادي اپلهجن (Accent)موجب):
وچولي لـﻫـجي موجب: مون وٽ ڪافي ڪتاب آهن. ڪن اترادي اپلـﻫـجن موجب: مان وٽ ڪافي ڪتاب آهن.
وچولي لـﻫـجي موجب: مون کي ڪجھ ڪتاب گھرجن…… اترادي موجب : مان کي ڪجھ ڪتاب گھرجن.
وچولي لـﻫـجي موجب: منـﻫـنجو ڪتاب ڪٿي آهي؟ ….. اترادي : مان جو ڪتاب ڪٿي آهي؟
وچولي لـﻫـجي موجب: هي منـﻫـنجا ڪتابَ آهن…… اترادي : هي مان جا ڪتابَ آهن.
مٿئين تقابلي ڦيري مان واضح ٿيو ته ’مان‘ جو لفظ ’حرف اضافت‘ سبب ڦيرو کائي ’منـﻫـن‘ جي صورت اختيار ڪئي آهي، ٻي صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪنـﻫـن به لـﻫـجي ۾ اڪيلو ڪم نه آيو آهي ۽ نه وري ڪم اچڻ جوڳو آهي.
مٿئين مختصر اڀياس بعد اها ئي راءِ جڙي ٿي ته: ضميري لفظ ’مُنـﻫـِن‘، اضافتي لفظن ’جٗو/ جِي/ جٖي/ جا / جَن‘ کان سواءِ، ڪنـﻫـن به صورت ۾ اڪيلو ڪم نه ٿو اچي، ان حالت ۾ مذڪوره ’ضميري صفت‘ جا لفظ گڏي لکڻ ئي بـﻫـتر آهن. هيٺ چند مثال ڏجن ٿا:
(مُنـﻫـن + جٗو = منـﻫـنجو) مثال: منـﻫـنجو گھر محراب پور ۾ آهي.
(مُنـﻫـن + جِي = منـﻫـنجِي) مثال: منـﻫـنجِي پين ڏاڍو سٺو ٿي لکي!
(مُنـﻫـن + جٖي = منـﻫـنجٖي) مثال: منـﻫـنجٖي دوست مون کي ڏاڍي عزت ڏني.
(مُنـﻫـن + جا = منـﻫـنجا) مثال: منـﻫـنجا ڪتابَ ئي منـﻫـنجي ملڪيت آهن.
(مُنـﻫـن + جن = منـﻫـنجن) مثال: منـﻫـنجن ڀائرن سان تون ملي ته ڏس!
’منـﻫـنجو‘ لفظ جو بدل لفظ ’مون وارو‘ جي پڙتال:
’مُنـﻫـن‘ لفظ حرف اضافت ’جو‘ سان ئي ڪم ايندو آهي، جيڪو ’مان/ مون‘ جي هڪ صورت آهي. اهڙو تقابل، متبادل لفظ ’مون وارو‘ سان پيش ڪجي ٿو:
منـﻫـنجو گھر محراب پور ۾ آهي./ مون وارو گھر محراب پور ۾ آهي.
منـﻫـنجِي پين ڏاڍو سٺو ٿي لکي!/ مون واري پين ڏاڍو سٺو ٿي لکي!
منـﻫـنجٖي دوست مون کي ڏاڍي عزت ڏني. / مون واري دوست مون کي ڏاڍي عزت ڏني.
منـﻫـنجا ڪتابَ ئي منـﻫـنجي ملڪيت آهن. / مون وارا ڪتابَ ئي مون واري ملڪيت آهن.
منـﻫـنجن ڀائرن سان تون ملي ته ڏس! / مون وارن ڀائرن سان تون ملي ته ڏس!
لفظ ’منـﻫـنجو‘ ۽ ’مون وارو‘ ساڳئي معنى ۽ مفـﻫـوم وارا لفظ آهن، ڇاڪاڻ ته حرف اضافت ’جو‘ ۽ ’وارو‘ ساڳي مراد رکن ٿا؛ جيڪو ’مون‘ سان الڳ صورت ۾ لکجي ٿو. هن تقابل مان اهو واضح ٿئي ٿو ته لفظ ’منـﻫـن‘ حقيقت ۾ ’مان‘ يا ’مون‘ جي هڪ صورت آهي، جيڪا حالت اضافت سبب ڦيرو کائي ٿي. ’آءٌ‘ لاڙي/ حيدرآبادي لفظ آهي، جنـﻫـن ۾ جملي جي نوعيت سبب ڦيري جي سگھ ڪانهي؛ ان حوالي سان وچولي موجب ’مان، مون ۽ منـﻫـن‘ جون صورتون ئي معياري ڄاتيون وڃن، جيڪي ٻوليءَ جي نسبت جملي جي ڦيري ۾ درست ڦرڻ جي سگھ رکن ٿيون.
ٻوليءَ جي مزاج ۽ علمي معاملن مطابق، خود حيدرآبادي عالم پڻ ’مان‘ جو لفظ ضمير متڪلِّم طور ڪم آڻيندا آهن، جيڪا سندن مجبوري پڻ هوندي آهي؛ اهڙا مثال ’آئیے سندھی سیکھیں‘ ۾ ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبه پڻ ڏنا آهن، جنـﻫـن ۾ ڄاڻايل آهي:
”اب تک کے اسباق میں میں نے آپ کو زمانہ حال میں جملے بنانے کے اصول بتائے جن میں ضمیر متکلم مذکر مؤنث شامل ہیں آج ان کو دہرالیتے ہیں:
حسن: میں لکھتا ہوں۔ ماں لکھاں تھو۔
میں پڑھتا ہوں۔ ماں پڑھاں تھو۔
میں کھاتا ہوں۔ ماں کھاں تھو۔
میں پیتا ہوں۔ ماں پیئان تھو۔“ (آئیے سندھی سیکھیں، 2011: 68)
اردو طالب علم لاءِ ’ میں‘ جو بدل ’آئوں‘ بدران ’ماں‘ بـﻫـتر آهي، جيڪو ٻولين جو پاڻ ۾ رابطو به ڏَسي ٿو؛ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لفظ ’آئوں‘ بيشڪ وائڙو لڳندو.
لفظ ’مان‘ ضمير متڪلِّم جي صورت سان دلامل بولچند (Dulamal Bulchandd) صاحب به استعمال ڪيو آهي، جيڪو پڻ حيدرآبادي لـﻫـجي جو فرد هيو. صاحب موصوف ڄاڻايو آهي:
Singular Plural
مان هجان. I may be.
تون هجين. Thou mayst be
هو هجي. He may be.
اسين هجون.we may be
تَوِهين هجو. You may be.
هو هجنِ.they may be.
فوٽ نوٽ ۾ غالباً ايڊيٽر پاران ڄاڻايل آهي ته:
“The word مان= ‘I’ has also another form viz آءٌ, also written آئون ; and is ofen used instead of مان.” (A manual of Sindhi, 2003: 59)
مسٽر دلامل بولچند صاحب پنـﻫـنجي پوري ڪتاب ۾، ٻوليءَ جي گردانن ۾ ضمير متڪلم جي صورت ۾ ’مان‘ ڪم آندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي گردانن ۾ به ڦيرو کائي سگھي ٿو.

مختصر تعارف: عباس ڪوريجو

عباس ڪوريجو قمبر جي ڳوٺ ڪوريجا ۾ 16 سيپٽمبر 1983 تي پيدا ٿيو. ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ 2005 ۾ ڇپيو.

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>