طلاق

طلاق

سعادت حسين منٽو

هاڻي توهان سان منهنجو صلح ٿيڻ تمام مشڪل آهي مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو. ”

” لاحول ولا، هي تون ڇا چئي رهي آهين؟ ٻٽيهن ڪاتين سان وائي سوائي ڪڍجي تو ۾ سڀ کان وڏو عيب اهو آهي ته توکي ڪڏهن ڪڏهن اهڙا دورا ٿا پون جو تون هوش و حواس وڃائي ويهي ٿي رهين. ”

“توهان وري ڪهڙو هوش و حواس ۾ آهيو، چوويهه ڪلاڪ نشي ۾ ڌُت ٿا رهو.”

“آئون تو وانگي بغير پيئڻ جي به اجايو سجايو ته نه ٿو بڪان”

“ته ڇا آئون پئي اجائي سجائي بڪان. ”

“اهو مون ڪڏهن چيو پر تون اهو خود سوچ ته هي طلاق وٺڻ ڇا آهي؟ ”

“بس آئون وٺڻ ٿي چاهيان، جنهن مڙس کي پنهنجي زال جو ذرو به خيال نه هجي، ان کان طلاق نه گهرجي ته ٻيو ڀلا ڇا گهرجي؟”

“تون طلاق کان علاوه هونئن ٻيو سڀ ڪجهه گهـُـري سگهين ٿي. ”

“توهان مون کي ڏئي ئي ڇا ٿا سگهو؟ ”

“هي تو مون تي هڪڙو نئون الزام هنيو آهي تو جهڙي خوشنصيب زال ٻي ڪهڙي هوندي گهر ۾.”

“لعنت آهي اهڙي خوش نصيبيءَ تي. ”

“ان تي لعنت نه وجهه، خبر ناهي ته تون ڪهڙي ڳالهه تان ناراض آهين پر آئون توکي دل جي سچائيءَ سان يقين ٿو ڏياريان ته آئون توسان بي پناهه محبت ٿو ڪريان. ”

“خدا مون کي ان محبت کان پنهنجي پناهه ۾ رکي. ”

“هون! ڇڏ انهن دل ساڙيندڙ ڳالهين کي ٻڌاءِ ننڍڙيون اسڪول ويون؟ ”

“توهان کي انهن سان ڪهڙي دلچسپي آهي، اسڪول وڃن يا جهنم ۾ آئون ته دعا ٿي ڪريان ته مري وڃن.”

“ڪنهن ڏينهن تنهنجي زبان مون کي تپيل چمٽي سان ٻاهر ڇڪي ڪڍڻي پوندي، شرم نٿو اچئي جو پنهنجي اولاد لاءِ اهو ٿي بڪين. ”

“مون چيو نه ته مون سان بدڪلامي نه ڪريو، شرم ته توهان کي اچڻ گهرجي ته هڪ عورت سان جيڪا توهان جي زال آهي ۽ جنهن جو احترام ڪرڻ توهان جو فرض آهي، ان سان توهان بازاري انداز ۾ گفتگو ڪري رهيا آهيو. حقيقت ۾ اهو توهان جي خراب سوسائٽي جو اثر آهي ۽ جيڪو تنهنجي دماغ ۾ ڦيٽاڙو آهي ان جو ڪهڙو سبب آهي؟ ”

“توهان ٻيو ڪير؟ ”

“ڏوهاري ته هميشه مون کي ئي ٿي چوين. سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ”

“مون کي ڇا ٿيو آهي، جيڪو به ٿيو آهي، اهو صرف توهان جي ڪري ٿيو آهي. هر وقت منهنجي سر تي سوار ٿا رهو. آئون توهان کي چئي چڪي آهيان ته مون کي طلاق ڏيو. ”

“ڇا ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو اٿئي؟  مون کان بيزار ٿي وئي آهين؟ ”

“حيف آهي توهان تي، مون کي ڪا اهڙي تهڙي عورت سمجهيو اٿوَ؟ ”

“طلاق وٺي ڇا ڪندينءَ؟”

“جتي اَجهو مليو هلي وينديس. محنت مزدوري ڪري پنهنجن ۽ پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالينديس. ”

“تون مزدوري ڪيئن ڪري سگهندينءَ. صبح جو نوين بجي ٿي اٿين. نيرن ڪري وري ليٽي ٿي پئين. ڏينهن جي ماني کائڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪلاڪ ٿي سـُـمهين. پنهنجو پاڻ کي ته ڌوڪو نه ڏي! ”

“ها ها هر وقت آئون سـُـتي پئي آهيان. توهان آهيو جيڪي هر وقت جاڳندا ٿا رهو. ڪالهه ئي توهان جي آفيس مان هڪ ماڻهو آيو هو، هو چئي رهيو هو ته صاحب کي جڏهن ڏسو ميز تي مٿو رکيو غش لڳو پيو آهي. ”

“اهو ڪير هو، احمق جو پٽ؟ ”

“توهان پنهنجي زبان تي ڪنٽرول ڪريو.”

“مون کي ڪاوڙ اچي وئي،ڪاوڙ ۾ ماڻهو پنهنجي زبان قابو ۾ نٿو رکي سگهي.”

“مون کي توهان تي ڪاوڙ اچي رهي آهي پر مون ته ڪو به واهيات لفظ استعمال ناهي ڪيو. انسان کي هميشه تهذيب جي دائري ۾ رهڻ گهرجي پر هي سڀ توهان جي خراب سوسائٽي جو اثر آهي جو توهان اهڙا لفظ پنهنجي گفتگو ۾ استعمال ڪريو ٿا. ”

“آئون توکان پڇان ٿو ته منهنجي خراب سوسائٽي ڪهڙي آهي؟ ”

“اهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڪپڙي جو تمام واپاري چوي. ان جا ڪپڙا توهان ڪڏهن ڏٺا آهن. تمام سادي قسم جا ۽ اهي به ميرا. هونئن ته هو بي اي آهي پر ان جي عادت، طور طريقا ۽ اٿڻ ويهڻ اهڙو ته واهيات آهي جو ڪراهت ٿي اچي. ”

” هو مدن مست آهي. ”

“اها ڪهڙي بلا آهي. ”

“تون ڪا نه سمجهندينءَ مون کي اجايو وقت ضايع ڪرڻو پوندو. ”

“توهان جو وقت ته تمام قيمتي آهي. هميشه هڪ ڳالهه ڪرڻ تي به ضايع ٿي ٿو وڃي. ”

“تون چوڻ ڇا ٿي چاهين؟ ”

“آئون ڪجهه به نه ٿي چوڻ چاهيان، جيڪو چوڻو هو، چئي ڇڏيم. بس طلاق ڏئي ڇڏيو، ته جيئن منهنجي جند ڇـُـٽي، ان روزانو جي جهيڙن کان منهنجي زندگي اڻ وڻندڙ ٿي وئي آهي. ”

“تنهنجي زندگي ته محبت ڀريل لفظن سان به اڻ وڻندڙ ٿيو وڃي، ان جو علاج ڇا آهي؟ ”

“ان جو علاج صرف طلاق آهي. ”

“ته پوءِ سڏ ڪنهن مولويءَ کي تنهنجي خواهش اها ئي آهي ته آئون انڪار ڪو نه ڪندس. ”

“آئون ڪٿان سڏيان مولويءَ کي؟ ”

“ڏس! طلاق تون ٿي گهرين، جيڪڏهن مون کي وٺڻي هجي ها ته آئون ڏهه مولوي چپٽي وڄائڻ سان گهرائي وٺان ها. تون مون مان ان سلسلي ۾ ڪنهن مدد جي توقع نه رکجان تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي. ”

“توهان منهنجي لاءِ ايترو ڪم به نٿا ڪري سگهو؟ ”

“بلڪل نه! ”

“توهان ته اڄ تائين اهو چوندا آيا آهيوته توهان کي مون سان بي پناهه محبت آهي.”

“صحيح آهي، همراهي جي حد تائين جدائيءَ لاءِ نه! ”

“ته هاڻ آئون ڇا ڪريان؟ ”

“جيڪو من ۾ اچنئي ڪر ۽ ڏس مون کي هاڻي گهڻو تنگ نه ڪر. ڪنهن مولويءَ کي گهرا”، هو طلاق نامو لکي ڏئي، آئون ان تي صحيح ڪري ڇڏيندس.”

“حق مهر جو ڇا ٿيندو؟ ”

“طلاق تون خود گهري رهي آهين، ”

“تنهنڪري ان جي گهـُـر جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ”

“واهه واهه! ”

“تنهنجو ڀاءُ بيريسٽر آهي، ان کي خط لکي پڇي وٺ! ”

“جڏهن عورت طلاق گهري ته هوءَپنهنجي حق مهر جي طلب نه ٿي ڪري سگهي.”

“ته پوءِ هيئن ڪريو ته توهان مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو. ”

“آئون اها بيوقوفي ڇو ڪريان مون کي ته توسان پيار آهي. ”

“توهان جا اهي نخرا مون کي پسند ناهن. پيار هجيوَ ها ته مون سان اهڙو سلوڪ ڪريو ها؟!”

“توهان سان مون ڪهڙي بدسلوڪي ڪئي آهي؟”

“ڄڻ توهان ڪجهه ڄاڻو ئي نٿا. اها ٻن ٽن ڏينهن جي ڳالهه آهي، توهان منهنجي نئين ساڙهي سان پنهنجا بوٽ صاف ڪيا. ”

“خدا جو قسم نه! ”

“ته ڇا جنن اچي اهي ڪم ڪيا؟ ”

“آئون ايترو ٿو ڄاڻان ته تنهنجون ٽئي ڌيئرون پنهنجي بوٽن جي مٽي تنهنجي ساڙهي سان صاف ڪري رهيون هيون. مون انهن کي دڙڪا به ڏنا هئا. ”

“اهي اهڙيون بدتميز ناهن. ”

“ڪافي بدتميز آهن، ان ڪري جو تون انهن کي صحيح تربيت نه ٿي ڏئين. ”

“اسڪول مان اچن ته انهن کان پڇجانءِ ته انهن ساڙهي جو ناجائز استعمال ڪيو هو يا نه. ”

“مون کي انهن کان ڪجهه پڇڻو ناهي. ”

“تنهنجي دماغ کي اڄ خبر ناهي ڇا ٿي ويو آهي. اصل حقيقت جي سڌ پوي ته آئون به ڪو نتيجو قائم ڪري سگهان. ”

“توهان نتيجا قائم ڪندا رهو پر آئون پنهنجو نتيجو قائم ڪري چڪي آهيان. بس توهان مون کي طلاق ڏئي ڇڏيو، جنهن مڙس کي پنهنجي زال جو بلڪل خيال نه هجي، ان سان گڏ رهڻ جو ڪهڙو فائدو؟

“مون هميشه تنهنجو خيال رکيو آهي. ”

“توهان کي خبر آهي ته سڀاڻي عيد آهي. ”

“خبر آهي ڇو؟ ڪالهه ئي ته آئون ننڍڙين لاءِ سينڊل وٺي آيس ۽ انهن جي ڪپڙن لاءِ مون هفتو اڳ توکي پئسا به ڏنا هئا. ”

“اهي پئسا ڏئي توهان منهنجي پيءُ ڏاڏي تي وڏو احسان ڪيو آهي. ”

“احسان جو سوال ئي ناهي، ڳالهه ڇا آهي؟ ”

“باقي پئسا تو ڏئي ڇڏيا؟! ”

“جي نه ڏيان ها ته ڪپڙا سبجن ڪيئن ها؟ ”

“ته هي پئسا تون مون کان هينئر ئي وٺي ڇڏ. منهنجو خيال آهي ته سڄي ناراضگي ان ڳالهه جي هئي.

آئون چوان ٿي ته سڀاڻي عيد آهي. ”

“ها ها! مون کي خبر آهي، آئون ڪڪڙ جو گوشت گهرايان ٿو. ان کان علاوه سـَـيون به تو به ڪجهه انتظام ڪيو آهي؟! ”

“آئون خاص انتظام ڪندس. ”

“ڇو؟ ”

“آئون چاهيان ٿي ته سڀاڻي سائي ساڙهي پايان. سائي سينڊل لاءِ آرڊر ڏئي آئي هيس. توهان کي ڪيترا  ڀيرا چيو هيم ته وڃي چينوءَ جي دڪان تان معلوم ڪريو ته سينڊل تيار آهي يا نه؟‍! پر توهان کي مون ۾ ڪا دلچسپي هجي ها ته توهان وڃو ها.”

“لاحول ولا…. هي جهيڙو سڄو سائي سينڊل جو آهي. سرڪار! توهان جو سائو سينڊل آئون ٽي ڏينهن اڳ ئي وٺي آيو هيس. توهان جي الماري ۾ رکيو آهي توهان ته سڄو وقت ستا پيا آهيو. توهان الماري ته کولي ئي ڪا نه هوندي!”

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *