شيخ اياز:جديد سنڌيءَ جو مهندار!

شيخ اياز:جديد سنڌيءَ جو مهندار!

جامي چانڊيو

قومون ۽ سماج پنهنجيءَ فڪري، ذهني ۽ تخليقي سگهه جو اظهار ڪجهه فردن جي صورت ۾ ڪندا آهن ۽ پوءِ اهي غير معمولي سرجڻهار پنهنجي تخليقي وهيءَ چڙهي، هڪ اهڙي دور کي جنم ڏيندا آهن، جيڪو دور قومن کي تاريخ ۾ فڪر، فن، ٻوليءَ جي واڌاري جي اوج جون ٻرانگهون ڀرائي اتهاس ۾ اڳتي وٺي وڃڻ جو محرڪ بڻبو آهي. ويهين صديءَ جي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ شيخ اياز به هڪ اهڙو ئي فرد هو. هڪ فرد ڇا، هو جديد سنڌي ادب جي اوسر، تخليقي ۽ مزاحمتي سگهه جو هڪ ڀرپور دور هو ۽ آهي. جديد سنڌي شعري ادب ۾ هونئن ته ڪشنچند بيوس، مير عبدالحسين سانگي، خليفي نبي بخش، عبدالڪريم گدائيءَ، نياز همايونيءَ، تنوير عباسيءَ، استاد بخاريءَ، نارائڻ شيام، امداد حسينيءَ، ابراهيم منشيءَ، سرويچ سجاوليءَ ۽ محمد خان مجيديءَ سميت انيڪ باڪمال ۽ وڏا شاعر آهن پر شيخ اياز ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ رڳو هڪ وڏو جديد تخليقي شاعر ئي نه پر پاڻ سان گڏ هڪ دور کڻي آيو، جنهن جا گهرا اثر اڄ سوڌو سنڌي ادب تي آهن ۽ شايد ڪيترا زمانا اڃا رهندا. مان نه ٿو سمجهان ته جديد سنڌي ادب ۾ شيخ اياز کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن به شاعر يا اديب پنهنجي هم عصر ۽ پاڻ کان پوءِ ايندڙ ادبي نسلن تي ايترا گهرا ۽ گهڻ طرفان اثر ڇڏيا ۽ اهو ئي سبب آهي، جو شيخ اياز کي جديد سنڌي ادب ۾ هڪ جينيس جو درجو مليل آهي ۽ اهڙو درجو ادب جي دنيا ۾ ان کي ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي باڪمال فڪر، فن ۽ تخليقي ٻوليءَ سان هم عصر ادب جي ”مِٽي“ نئين سِر ڳوهي رڳو اعلى شاعري ۽ ادب ئي نه پر ڪو نئون دور تخليق ڪيو هجي. شايد اهو احساس هن جي تحت الشعور ۾ هو، تنهن ڪري ئي ته هن چيو هو ته، ”هي ڏوهه نه آ، هن ماڻهوءَ جو، مون مِٽيءَ ٻيهر ڳوهي آ“. اهو ئي سبب آهي، جو هر غير معمولي شاعر ۽ آرٽسٽ جيان هو پنهنجي هم عصر دور ۾ بيحد تڪراري به رهيو آهي. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو پنهنجي هم عصر ۽ پاڻ کان اڳ جي دورن جي تصورن، سوچن، قدرن، روين، لاڙن، فني بندشن ۽ محرڪن کي وڏي تخليقي سگهه سان لوڏيندو ۽ ڌوڏيندو ته پوءِ اهو تڪراري ڪيئن نه بڻبو؟ ماڻهو تخليقي ۽ جينيس به هجي ۽ تڪراري به نه بڻجي، اهو ڪيئن ممڪن آهي! پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ ته هن سامراج کي ”لوڏڻ“ ۽ ڌوڏڻ جو سنيهو ڏنو پر دراصل هن پاڻ به پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌي سماج جي مدي خارج فڪر ۽ فن کي بي پناهه ۽ بي ساخته سگهه سان اهڙو ته لوڏيو ۽ ڌوڏيو، جو اها مدي خارج ۽ رجعت پرست روايت وري پنهنجا فڪري ۽ فني پير جهلي نه سگهي ۽ اهو ئي سبب هو جو پنهنجي هم عصر دور  هن کي تڪراري هجڻ جو انعام ڏنو. اهم سوال اهو نه آهي ته هو تڪراري ڇو هئو؟ پر بنيادي سوال اهو هو ته هو ڪنهن جي وِچَ ۾ ۽ ڇو تڪراري هو؟ مان هن جي تڪراري هجڻ کي هن جي عظمت جو اهڃاڻ ۽ سندس ڀاڳ سمجهان ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ اهو ئي سبب هو، جو سنڌي ادب ۾ لطيف سائينءَ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ شيخ اياز تي لکيو ويو. اولهه جي هڪ وڏي ادبي نقاد ميٿيو آرنالڊ اهو به چيو آهي ته، ”وڏو شاعر ۽ اديب  اهو آهي، جيڪو پنهنجي دور ۾ وڏي اٿل پٿل پيدا ڪري سگهي“ ۽ شيخ اياز جي شاعري پنهنجي دور ۾ هميشه وڏي اٿل پٿل جو محرڪ رهي، سواءِ سندس آخري دور جي، جڏهن هو عقيده پرستيءَ ڏانهن وريو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ يا فڪر جي آخري دور جو پنهنجي سماج تي اهو اڳوڻو ”ٿرٿلي ۽ زلزلي“ وارو اثر نه پيو، پر ان مختصر دور سان سندس مجموعي ادبي ۽ تخليقي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي. هونئن به اهو لازمي ناهي ته ڪنهن جينيس شاعر يا اديب جو سمورو ادب غير معمولي ۽ عظمت جي چوٽين تي پهتل هجي. دنيا جي هر وڏي شاعر ۽ اديب جي تخليقي پورهئي ۾ ڪجهه عنصر روايتي ۽ مڙئي ڀرتيءَ وارا هوندا آهن، ويندي لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ به ائين آهي، ڇو ته تضاد ڪائنات ۽ فطرت توڙي سماج جي هر مظهر ۾ آهي ته پوءِ اهو فڪر ۽ فن ۾ ڪيئن نه هوندو! ڏسڻ  اهو گهرجي ته ڪنهن به غير معمولي شاعر ۽ اديب جي فڪر ۽ فن جو بنيادي جوهر ڇا آهي، ان جو ڪارج ۽ پنهنجي دور يا ايندڙ دورن تي اثر ڇا آهي؟ ان معيار مطابق شيخ اياز جي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي ۽ هو هميشه امر رهندو.

شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو پهريون وڏو غير معمولي شاعر هو، جنهن سنڌي شاعريءَ جي فارسي آميزيءَ مان جند ڇڏائي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ سُمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، ان کانپوءِ لطيف سائين ۽ صوفي شاعرن کي ڇڏي ڪري سنڌي شاعرن جي هڪ وڏي انگ تي، ويندي ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، فارسي شاعريءَ جو وڏو اثر هو پر شيخ اياز انهيءَ روايت کان بغاوت ڪري پنهنجي بي پناهه سگهاري تخليقي اٿل سان سنڌي شاعريءَ کي هڪ اهڙي دور ۾ وٺي آيو، جتي سنڌي شاعريءَ نه رڳو پنهنجو فڪري، فني ۽ لساني سڱ ڌرتيءَ، ان جي اتهاس، ان جي فطري حسناڪيءَ، ڪردارن، ماڻهن ۽ مِٽيءَ سان ڳنڍيو پر هم عصر عالمي ترقي پسند تحريڪ سان پڻ جوڙيو. مان ڀانئيان ٿو ته اهو جديد سنڌي ادب جو پهريون دور هو، جنهن ۾ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جا موضوع ۽ اهڃاڻ ڌرتيءَ مان اڀريا پر اها هڪ عالمي ڌارا سان پڻ ڳنڍجي وئي ۽ اهو ٻن روايتن جو امتزاج ئي جديد سنڌي ادب جو بنياد بڻيو، جنهن ۾ شيخ اياز جو بنيادي ڪردار هو.

هونئن ته شيخ اياز هڪ پنهنجي لهجي، سوچ، اسلوب ۽ فڪري روايتن جو شاعر هو پر حقيقت ۾ هن تي ٽن روايتن جو بنيادي ۽ گهرو اثر آهي؛ هڪ فارسي شاعري، جو فارسي هن جي ڄڻ ته گهر جي ٻولي هئي ۽ شيخ اياز جو فارسي ادب ۽ اڀياس تمام ڳوڙهو هو. فارسي شاعريءَ ۾ جيڪا عاشقي، حسن پروري، بي باڪي، احساس جو بي ساخته ۽ نفيس اظهار ۽ تخيل جي گهرائي آهي، ان جو شيخ اياز جي شاعريءَ تي نمايان اثر نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ شيخ اياز جو ڪمال اهو هو ته هن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي لاجواب مثبت ۽ تخليقي روايتن سان به ناتو نه ٽوڙيو. ان ڏس ۾ هن جو لطيف سائينءَ جي اردو ترجمي تي لکيل لاجواب مقالو ۽ فلاسافيڪل ڪانگريس ۾ ڪيل مختصر صدارتي تقرير ضرور پڙهڻ گهرجي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته هو ان روايت کان ڪيترو نه متاثر هو. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن شيخ اياز لطيف سائينءَ جي فڪري ۽ فني سرچشمن مان فيضياب نه ٿئي ها ته شايد شاعريءَ جي انهن بلندين تي نه رسي ها ۽ هو هميشه ان جو اعتراف ڪندو رهيو. ٽين روايت، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي، سا اها ته، جيتوڻيڪ شيخ اياز ترقي پسند تحريڪ کان متاثر هو ۽ هن ان جا اثر قبول ڪيا پر جي گهرائيءَ سان ڏسبو ته شيخ اياز تي بنيادي طور يورپ جي لبرل شاعريءَ جو وڏو اثر هو. آزاد خيالي هن جي فڪر جي رڳ رڳ ۾ هئي ۽ شيخ اياز جا موضوع، احساساتي رويا، سماجي تصور ۽ اظهار جو ڏانءُ ٻڌائين ٿا ته هو يورپ جي آزاد خيال شعري روايت کان گهڻو متاثر هو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته مٿي بيان ڪيل ٽي مختلف روايتون هيون، جن جو شيخ اياز تي گهرو اثر به نظر اچي ٿو ۽ اهي ٽيئي مختلف روايتون هڪ حسين ۽ تخليقي امتزاج سان شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ چِٽيءَ طرح نظر اچن ٿيون. شيخ اياز جي شاعري ۽ فن، ٻولي، فني بندشن ۽ شعري رجحانن يا تخيل جي محرڪن جي ڇنڊ ڇاڻ ان بنياد تي پڻ ٿيڻ گهرجي ۽ اهو اياز شناسيءَ جو هڪ اهم موضوع بڻجي سگهي ٿو.

ادب جي پرک جو هڪ مک معيار ادب جا فڪري محرڪ پڻ هوندا آهن ۽ ان ڏس ۾ شيخ اياز کي پرکجي ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ فڪري محرڪن جون نه رڳو مختلف روايتون گڏ گڏ هلنديون نظر اچن ٿيون پر اهي وقت ۽ دورن سان گڏ مَٽجندي به نظر اچن ٿيون. مثال طور؛ ورهاڱي کان اڳ جيڪا طبع زاد اردو شاعري ڪيائين، ان ۾ ويڳاڻپ، وجوديت ۽ مزاحمت جا اهڃاڻ گڏ گڏ ملن ٿا. ان کانپوءِ سندس شاعريءَ جو دور، جيڪو گهڻي ڀاڱي ”ڀنئور ڀري آڪاس“ ۾ ملي ٿو، ان ۾ اياز تي عاشقيءَ ۽ حسن پروريءَ جا لاڙا وڌيڪ حاوي نظر اچن ٿا، جنهن سبب هو پاڻ کي ان دور ۾ ”شاعرِ محبت“ سڏي ٿو. ون يونٽ جي دور ۾ اياز جي مزاحمتي، وطن ۽ قوم سان محبت سان سرشار شاعري ملي ٿي، جنهن سڄي سنڌي شاعريءَ جو مزاج ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ مان سمجهان ٿو ته اياز صاحب جي پنهنجي دور ۽ ايندڙ نسلن تي اثر جا بنياد گهڻي ڀاڱي ان دور ۾ پيا  ۽ ”شاعرِ محبت“ اياز سنڌ جو ” قومي شاعر“ ٿي اڀريو. ائين ستر جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻيو ته سندس ان دور جي شاعريءَ تي وجوديت Existentialism جي فڪر جو لاڙو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو، سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”پتڻ ٿو پُور ڪري“ ان جو ئي عڪس آهي.  ائين اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ جمهوريت پسندي، ۽ پوءِ آخري دور ۾ روحانيت پسنديءَ جو لاڙو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اڀري آيو، جيڪو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند حلقن وٽ بيحد تڪراري بڻيو. رسول بخش پليجي، عبدالواحد آريسر، تاجل بيوس ۽ مون سميت ڪيترن اديبن ۽ نقادن مٿس تنقيدي مضمون لکيا. مون شيخ اياز جي شاعريءَ جي سمورن دورن جو گهرائيءَ سان ۽ بار بار هڪ ادبي نقاد طور مطالعو ڪيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته مٿي بيان ڪيل مختلف فڪري روايتن باوجود هن جي شاعريءَ جا بنيادي قدر ۽ محرڪ ساڳيا هئا ۽ اهي هئا انسان دوستي، رومانويت، وطنيت ۽ قوميت، مزاحمت، انقلابيت ۽ اظهار جي جماليات. هن جي شاعري ڪنهن به دور ۾ دقيانوسي فڪر تي مشتمل نه هئي. دنيا جا اڪثر تمام وڏا عظيم شاعر رومانويت ۽ ويندي مذهبيت جا حامل به هئا، پر ان سان سندن شعراڻي عظمت گهٽجي نه ٿي سگهي. رومي، حافظ، خيام، عرفي، شيڪسپيئر، گوئٽي، ڪاليداس، امارو، بِهاري، ڀري هر ترَي، ڪبير، ميرا، تلسي، لطيف، شاهه حسين ۽ ويندي غالب ۽ اقبال تائين انهن مان ڪوبه دهريو نه هو پر هنن جي شاعراڻي عظمت ڪنهن به شڪ کان بالاتر آهي.

شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ پاسو حيرت انگيز آهي، جنهن تي مان سدائين حيران ٿيندو آهيان. شاعر رولاڪ هوندا آهن، ماکيءَ جي مادي مَک جيان گل گل جو رس چوسي، ان ۾ چَس پيدا ڪري هڪ انمول شئي تخليق ڪندا آهن، پر شيخ اياز ڪنهن طور به عوامي ماڻهو نه هو، نه وري هو گهڻا سفر ڪندو هو يا رولاڪيون ڪندو هو پر هن جي شاعري ان باوجود حيرت انگيز آهي. مان سمجهان ٿو ته هن جي شاعريءَ تي مشاهدي ۽ تفڪر کان وڌيڪ گهري فيلسوفياڻي تخيل جو اثر آهي. اها تخليقي سگهه جي منتها آهي، جيڪا سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز پنهنجي مسلسل فڪري ۽ احساساتي رياض سان حاصل ڪئي ۽ جيڪا هن جي غير معمولي تخيل جي صورت ۾ ظاهر ٿي، شايد انهيءَ ڪري هن پاڻ کي يا پاڻ جهڙن کي ”ننڊ جي نيڻن“ سان تشبيهه ڏني هئي. شيخ اياز جي ٻولي ۽ فن به بلندين جي ڪمال کي رسي ٿو. هو هڪ شهري ماڻهو هو ۽ ٻوليءَ جا سرچشما ٻهراڙين ۾ آهن پر اياز صاحب جي ٻوليءَ سنڌي ٻوليءَ کي ڇا ته نواڻ ۽ نئون حسن بخشيو. اصل ۾ فڪر ۽ تخليقي سگهه ٻوليءَ کي ڄڻ ته نئون جنم ڏين ٿا. لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ نئون جنم ورتو هو ۽ ائين جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز، استاد بخاريءَ ۽ منشيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻولي ڇا ته ڪرشماتي پَدَ کي پڄي ٿي. شيخ اياز جون تشبيهون روايتي ۽ اُڌاريون کنيل ناهن، بنهه نبار آهن ۽ جيڪڏهن ”اڻٽيهينءَ جي اونداهي“ جهڙيون تشبيهون اياز صاحب لطيف کان کنيون به، ته ان جو استعمال ايترو ته تخليقي ۽ نبار آهي، جو ڄڻ اها تشبيهه پڻ نئون جنم وٺي ٿي. اياز صاحب جا استعارا، تلميحون، اشارا، ڪنايا، ڪافيا، بندشون، ۽ خيال جي اڻت ڄڻ ته هڪ تخليقي ڪرشمو آهي، جيڪو ويهين صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڀاڳ ۾ آيو.

سنڌي ادب ۾ ”تخليقي تنقيد“ اڃا ڄڻ ته بانبڙا پئي پائي. هڪ دور هو جڏهن محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي، ابن حيات، پنهور ۽ پوئين دور ۾ امير علي چانڊيي ان کي اوج تي رسايو پر هم عصر سنڌي ادب جي دور ۾ ادبي تنقيد سطحي تبصرن کان مٿي نه ٿي چڙهي، جڏهن ته تنقيد جو ڪم ۽ ڪارج پرک، پروڙ ۽ ڇنڊ ڇاڻ آهي، پوءِ چاهي اها فڪر جي هجي يا ٻوليءَ ۽ فن جي. مان سمجهان ٿو ته جيئن سنڌ ۾ لطيف شناسيءَ جي ضرورت آهي، تيئن جديد دور ۾ اياز شناسيءَ ۽ بخاري شناسيءَ جي وڏي ضرورت آهي. ٻي دنيا جيسين لطيف، سچل، اياز ۽ بخاريءَ کي سمجهي، تيسين گهٽ ۾ گهٽ پهرئين مرحلي ۾ سنڌ ۾ ته انهن جي حقيقي پرک ڪجي ته جيئن سندن سماج کين سندن حقيقي فڪري ۽ فني جوهر ۾ سمجهي ۽ پروڙي سگهي. پنهنجي حال سارو مون اهو ڪم زندگيءَ ۾ ٻولي کنيو آهي ۽ زندگيءَ جو ساٿ رهيو ته ضرور ڪندس پر ان لاءِ انيڪ ٻيا ماڻهو به گهرجن، ڇاڪاڻ ته اهو همه گير ڪم ڪوبه هڪ ماڻهو نه ٿو ڪري سگهي. سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ادبي ادارن کي ”اياز شناسيءَ“ بابت باقاعدگيءَ سان رٿابندي ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ”اياز شناسي“ رڳو هڪ فرد جي نه پر سنڌ سميت سڄي سنسار جي شناس آهي.

jchandio@cpcs.org.pk

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *