لسانيات موجب سُر (Vowel) مان ڇا مراد آهي؟

لسانيات موجب سُر (Vowel) مان ڇا مراد آهي؟

Abstract:
Through adaptations from various languages, certain terms appear to be the reason of some confusions. Such adaptations from languages like Arabic, Hindi, English or Persian posed challenges, which struggled to present a resolved study around their discourse. Writers like specialists in Arabic insist on the Arabic language, where one in English language elevates the English in contrast to other languages. Whereas, certain terms which come from different languages and get adapted by the host language have some parameters and criteria; that tends/ought to be studied critically.
In Sindhi language, vowel letter (حرف علت) and Vowel is being used in the same meaning and conception. Whereas, the relationship of Vowel Letter (Harf e illat) is with the letter to Orthography; and vowels have to do with the sound. Many of our scholars have been using both the words/terms, and without any study or understanding on particular usage of these terms, have often criticized and faulted each other.
In this study the term Vowel is studied and brought forward to consider objectively.

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاحن (Terms) جي دائرن تي ڪو خاطر خواه ڪم ٿي ڪونه سگھيو آهي، خاص طور لسانيات جي اصطلاحن تي! ان جو اهم سبب اهو به آهي ته اسان وٽ مختلف ٻولين جا لفظ پنـﻫـنجن دائرن سميت استعمال ٿين ٿا. پوءِ ٿئي ائين ٿو ته جيڪي اصطلاح عربي، فارسي يا انگريزي ٻوليءَ مان اسان جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا آهن ته انهن ٻولين جا پڙهيل يا خير خواه انهن اصطلاحن (Terms) کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. اهڙي حالت ۾ لاڳاپيل ادارن تي فرض ٿيندو آهي ته ڪنـﻫـن به علمي يا ادبي جز لاءِ ڪم ايندڙ مختلف لفظن تي عالمن جو مذاڪرو ڪري متفقه طور اصطلاحن/ لفظن جي منصوبه بندي ڪري مختلف ادارن کي استعمال ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪري. سنڌ ۾ علمي، تعليمي ۽ ادبي حوالي سان اهڙن لفظن جي منصوبه بنديءَ (Corpus Planning) لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو ادارو قائم ڪيو ويو. هن کان اڳ اهڙو ڪم سرڪاري طور تي تعليم کاتي پاران ٿيندو رهيو.
موجوده وقت، سنڌي ٻوليءَ ۾ Vowel لاءِ ’حرف علت‘، ’سُر‘ ۽ ’ڪَڪ پَٽي‘ استعمال ٿين ٿا. اهڙا انگريزي لفظ (Terms) ته پنـﻫـنجي جاءِ تي پوري دنيا ۾ مستعمل آهن ۽ انهن جا دائرا به وضع ٿيل آهن؛ عربي ٻوليءَ ۾ حرف علت جو دائرو به ان ٻوليءَ جي نسبت جڙيل آهي، اسان وٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اصطلاح لاءِ ٻه- ٽي لفظ ڪم آندا وڃن ٿا. گھرج ان ڳالهه جي آهي ته اهڙن لفظن جو اصولي اڀياس ٿيڻ بعد ڪوبه هڪ لفظ/ اصطلاح ڪم آڻڻ جي سفارش ڪئي وڃي.
مسئلي جو بيان
اسان جڏهن حرف علت جو ذڪر ڪندا آهيون ته ٽن اکرن: ’ا، و ۽ ي‘ جو تصور سامهون ايندو آهي؛ پر جڏهن اعراب جو اصطلاح ڪم آڻيندا آهيون ته ’زبر، زير، پيش، مدّ، شدّ ۽ جزم‘ ذهن تي رهندا آهن. ان کان هٽي ڪري جڏهن سُر (Vowels) کي ڏسندا آهيون ته ’اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او ۽ اَو‘ وارا آواز ياد اچي ويندا آهن.
اسان جي بزرگن وٽ Vowels لاءِ حرف علت جو اصطلاح ڪم ايندو رهيو آهي. عربيءَ جا پڙهيل اڪثر ’حرف علت‘ جو اصطلاح ئي ڪم آڻيندا آهن؛ سنڌيءَ ۾ ’ڪَڪِ پٽي‘ به حرف علت جو ترجمو لڳي ٿو. اردو ٻوليءَ ۾ عربي لفظ ’مصَوَّت‘ ۽ ’حرف علت‘ ڪم آندا ويندا آهن. ٻئي پاسي لسانيات جو ٿورو گھڻو مطالعو رکندڙن وٽ Vowels لاءِ ’سُر‘ جو لفظ ڪم آندو ويندو آهي. ڪن عالمن وٽ ٻنهي اصطلاحن جو گڏيل استعمال به ٿيندو رهيو آهي.
هڪ هائير سيڪنڊري اسڪول جي سينئر استادن سان ڪچهري پئي ٿي، هڪ استاد جيڪو ڪنـﻫـن اين.جي.او ۾ ماسٽر ٽرينر مقرر ٿيل هيو ۽ ڪافي اهڙن پروگرامن ۾ شامل ٿيندو رهيو، علمي ڪچـﻫـري ڪندي ٻڌايائين ته ’يتسمنوا‘ ۾ موجود اکر (ي، ت، س، م، ن، و ۽ ا) سنڌي ٻوليءَ جا Vowels آهن. خير، هن سان ان نڪتي تي گھڻي ئي ڏي- وٺ ٿي ۽ ٻڌايو ويس ته اهي ’زائد حرف‘ سڏبا آهن ۽ ڪنـﻫـن عربي لفظ جي بنياد لـﻫـڻ لاءِ انهن اکرن جو سـﻫـارو وٺبو آهي؛ پر اهو استاد صفا پاڻيءَ کان نڪري ويو ۽ اهو به ٻڌايائين ته ”هڪ ٽريني استاد مون سان اهڙو بحث ڪيو هو، ليڪن مون هڪ ڪتاب جي ذريعي هن سان بحث ڪري مڃايومانس ته بيشڪ ڄاڻايل اکر سنڌي ٻوليءَ جا Vowels آهن.“
اسان جي سرڪاري اسڪولن جي استادن يا ٽريننگ ادارن جي استادن جو حال به ان معاملي ۾ خسته آهي. هنن جي ذهنن ۾ جيڪي Cut ۽ Paste وارا فارميٽ جڙيل آهن تن کان هٽي ڪري ٻي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هوندا آهن. اها ڳالهه تڏهن ٿي ڪجي جو مون ڪجهه وقت عارضي طور سنڌ گورنمينٽ جي تعاون سان هلندڙ ’سنڌ ريڊنگ پروگرام‘ يا ’پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ‘ ۾ جزوي طورConsultant طور ڪم ڪري چڪو آهيان. آواز يا اکرن جي بنيادن کان واقفيت هجڻ ۾ ڪافي جهول نظر آيا آهن. اکرن جي معاملي ۾ اسان جي پرائيمر ڪتاب ۾ ئي چُڪون آهن، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ڪجي ٿي ته ڪو ماڻهو سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهي، رهندو ’ڀُون ڀُون‘ ڪري وٺي ٿا وڃن. هن وقت ضرورت آهي ته اهڙن معاملن تي ٻيـﻫـر سائنسي انداز ۾ بحث مباحثا ٿين ۽ ساڳين معاملن تي ٻيـﻫـر نظر ڌري وڃي.
’حرف علت‘، ’سُر‘ ۽ ’ڪَڪِ پٽي‘ وارا اصطلاح بنيادي معاملو آهي جن تي ٻيـﻫـر نظر ڌرڻ لاءِ اڀياس پيش ڪجي ٿو.
سُر (اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو)
هن اصطلاح جو تعلق آواز سان آهي، جيڪو ان جي لفظ مان ئي واضح آهي. سُر جا مثال (ڪڪِ پٽيءَ جي نالي سان: اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو) اسان جي پرائيمر ۾ به ڏنل آهن؛ اهڙا نڪوان/ گھُڻا سُر (اَن، آن، اِن، اُن، اين، اِين، اَين، اون، اُون، اَون) به ڏيڻ گھرجن ۽ ان نون گھُڻي جي صورتخطيءَ لاءِ به سوچڻ گھرجي. راقم جو هڪ پيپر ان اکر جي تعيّن بابت راءِ جي صورت ۾ ڇپيل به آهي. (راقم پاران نڪوين/ گهُڻن سُرن ۾ ’نْ‘ اکر جي تجويز رکي آهي. ڏسو ٽماهي مهراڻ: 2 ۽ 3، 2015)
اسان جڏهن حرف علت ٿا پڪاريون ته ذهن تي ’ا، و ۽ ي‘ جا اکر سامهون اچن ٿا؛ پر جڏهن سُر (Vowel) ٿا چئون ته ان مان مراد ئي اهڙا آواز آهن جيڪي گلي مان بنا رڪاوٽ جي اچارجن ٿا.
اصطلاح سُر (Vowel) بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڄاڻائي ٿو ته: ”سُر هڪ ڳرو آواز آهي، جنـﻫـن جي اچارڻ مـﻫـل، هوا، نڙيءَ ۽ وات واري کوپي مان، هڪ ’روان لـﻫـر‘ (Continuous Stream) جي روپ ۾ لنگھندي آهي. هوا جي ’نڪرڻ‘ يعني ’گذري وڃڻ‘ وقت، هوا کي نه ڪٿي ڪا ’رڪاوٽ‘ ٿيندي آهي (يعني روڪبو آهي) ۽ نه وري مخرج وٽ، اچار دوران، ان جي لنگهه ۾ ڪا ’سوڙهه‘ يا ’گھُٽ‘ يا رڪاوٽ، وجهي سگھبي آهي، جنـﻫـن جي ڪري هوا جي لنگهڻ مـﻫـل، ’گھَٽَ‘ (رڪاوٽ) يا لنگهه وٽ ڪو گـﻫـڪو ٿئي. جنـﻫـن آواز ۾ اهي سڀيئي خصوصيتون موجود هجن، تنـﻫـن کي ’سُر‘ (Vowel) چئبو آهي. (الانا، 2009: 96)
علمي حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئيءَ به ساڳي ڳالهه ڪئي آهي. يعني ’سُر‘ جو لفظ Vowel جو نعم البدل آهي. ان ڪارڻ صوتيات جي حوالي سان ’سُر‘ لفظ بيشڪ تز ۽ نـﻫـايت ٺـﻫـڪندڙ آهي. ان حوالي سان اصطلاح ’سُر‘ لاءِ ’حرف علت‘ استعمال ڪرڻ يا سمجهڻ مناسب ناهي. جن به اصطلاح ’سُر‘ لاءِ ’حرف علت‘ ڪم آندو آهي، تن سمجهڻ ۾ تڪڙ ڪئي آهي ۽ جن به ’حرف علت‘ ڪم آندو آهي ان مان مراد صرف ڊگھن سُرن ۾ ڪم ايندڙ اکر ’ا، و ۽ ي‘ ئي هجڻ گھرجي.
هن حوالي سان پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي راءِ بيحد مناسب ۽ پيرائتي آهي. صاحب موصوف ڄاڻائي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي آوازن پيدا ڪندي هوا جو گذر يا روڪ رنڊڪ بنا ٿئي ٿو يا روڪ رنڊڪ سان. پـﻫـرين حالت ۾ جيڪي آواز پيدا ٿين ٿا تن کي صوتيات ۾ سُر (Vowel) سڏجي ٿو ۽ ٻي حالت ۾ جيڪي ظاهر ٿين ٿا تن کي وينجن (Consonant) چئجي ٿو. سُر ۽ وينجن لفظ سنسڪرت زبان مان آيا آهن، انهن کي عربيءَ ۾ ’مصوّت‘ ۽ ’مصمّت‘ سڏجي ٿو. جيڪي اکر يا حرف، مصوّت آوازن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا تن کي ’حرف علت‘ سڏجي ٿو ۽ جيڪي مصمت آوازن لاءِ ڪم آندا وڃن ٿا تن کي حرف صحيح سڏجي ٿو. اهي اکر يا حرف آهن ۽ نه آواز؛ بلڪ آوازن جا تحريري نمائندا آهن.“ (جتوئي، 1996: 40)
پروفيسر جتوئيءَ جيڪي به لفظ/ اصطلاح يا جملا رکيا آهن، ان ۾ ڪٿي به ڪا جهول/ لچڪ نظر نه ٿي اچي؛ بلڪ ڄڻ ته ڪافي سوالن جا جواب هڪ حوالي ۾ سـﻫـيڙي رکيا آهن. لفظن/ اصطلاحن جا دائرا جوڙڻ ۽ ترجيح ڏيڻ کان اڳ وينجن ۽ سُر يا حرف صحيح ۽ حرف علت جو تتُ ٻڌائڻ لازمي آهي.
وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel) جو تعلق آواز (Sound) سان آهي، اکرن سان ناهي؛ جڏهن ته حرف صحيح يا حرف علت جو تعلق اکرن سان آهي.

حاصل مطلب /نتيجو
اڀياس پٽاندر جيڪي نڪتا سامهون آيا آهن، تن مان هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪنـﻫـن به استعمال ٿيندڙ اصطلاح کي رد نه ٿو ڪري سگھجي. سماجي لسانيات موجب ڪنـﻫـن اصطلاح کي رد ڪرڻ مان مراد سماج سان مـﻫـاڏو اٽڪائڻ برابر آهي. ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته اهڙن اصطلاحن جي اڀياس بعد ان جا دائرا مقرر ڪيا ويندا آهن ته جيئن ان جو استعمال درست انداز ۾ ٿي سگهي. اڀياس جي نتيجي ۾ ملندڙ چند نڪتن جي دائرن کي راءِ جي صورت ۾ رکجي ٿو:
وينجن ۽ سُر بابت اصولي ويچار: هي اصطلاحَ/ لفظ پنهنجي نوعيت مان ئي ٻڌائن ٿا ته هنن جو تعلق آواز ۽ آواز وارن عضون سان آهي. ان صورت ۾ مذڪوره لفظ استعمال ڪرڻ ڪنـﻫـن به حوالي سان رد ٿيڻ جوڳا ناهن. ان لحاظ کان ڊاڪٽر الانا ۽ پروفيسر جتوئيءَ جو چوَڻ نـﻫـايت مناسب آهي. پروفيسر جتوئي هن دائري لاءِ عربي لفظ: مصمّت (Consonant) ۽ مصوّت (Vowel) پڻ ڪم آندا آهن جيڪي پڻ مناسب آهي. هن ۾ هيٺيان آواز دائري جي صورت ۾ رکجن ٿا:
وينجن (Consonants): ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ، ج، ڄ، جهہ، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک، گ، ڳ، گهہ، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، هہ، ء، ي.
سُر(Vowels) : اَ، آ، اِ، اُ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو. (ان کان علاوه انهن جا گھُڻا/ نڪوان سُر به ٿيندا، جيئن: اَن، آن، اِن، اُن، اين، اِين، اَين، اون، اُون، اَون.
اها ڳالهه ياد رهي ته ڄاڻايل ڏهه سُر جو تعلق پوري اکري اچار سان ناهي، يعني سُر ’اَ‘ کي ائين ڪونه اچاربو ته ’الف، زبر اَ‘، بلڪ صورتخطيءَ جي لحاظ کان اها زبر آهي. جيڪو هڪ آواز ٻڌبو. سُرن ۾ ڄاڻايل ’الف‘ جي شڪل فرضي آهي.

حوالا/ ذريعا
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1967] 2009. سنڌي صوتيات. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
جتوئي، علي نواز، پروفيسر [1968] 1996. علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
جوکيو، الطاف حسين (2015) سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ نون گھُڻي جو مونجهارو. ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ، ٽماهي مهراڻ، 2 ۽ 3 (65)، ص: 22- 31. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *