علم عروض ڇا آهي؟

علم عروض ڇا آهي؟

علم العروض ڇا آهي؟

علم العروض  ان علم کي چئجي ٿو، جنهن وسيلي  شعر جي موزونيت ۽ جوڙجڪ بابت ڄاڻ ملي سگهي. آسان زبان ۾ ائين کڻِي چئجي ته اهو علم جنهن مان شعر جو وزن بحر معلوم ڪري سگهجي. عربستان  کان شروع ٿيل هن علم جو موجد خليل ابن احمد آهي. جڏهن مڪي شريف ۾ رهندو هو تڏهن هي علم ايجاد ڪيائين، هو تمام قابل ۽ ڄاڻُو  هيو پر چيو ويندو آهي ته هي علم کيس الهام ٿي آيو هو.

جيئن هن علم جي وجود ۾ اچڻ تي اختلاف آهن تيئن هن علم جي نالي جي منسوبي پڻ مخفي رهي آهي، ان حوالي سان ڪجهه دلچسپ خيال هتي ونڊيون ٿا.

  • خيمي جي وچ واري ڪاٺي/لڪڙو جنهن تي خيمو آڌاريل هوندو آهي ان کي عروض چيوويندو آهي، ان ڪري   شعر جو توازن معلوم  ڪرڻ کي ان ڪاٺيءَ سان ڀيٽ ڏني وئي آهي.
  • مڪي مڪرمه جو هڪ نالو عروض به آهي  ۽ جيئن ته هي علم مڪي ۾ ايجاد ٿيو، ان ڪري عروض نالو رکيو ويو.
  • شعر جي پهرين مصرعه جي آخري رڪن کي عروض چيو ويندو آهي. ان ڪري به نالو پيو هوندو.
  • عروض ، عرض مان ورتل آهي ۽ هن علم لاءِ خليل بارگاهه الاهي ۾ عرض رکيو هو.
  • عروض جي هڪ معنى ڪڪر به آهي،  جبل جو لڪ به آهي، ڪنهن شِيءِ جو پاسو يا ڪنارو به آهي

مختلف رايا آهن نالي جي حوالي سان پر وڌيڪ مستند اها لڳي ٿي ته عروض معروض مان ورتل آهي، مطلب جنهن تي دارومدار هجي ۽ شعر جو دارومدار ان جي ارڪانن جي وزن تي آهي ان ڪري هن علم جو اهو نالو رکيو ويو هوندو.

وزن : لغت ۾ ڪنهن شيءَ جي تورڻ کي وزن چوندا آهن، هتي وزن لفظ جي معنى ڀي تورڻ واري ئي آهي پر ماپ جو پيمانو اکرن تي مشتمل آهي، جيئن: اچ ۽ وڃ ، يار ۽ هار هم وزن لفظ آهن.

بحر:  رڪنن جي مجموعي کي بحر چئبو آهي.

ارڪان رڪن جو جمع آهي، لغوي معنى اٿس ڪنهن شيءِ جو وڏو حصو.

انهن سان شعر کي توربو آهي ۽ بحر هڪ تارازيءَ وانگر آهي جنهن جا پڙ اها شاهدي ڏيندا ته شعر انهن تڪن ماپن اندر ٺهيل آهي يا نه. ناموزون شعر جي وزن ڪرڻ لاءِ جيڪي حدون مقرر آهن تن کي ارڪان يا افاعيل ڪوٺبو آهي ۽ اهي  خليل ابن احمد ڏهه تيار ڪيا پر سنڌي ۾ ڪل 8  ارڪان آهن جن مان بحر ٺاهيا ويندا آهن.

فعولن 2. فاعلن 3. مفاعيلن 4. مستفعلن 5. فاعلاتن 6. مفاعلتن 7. متفاعلن 8. مفعولات

ارڪان ڪيئن جڙندا آهن ان لاءِ اسان کي متحرڪ ۽ ساڪن آواز (اکر) سمجهڻا پوندا.

متحرڪ:  اهي اکر جن جو آواز بلڪل چٽو، صاف ۽ واضع هجي يا انهن تي پيش، زير، زبر ڇد، مد وغيرهه هجي اهي متحرڪ سڏجن ٿا.

جيئن،  عباس …… هتي ع ب س متحرڪ آواز يا اکر آهن.

ساڪن: اهي اکر يا حرف جن تي جزم هجي يا اچارڻ ۾ چٽا، صاف ۽ واضع نه هجن اهي ساڪن سڏبا آهن.

جيئن، عباس……. هتي صرف ا ساڪن آهي.

ارڪانن جي بناوت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي  هيٺيان اصول پڻ سمجهڻا پوندا.

سبب: لغوي معنى نوڙي

وتد: لغوي معنى ميخ يا ڪوڪو

فاصلاL لغوي معنى ٿنڀو

سبب ٻه حرفي ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اڄ، اچ، دل، ٺا

ان جا ٻه قسم آهن.

سبب خفيف، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جو پهريون اکر متحرڪ ۽ ٻيو ساڪن هجي، جيئن ، ڀل، دل، ڏي، ها

سبب ثقيل، اهو ٻن اکرن وارو لفظ جنهن جا ٻئي اکر متحرڪ هجن. جيئن،  دمُ، ڪپُ

وتد ٽن حرفن واري ڪلمي کي چئبو آهي مثال، اهو، مال، سال، گلن

ان جا به ٻه قسم آهن.

وتد مجموع، جنهن جا پهريان ٻئي اکر متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن،  چمن، امن

وتد مفروق، جنهن جو  پهريون ۽ ٽيون اکر متحرڪ ۽ وچون ساڪن هجي، جيئن، سال، مال، حال

فاصلا جا به ٻه قسم آهن.

فاصلا صغرى، اهو ڪلمو جنهن جا پهريان ٽي متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، جيئن، علوي، قمري

فاصلا ڪبرى، اهو پنجن  حرفن وارو ڪلمو جنهن جا پهريان چار حرف متحرڪ ۽ آخري ساڪن هجي، سنڌي ۾ ان جو مثال موجود ناهي.

هاڻي اسان سڀني ارڪانن  جا اصول معلوم ڪنداسين:

فعولن فعو (وتد مجموع) لن (سبب خفيف)

فاعلن فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفاعيلن مفا (وتد مجموع) عي (سبب خفيف) لن(سبب خفيف)

فاعلاتن فا (سبب خفيف) علا (وتد مجموع) تن (سبب خفيف)

مستفعلن مس (سبب خفيف) تف (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفاعلتن مفا (وتد مجموع) عل (سبب خفيف) تن (سبب خفيف)

متفاعلن مت (سبب خفيف) فا (سبب خفيف) علن (وتد مجموع)

مفعولات مف (سبب خفيف) عو (سبب خفيف) لات (وتد مفروق)

بحر:

بحر لفظ جي لغوي معنى آهي سمنڊ يا درياءُ، علم العروض ۾ مقرر ڪيل حدن جي تڪن کي بحر چئبو آهي، جنهن سان شعر جو وزن پورو بيهاريو وڃِي. بحرن جا ٻه قسم ٿيندا آهن. سالم ۽ غير سالم

سالم بحر اهي آهن جن جا سڀ رڪن پوري طرح ثابت ڪم آيل هجن ۽ ڪابه ڪٽ ٽڪ نه ٿيل هجي.

غير سالم جنهن جي رڪن مان ڪو حرف گهٽ ڪيل يا وڌايل هجي، جيئن مفاعيلن جو بحر هزج جو هڪ رڪن آهي ان جو پڇاڙي وارو نون ڪڍي ڇڏبو ته مفاعيل ٿي پوندو يا ان نون جي اڳيان الف وڌيڪ رکبو ته مفاعيلان ٿي پوندو، ان وڍٽڪ جي ڪري اهو غير سالم بحر ٿي پوندو.

ڪل مشهور بحر 19 آهن. جن مان 15 خليل ابن احمد تيار ڪيا، 3 بحر ايراني عالمن ايجاد ڪيا ابوالحسن هڪ بحر تيار ڪيو.

پنج بحر طويل، مديد، بسيط، وافر ۽ ڪامل فقط عربيءَ ۾ استعمال ٿيندا آهن.

ٽي بحر جديد. مشاڪل ۽ قريب عجمين جا بحر آهن.

سنڌي ۾ استعمال ٿيندڙ بحرن جو تعداد گهٽجي ويو آهي.

هڪ رڪن مان ٺهندڙ بحر

بحر هزج (مفاعيل اٺ ڀيرا)

بحر رمل (فاعلاتن اٺ ڀيرا)

بحر تقارب (فعولن اٺ ڀيرا)

بحر رجز(مستفعلن اٺ ڀيرا)

بحر متدارڪ ( فاعلن اٺ ڀيرا)

بحر ڪامل( متفاعلن اٺ ڀيرا)

بحر وافر(مفاعلتن اٺ ڀيرا)

اٺن رڪنن مان 7 بحر تيار ڪيا ويا باقي بچو هڪڙو يعنى مفعولات ان مان مرڪب بحر ٺاهينداسين.

بحر بسيط(مستفعلن فاعلن چار ڀيرا)

بحر طويل ( فعولن مفاعيلن چار ڀيرا)

بحر مديد (فاعلاتن فاعلن چار ڀيرا)

بحر مجتث( مستفعلن فاعلاتن چار ڀيرا)

بحر مضارع( مفاعيلن فاعلاتن چار ڀيرا)

بحر مقتضب( مفعولات مستفعلن چار ڀيرا)

بحر منسرخ ( مستفعلن مفعولات چار ڀيرا)

بحر جديد ( فاعلاتن فاعلاتن مستفعلن ٻه ڀيرا)

بحر خفيف (فاعلاتن مستفعلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)

بحر سريع( مستفعلن مستفعلن مفعولات ٻه ڀيرا)

بحر قريب ( مفاعيلن مفاعيلن فاعلاتن ٻه ڀيرا)

بحر مشاڪل (فاعلاتن مفاعيلن مفاعيلن ٻه ڀيرا)

اسان جا سنڌي شاعر رڳو 12 بحرن ۾ غزل لکندا آهن ۽ انهن ۾ زحاف ڪتب آڻي ڪيترائي ٻيا وزن جوڙي ورتا اٿن اهڙا تجربا شيخ اياز جي غزلن ۾ ملن ٿا.

تقطيع ڇا آهي؟

لغوي معنى آهي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ يا وڍڻ. علم عروض جي اصطلاح ۾ شعر جي سٽ کي ٽڪرن ۾ ورهائي بحر معلوم ڪرڻ. ان کي معلوم ڪرڻ لاءِ اسان کي قافيي يا لفظن جي بيهڪ جو خيال ناهي رکڻو پر ساڪن ۽ متحرڪ آوازن کي سڃاڻي اهو معلوم ڪرڻو آهي ته ڪهڙو حرف ساڪن آهي ۽ ڪهڙو متحرڪ. ان کان پوِءِ وتد مجموع ۽ سبب خفيف کي ملائي رڪن معلوم ڪريو ۽ اصل بحر ڪڍي وٺو.

علم عروض هڪ هنر، فن ۽ ٽيڪنڪ ئي آهي، جنهن کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو ۽ ٻين کي پڻ سمجهائي سگهجي ٿو. شعر ۾ موسيقيت پيدا ٿئي ٿي جنهن ڪري ان شعر کي آرام سان ترنم ۾ ڳائي شعر جي فڪر جي گهرائي ۾ لهي وڃي سگهجي ٿو. هڪ سٺي ۽ ڪلاسيڪيت واري شاعري فني ۽ فڪري حوالي سان مڪمل هئڻ گهرجي، اگر فن ۾ کوٽ هوندي ته خيال ڪيترو به ڀرپور ڇو نه هجي اهو اثر ڇڏي نه سگهندو

ان جهڙيون پوسٽون

3 رايا

  1. hubdar jageerani

    تمام ڄاڻ ڀريو مواد ڏنل آهي سموري سٿ جو ٿورائتو آهيان
    فاصلا ڪبرى جا سنڌي ۾ مثال موجود نه آهن ته عربي مان ئي ڳولهي ڏنا وڃن مان پڻ ڳولي ناهيان سگھيو

    جواب
    1. عباس ڪوريجو

      پيارا حبدار جاگيراڻي! اسان جي ڪوششن کي ساراهڻ تي اسين اوهان جا شڪر گذار آهيون، اوهان جي راءِ مضمون جي ليکڪ تائين پهچائي ويندي.
      اميد ٿا ڪريون ته ويب سائيٽ تي ڀيرو ڀريندا رهندا.

      جواب

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *