صوتيو (Phoneme) ڇا کي ٿو چئجي؟

صوتيو (Phoneme) ڇا کي ٿو چئجي؟

لسانيات پٽاندر آواز(Phone) جا ٻه قسم آهن: وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel). انهن سڀني آوازن مان هرهڪ کي عام طور (Phone) ٿو چئجي. هاڻي سوال ٿو اڀري ته پوءِ صوتيو (Phoneme) ڇا کي ٿو چئجي.
صوتيو/ Phoneme به ساڳيو ئي آواز/ Phone آهي؛ پر انهن ۾ فرق صرف ايترو آهي ته هر آواز کي phone چئبو، جڏهن ته ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق رکندڙ آواز کي Phoneme ڪوٺبو.
وڌيڪ سولائيءَ سان ٻڌائجي ته هر اهو آواز، وينجن (Consonant) توڻي سُر (Vowel)، جيڪو ڪنهن لفظ ۾ تبديل ڪرڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ته ان کي صوتيو/ Phoneme چئبو. هيٺ وينجن ۽ سُر سان لفظ ۾ معنوي فرق جي جاچ ڪجي ٿي:
وينجن صوتيو (Phoneme)
ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري، ابهم، نابالغ، بي سمجهه وغيره
بارُ: وزن، ٻوجهو،سامان وغيره
پارُ: درياه يا ڪنهن به ڌار جو ٻيو پاسو يا ڪپ، ڏس پتو، نشان وغيره.
ڏارُ: چيرُ، ڦوٽ، ڦاڙ، وڍُ، ڦاڪُ وغيره.
(نوٽ: هن لفظ ۾ صرف ۽ صرف اڳيون وينجن آواز مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن آوازن (ٻ، ب، پ، ڏ وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /ٻ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي. )

سُر صوتيو (Phoneme):
ڪَنو: ڪنهن ٿانوَ جو ڪنار، پاسو، گھيرَ، ڀر، ڪناري، حاشي، وٽ وغيره
ڪِنو: خراب، ميرو، ڪوجهو، بُرو وغيره.
ڪُنو: رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏي وغيره.
(نوٽ: هن لفظ ۾ صرف ۽ صرف پهرين وينجن جي زبر: /اَ/، زير: /اِ/ ۽ پيش: /اُ/ مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن (اعرابن: زير، زبر ۽ پيش وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /اَ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي. )
علم لسان ۾ آواز ۽ صوتئي جو فرق معنوي بنياد تي رکيو ويو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”صوتيو اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ (Bloomfield) صوتئي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو….“ (جتوئي، 1996: 69- 70)
معنوي فرق جي بنياد تي پروفيسر علي نواز جتوئي جملي جي ڍار سببان بيهڪ جي نشانين کي به صوتيو تسليم ڪندي لکي ٿو ته: ”جملن کي جدا جدا ڍنگ سان ادا ڪبو آهي جنهن کي ڍار (Intonation) سڏبو آهي. عام طرح سان جملن جا ٽي قسم آهن: بياني، سوالي ۽ تعجبي. اهي ٽيئي الڳ الڳ ڍنگ سان ادا ڪبا آهن، اگرچ انهن جا لفظ ساڳيا هوندا آهن، مثلاً:
1) تون وڃين ٿو.
2) تون وڃين ٿو؟
3) تون وڃين ٿو!
هي ٽيئي مختلف جملا آهن اگرچ سندن لفظ ساڳيا آهن. انهن ٽنهي جملن جي پڇاڙي مختلف ڍار سان ختم ٿئي ٿي. پهرئين جملي جي پڇاڙي هموار ڍار سان ٿئي ٿي ٻئي جي اڀرندڙ ڍار سان ٿئي ٿي ۽ ٽئين جي لهندڙ ٿئي ٿي، اهڙي طرح سان شرطي جملي جي پڇاڙي به اڀرندڙ ڍار سان ٿئي ٿي، مثلاً: ” جي تون ويندين، ته ٽوٽو پائيندين.“
هن جملي ۾ ’ويندين‘ وٽ آواز جي ڍار اڀري ٿي ۽ خود ’جيڪڏهن‘ به آواز جي مٿاهين سطح سان شروع ٿئي ٿو. ڍار جي بدلجڻ سان ڇاڪاڻ ته مطلب ڦري وڃي ٿو، تنهنڪري انهيءَ کي صوتيتي اهميت آهي. انهيءَ لحاظ کان لسانيات جي عالمن دم / ۔/ ، اڌ دم / ؛/ ، ٿورو دم / ،/ سوال جي نشاني /؟ / ۽ عجب جي نشاني/ !/ کي صوتئي جو درجو ڏنو آهي.“ (جتوئي، 1996: 80- 81)
ان نڪتي تي غور ڪجي ته ساڳئي اصول موجب ساهتي ۽ اترادي لهجي ۾ اچارجندڙ آواز: /ٽر/، /ڊر/ ۽ /ڍر/ به صوتيا (Phoneme) آهن؛ هيٺين لفظن مان اهڙو اندازو ٿي سگھي ٿو. راءِ آهي ته ان لاءِ صورتخطيءَ ۾ ڪا گنجائش ڪڍجي:
مِٽي = زمين، ڀونءِ، خاڪ، ڌوڙ، لَٽ، کِههَ وغيره.
مِٽرِي = رشتو، عزازت، سڳائي، رستو، سٻنڌ، ناتو، ڳانڍاپو وغيره.
ڏڍُ = دلاسو، آسرو، ٽيڪ
ڏڍرُ = گول پڙي هڻندڙ چمڙيءَ جي بيماري
واڍِ = ڪٽائي يا وڍڻ جو عمل
واڍرِ = رَسو
مذڪوره لفظن ۾ /ٽ/ ۽ /ٽر/ آوازن جي مٽائڻ سان جيڪا معنى ۾ تبديلي اچي ٿي، ان سبب اهڙن آوازن کي ٻوليءَ جي نفاست ۽ نزاڪت سبب بدل آواز (Allophone) ۾ شمار نه ٿو ڪري سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته اهي آواز صوتئي جي حيثيت رکن ٿا ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ٻن لهجن (Dialects) اترادي ۽ وچولي/ ساهتيءَ ۾ ’صوتئي‘ جي حيثيت رکن ٿا. واضح رهي ته اهڙي اکيڙ سبب /ٽ/ – /ٽر/، /ڊ/ – /ڊر/ ۽ /ڍ/ -/ڍر/ الڳ الڳ صوتيا آهن.
نتيجو: اهڙا وينجن توڻي سُر آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ ڪو هڪ آواز تبديل ڪرڻ سان معنوي فرق ڏيکاري ته ان هڪ آواز (وينجن توڻي سُر) کي صوتيو/ Phoneme چئبو. سنڌ جي وچولي/ ساهتي ۽ اترادي لهجي ۾ ڪم ايندڙ آواز /ٽر/، /ڊر/ ۽ /ڍر/ ٻوليءَ جي نفاست پٽاندر صوتيا/ Phonemes آهن.

حوالا/ ذريعا:
جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *