لسانيات پٽاندر، آواز (Sound) ڇا آهي؟

لسانيات پٽاندر، آواز (Sound) ڇا آهي؟

آواز مختلف ذريعن سان سفر ڪندا آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Mediam) يعني هوا جي وسيلي پهچندا آهن. اهو آواز اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪندو آهي جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچندو آهي ۽ اتي آواز decode ٿيندو آهي ۽ اسين ٻڌڻ محسوس ڪندا آهيون.
ڪنهن به ٻوليءَ جو بنياد آواز هوندو آهي، جيڪي انسان پنـﮨـنجي وات مان، پنـﮨـنجي ماحول مان مختلف جيوت جا ٻڌندي، ڪڍندو آهي. اهو ئي سبب آهي جوڳالهائڻ واري ٻوليءَ جو بنياد آواز ٻڌڻ ۽ نقل ڪري ڪڍڻ تي هوندو آهي.
آواز ڪڍڻ ۾ جيڪي عضوا شامل ٿين ٿا انهن جا ٻه قسم آهن:
اچاريندڙ: هي اهي عضوا آهن جيڪي چرپر ڪري سگھن ٿا ۽ مختلف جڳهه والاري سگھن ٿا.
مخرج: هي اهي هنڌ ٿيندا آهن جن کي اچاريندڙ عضوا يا ته ڇهن ٿا يا وري وٽن ويجهو وڃن ٿا.
فرض ڪريو ته زبان جي چوٽي اچاريندڙ آهي ڇو ته اها آوازن اچارڻ وقت، هيٺ مٿي ۽ اڳي پوءِ ٿئي ٿي. ڏندن جون مهارون مخرج آهن ڇو ته آوازن اچارڻ وقت زبان جي چوٽي ان سان لڳي ٿي يا ويجھو وڃي ٿي.
ڳالهائڻ جي عمل ۾ هيٺيان عضوا ڪم اچن ٿا: چپ جو هنڌ، ڏندن جو هنڌ، مٿين ڏندن جي مهارن جو هنڌ، سخت تارونءَ جو هنڌ، نرم تارونءَ جو هنڌ، ڪاڪڙو، زبان جي مٿياڙيءَ وارو حصو، زبان جي اڳياڙيءَ وارو حصو، زبان جي پڇاڙيءَ وارو حصو، نڙيءَ جو هنڌ، نڙگھٽ جي ڍڪڻي، آوازي ڦڙڪن وارو هنڌ .
پروفيسر علي نواز جتوئي ڄاڻائي ٿو ته: اسان جڏهن ساهه هيٺ مٿي کڻندا آهيون تڏهن ڪوبه آواز نه نڪرندو آهي. مگر جڏهن پيٽ- ڇِهه (Diaphragm) جي مدد سان زور سان هوا کي ٻاهر ڪڍندا آهيون تڏهن آواز پيدا ٿئي ٿو. هوا جڏهن به زور سان سوڙهي گھَٽ/ لنگهه مان گذرندي آهي، يا اتي رڪجي پوءِ نڪرندي آهي تڏهن آواز پيدا ڪندي آهي. عام سازن مان آواز به انهيءَ اصول موجب نڪرندو آهي. ٻولين جا آواز به انهن اصولن موجب پيدا ٿيندا آهن. هوا جڏهن پيٽ- ڇهه جي مدد سان ٻاهر زور سان ڪڍون ٿا، تڏهن اها آوازي ڦڙڪن(Vocal Cards) جي وچان نڙگھٽ منجھان گذري نڪ ۽ وات جي رستي ٻاهر نڪري ٿي ۽ آواز پيدا ڪري ٿي. اهي آواز پنجن طريقن سان پيدا ٿين ٿا.
(الف) هڪڙا اهي آواز جن ۾ هوا جي گذر کي سندس گذرگاهه ۾ ڪٿي بند ڪيو وڃي. جـﮨـڙوڪ ڪ، گ، ڱ، د، ڊ، ڻ، ڀ، م وغيره جا آواز.
(ب) ٻيا اهي آواز جنـﮨـن ۾ هوا جو گذر، تمام سوڙهي لنگھ مان ٿئي؛ جـﮨـڙوڪ: هه، غ، خ، ش، س، ف وغيره جا آواز.
(ج) ٽيا اهي آواز جنـﮨـن ۾ گذرگاه جو وچون حصو بند ڪيو وڃي، مگر ان جو هڪ يا ٻئي پاسا هوا جي لنگھ لاءِ کليل هجن، جـﮨـڙوڪ: ل وغيره جو آواز.
(د) چوٿا اهي آواز جنـﮨـن ۾ هوا جي گذر وقت ڳالهائڻ جو عضوو جنبش يا حرڪت ڪري ٿو، جـﮨـڙوڪ: ر وغيره جو آواز.
(هه) پنجا اهي آواز جنـﮨـن ۾ هوا جي گذر کي ڪٿي رنڊڪ يا روڪ نه ٿئي مگر مُنهن جو پولار چپن ۽ ڄڀ جي وسيلي مختلف ٿيندو رهي، جـﮨـڙوڪ: اُ، اَ، اِ، اُون وغيره جا آواز.
آوازن جا قسم: بنيادي طور تي آواز ٻن قسمن جا آهن: وينجن (Consonants) ۽ سُر(Vowels). ٻوليءَ جي آوازن پيدا ڪندي هوا جو گذر، ڳالهائڻ جي عضون جي چرپر سان، وات جي ڪنهن به مخرج وٽ روڪجي ٿو ته پيدا ٿيندڙ آواز کي وينجن (Consonants) چئبو آهي؛ ٻي صورت ۾ هوا جي گذر کي بنا روڪ رنڊڪ جي گذارجي ٿو ته پيدا ٿيندڙ آواز سُر(Vowels) سڏجي ٿو. ياد رهي ته سرن ۾ کليل سر، اڌ کليل سُر، پوءِ اڌ سوڙها سُر ۽ سوڙها سُر ٿيندا آهن. (جتوئي، 1996)
وينجن (Consonants): ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
(ياد رهي ته صورتخطيءَ (Orthography) جي نقطه نگاه کان ’الف‘ ۽ ’همزو‘ هڪٻئي جا نعم البدل (representative) آهن.)
گھُڻا وينجن (Nasal Consonants): گھُڻن آوازن اچارڻ مهل نرم تارون هيٺ ڪري، وات واري کوپي ۾ هوا جو لنگهه بند ڪري، نڪ وارو کوپي کي کولي پوءِ ٻنهي نڪ ۽ وات مان هوا گذاربي آهي. ٿلهي ليکي اهي آواز جن جي اچارڻ ۾ هوا نڪ مان نڪري تن کي ’گُهڻا وينجن آواز‘ چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ بنيادي گھُڻا وينجن آواز آهن: [م، ن، ڻ، ڃ، ۽ ڱ]. واضح رهي ته انهن گھُڻن وينجنن ۾ ’م ۽ ن‘ الڳ خاصيتن وارا وينجن آهن، جڏهن ته ’ڃ، ڱ ۽ ڻ‘ نرالي حيثيت رکندڙ آهن.
سُر (Vowels): هن جا به ٻه قسم آهن، صاف سُر ((vowels ٻيا: گھُڻا/ نڪوان سر (nasal vowels)
صاف سُر: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او، اَو
گھُڻا/ نڪوان سُر: اَنْ، آنْ، اِنْ، اِين، اُنْ، اُونْ، اينْ، اَينْ، اونْ، اَونْ
يعني، سنڌي ٻوليءَ موجب ٽيبل ۾ ڄاڻايل سُرن ((vowels جو ڪل تعداد 20 ٿئي ٿو: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، او، اَو، اي، اَي،اَنْ، آنْ، اِنْ، اِينْ، اُنْ، اُونْ، اونْ، اَونْ، اينْ، اَينْ.
(حرف علت: ’الف، وا‍ؤ ۽ يي‘ ٻنهي وينجن (Consonants) توڻي سُر (Vowels) ۾ ڪم آندا ويندا آهن. واضح رهي ته حرف علت جو تعلق اکر، رسم الخط ۽ صورتخطيءَ سان آهي، ان کي سُر آواز ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي. يعني اهي اهڙا حرف/ اکر آهن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ صرف ڊگھن ۽ دُهرن سرن ۾ ڪم آندا ويندا آهن. )

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *