سکاري سنڌ_ڏکارا ماڻهو

سکاري سنڌ_ڏکارا ماڻهو

ساجد رند

سنڌ، جنهن قيام پاڪستان لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو؟ انگريزن کان آزادي واسطي مسلم ليگ ته بنگالين ٺاهي، پر سنڌ اسيمبلي برصغير هندو پاڪ جي پهرئين آئين ساز اسيمبلي هئي جنهن الڳ وطن پاڪستان جي قرارداد منظور ڪئي، سنڌ نه فقط قرارداد منظور ڪئي پر تحريڪ پاڪستان ۾ سڀ کان اڳري به رهي.

سنڌي مارچ 1940ع جي برابري جي بنياد تي گڏ رهڻ واري قرارداد هيٺ هن وفاق ۾ شامل ٿيا هئا پر وفاقي ڍانچي ۾ سنڌ کي ناانصافيون پلئه پيون. شروعاتي ڏينهن ۾ لکين هجرت ڪندڙ ماڻهو سنڌ جي جهولي ۾ وهاريا ويا. گڏوگڏ سکر بئراج، ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج جون لکين ايڪڙ زمينون  غير سنڌين کي ڏنيون ويون. سنڌ جا وسيلا  ۽ نوڪريون سنڌين لاءِ نه رهيون، طويل ناانصافين کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان  جي سياسي تاريخ جو اهو پهريون حڪمران هيو جنهن جي دور ۾ سنڌين پهريون ڀيرو اسلام آباد واري اقتدار اعليٰ ۾ پاڻ کي ڀاڱي ڀائيوار محسوس ڪيو، اها ڀٽو حڪومت ئي هئي، جنهن اعليٰ نوڪرين ۾ سنڌين لاءِ در کوليا ۽ گڏوگڏ  هزارين سنڌي پرڏيهه ۾ پورهئي لاءِ موڪليا. ڀٽي صاحب پهريون ڀيرو سنڌين کي ملڪي وهنوار ۾ شامل هجڻ جو احساس ڏياريو. پر پوءِ 5 جولاءِ 1979ع واري جنرل  ضياء واري اها ڪاري رات به آئي جنهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙهي ملڪ سينٽرل پنجاب ۽ سينٽرل ڪراچيءَ جي اقليت جي حوالي ڪري سنڌين کي اسلام آباد مان نيڪالي ڏياري ڪڍي.

ان کان اڳ 1943ع ۾ شهيد صبغت شاهه راشدي ۽ شهيد الهه بخش سومري کي شهيد ڪري سنڌ سي پي ۽ يو پي جي نوڪر شاهيءَ ۽ پنجاب جي ڍول سپاهين جي حوالي ڪئي وئي هئي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت کانپوءِ بينظير ڀٽو اها واحد اڳواڻ هئي جنهن ۾ سنڌين کي پڪ هئي ته اها اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ جي هڪ هٽيءَ مان نجات ڏياري اٽو، لٽو ۽ اجهو فراهم ڪندي پر بينظير جي قتل سنڌين پنهنجي ويجهي تاريخ جي ٻن اڏول شخصيتن شهيد ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد کي هڪ ئي تصوير  ۾ ضم ڪيو ته سندس قتل ڪرڻ جي تاڙ ۾ ويٺل اسٽيبلشمينٽ کيس 27 ڊسمبر 2007ع جي آخر ۾  قتل ڪري کي هڪ ڀيرو وري هڪ وڏو ڪاپاري ڌڪ هنيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته لڳ ڀڳ هر 30 سالن کانپوءِ ويري سنڌ تي وار ڪن ٿا ۽ سنڌ جا وڏي اهميت رکندڙ اڳواڻن کي قتل ڪن ٿا. انهن جا پيرا ساڳيا آهن، انهن اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي قتلن پٺيان اهي ساڳيا ئي چهرا آهن.

* اين ايف سي ايوارڊ ۽ سنڌ جو حصو

قومي مالياتي ڪميشن ۾ سنڌ سان ناانصافين جي تاريخ پراڻي آهي. سنڌ صوبو جيڪو وفاق کي مجموعي روينيو جي 68 سيڪڙي کان وڌيڪ ڏيئي ٿو ان کي بدلي ۾ 30 سيڪڙو به نٿو ملي. مالي وسيلن جي ورڇ جي حوالي سان ڪٿي به اهو طئي ٿيل ناهي ته ان جي ورڇ آباديءَ جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي پر اڄ تائين ملڪي تاريخ ۾ ڏنل پنهنجن ئي مالياتي ايوارڊن ۾ ٽنهي صوبن جي موقف کي هميشه پاسيرو رکي قومي مالياتي ايوارڊ جي ورهاست آباديءَ جي اڪيلي بنياد تي ڪئي وئي آهي. پر حقيقت ۾ ائين هجڻ گهرجي ته مجموعي روينيو ۾ جنهن صوبي جو جيترو حصو آهي ان صوبي کي اوترو حصو ملڻ گهرجي.

مشرف دور ۾ سنڌ پاران مالياتي ايوارڊ لاءِ تيار ڪيل ڪيس جا ڪجهه اهم نقطا هيٺ ڏجن ٿا جن ۾

1-  قومي مالياتي ايوارڊ جو فارمولو رڳو آبادي نه پر گهڻ رخو هجڻ گهرجي.

2-  وفاقي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) مان هر صوبي کي ان پاران ادا ڪيل ٽيڪس جيترا فنڊ ملڻ گهرجن جيئن ته سنڌ 68 سيڪڙي کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري ٿي ان ڪري وفاقي ترقياتي پروگرام مان به ان کي 68 سيڪڙو حصو ملڻ گهرجي.

3-  مجموعي سيلز ٽيڪس مان 30 سيڪڙو وصولين جو اختيار صوبن کي ڏنو وڃي.

4- وفاقي ورڇ جوڳي پول مان صوبن جو 37.5 سيڪڙِو مان وڌائي 50 سيڪڙو ڪيو وڃي.

5-  معدني وسيلن تي صوبن جي مالڪي جو حق تسليم ڪري تيل جيان ڪوئلي تي رائلٽي به صوبن حوالي ڪئي وڃي.

6-  وفاق ۽ صوبن وچ ۾ روينيو وصولين جي ورڇ جي موجوده شرح تي نظرثاني ڪئي وڃي،

جڏهن ته اڳوڻي سرحد حڪومت طرفان مالي وسيلن جي ورڇ لاءِ ڪيل مطالبا هن ريت هئا.

1-  مالياتي ايوارڊ مان وفاَق 40 سيڪڙو رکي ۽ 60 سيڪڙو حصو صوبن کي ڏيئي.

2-  پن بجلي مان صوبي کي ملندڙ ساليانو منافعو  6 ارب رپين مان وڌائي 17 ارب ڪيو وڃي.

۽ اڳوڻي پنجاب حڪومت طرفان مالي وسيلن جي ورڇ لاءِ تيار ڪيل ورڪنگ پيپر هن ريت هو.

1-  آباديءَ جي بنياد کانسواءِ ڪوبه فارمولو قبول نه ڪيو ويندو.

2-  سنڌ صوبي جو اهو چوڻ ته هو وڌيڪ ڪمائي ٿو سو سراسر غلط آهي گهڻو پئسو ڪارپوريشنز مان اچي ٿو ۽ اهي ڪارپوريشنز وفاقي سرڪار جون آهن، ڪراچي مان ايندڙ رقم قومي ملڪيت آهي.

3-  سنڌ ۽ بلوچستان کي تيل ۽ گئس تي جيڪا رائلٽي ملي ٿي اها به غلط آهي، ان کي ورڇ جوڳي پول ۾ شامل ڪري ايوارڊ جو حصو بنايو وڃي.

4-  پنجاب ۾ آبادي وڌيڪ هجڻ سبب اتي غربت پڻ وڌيڪ آهي.

حقيقت ۾ سنڌ شروع کان وٺي مالي وسيلن جي ورڇ ۾ ٿيل ناانصافي ڀوڳي رهي آهي پر 1997ع واري قومي مالياتي ايوارڊ گهڻو نقصان ڏنو آهي.

هن کان اڳ سنڌ جو اهو مطالبو رهيو آهي ته مالياتي ايوارڊ جي ورڇ آمدني جي بنياد تي ڪئي وڃي پر هاڻي اسان کي ٻيا به مطالبا سامهون رکڻا آهن جنهن ۾ تيل ۽ گئس تي سر چارج توڙي رائلٽي سميت ڪوئلي جي سموري رائلٽي جو حق به صوبن حوالي هجڻ گهرجي.

اڄ ان ئي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا گذريل حڪومت ۾ اين ايف سي ايوارڊ بابت سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهندي آئي آهي انڪري موجوده حڪومت کي گهرجي ته هن ڀيري به هو سنڌ جي مالياتي ايوارڊ جو فيصلو سوچي سمجهي صحيح نموني ڪري.

سنڌ اها ڌرتي آهي جتي ڪوئلو، گئس، تيل توڙي ٻيا ڪيترائي قدرتي ذخيرا موجود آهن. جيڪڏهن انهن جي صحيح ۽ سچائي سان ورڇ ڪئي وڃي ته هوند سنڌي ماڻهو ائين دربدر ۽ غربت واري زندگي نه گذارين ۽ سنڌي قوم دنيا جي امير ترين قومي سڏي وڃي پر اسان وٽ ذخيرن ۽ مالي وسيلن جي ورڇ ۾ رڳو ٺڳي ۽ بي ايماني ٿي رهي آهي، جنهن ڪري سنڌي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ ۽ پنهنجي جگر جا ٽڪرا وڪڻڻ تي مجبور  ٿي ويا آهن جنهن جو ثبوت عالمي بئنڪ جي سنڌ جي حالتن تي جاري ڪيل رپورٽ آهي جنهن ۾ عالمي بئنڪ سنڌ جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ کي ملڪ جي ٻين حصن کان هر ڳالهه ۾ تمام پٺتي ۽ ڏکين حالتن جو شڪار ظاهر ڪيو آهي.

عالمي بئنڪ اول ته پنهنجي رپورٽ ۾ سنڌ کي 40 سيڪڙو لارج اسڪيل مينيو فيڪچرنگ، ملڪ جو وڏو صنعتي صوبو ۽ ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ فصلن واري پيداوار ڏيندڙ صوبو ڪوٺيو آهي. عالمي بئنڪ ٻڌايو آهي ته هي صوبو 1947ع ۾ اڄ کان وڌيڪ آسودو هيو، ان وقت هتان جي ماڻهوءَ جي في ڪس آمدني ملڪ  جي ٻين حصن کان 55 سيڪڙو کان به وڌيڪ هئي اها پوءِ 1990ع جي منڍ ۾ 36 سيڪڙو تي اچي پهتي ۽ ان بعد لڳاتار ان ۾ لاٿ ايندي رهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته غربت جي شرح اهائي 96-1995ع واري آهي.04-2003ع تائين ترقي جي شرح هت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ ٻڌائي وئي.

سنڌ ۾ بيروزگارن جو انگ 6 لک 10 هزار هو ۽ 2007ع ۾ اهو انگ 9 لک 12 هزار تي پهتو هر سال جي واڌ کي ڏسندي اندازو لڳايو پيو وڃي ته 2014ع ۾ اهو انگ 16 لک ٿي ويندو.

تعليم جي تباهي به اکيون کوليندڙ آهي چيو ويو آهي ته 99-1998ع کان 05-2004ع تائين شرح خواندگي  5 سيڪڙو پوائنٽ سان وڌي 51 سيڪڙو کان 56 سيڪڙو تائين پهتي آهي ملڪ جي باقي علائقن ۾ اها 8 سيڪڙو پوائنٽ سان وڌي آهي. پرائمري سطح تي به صوبو داخلائن واري شرح ۾ ٻين صوبن کان پوئتي رهيو  96-1995ع ۾ داخلا جي شرح 45 سيڪڙو هئي 04-2003ع ۾ گهٽجي وڃي 39 سيڪڙو تي بيٺي هئي. زرعي پيداوار لاءِ چيو وڃي ٿو ته هر سال ان ۾ 7 سيڪڙو کان 10 سيڪڙو ڪمي ٿئي ٿي رپورٽ مطابق انهيءَ صورتحال غربت ۾ گهڻو اضافو ڪيو آهي. جيڪا  غربت 99-1998ع ۾ 34.5 سيڪڙو هئي سا 02-2001ع ۾ 48.3 تي پهتي هئي.

صحت جي شعبي ۾ بهتري انڪاري جي نشانيءَ سان  ڏيکاري وئي آهي انهيءَ شعبي جي ناڪاميءَ جي سببن ۾ وسيلن نه پر ڪارڪردگي کي ڄاڻايو ويو آهي.

سنڌ ۾ انصاف جي اڻاٺ کي به پسماندگيءَ جو انڊيڪٽر ڪري پيش ڪيو ويو آهي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال 2003ع جي آخر تائين في 10 لک ماڻهن جي آباديءَ جا 2647 ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ هئا انهن ڪيسن جي اڪلاءَ جي شرح 48 سيڪڙو رهي رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو ته سنڌ ملڪ جو واحد صوبو آهي جتي هاءِ ڪورٽ جي سطح جي نون ڪيسن جو تعداد خارج ٿيندڙ ڪيسن کان وڌيڪ آهي.

نيٺ ڇا ڪجي؟

قرارداد پاڪستان 1940ع جي ٺهراءَ کان وٺي ڪالاباغ ڊيم رٿا نامنظور ڪرڻ تائين، 91ع واري پاڻي ٺاهه کان وٺي ملازمتن ۾ قانوني ڪوٽا تائين، سنڌ کي نه حق ملن ٿا، نه ٺهرائن ۽ قاعدن تي عمل ٿئي ٿو.

سنڌ واسين ۽ سنڌ سرڪار کي وسيلن تي اختيار ڪونهي يا وري اهڙيون قوتون آهن جيڪي انهن وسيلن مٿان سنڌ سرڪار کي اختيار هلائڻ نه ٿيون ڏين. سنڌ حڪومت کان گهر ڪجي ٿي ته وسيلن جو اختيار وفاق جي بجاءِ سنڌ کي ڏنو وڃي. ان کي اها شئي ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي ناڪاميءَ جي پٺيان اهو به سبب آهي ته اسانجون پارٽيون وڏا مقصد رکن ٿيون پر  محنت ۽ قرباني ڏيڻ کان ڪيٻائين ٿيون. سنڌ ۾ سمورن سياسي اڳواڻن جو حال اهو آهي ته عوام لاءِ سختيون به نه سهون ۽ عوام جا هيرا به سڏجون سو ته ناممڪن آهي.

تنهنڪري اسان سڀني کي پاڻ ۾ سنڌ جي مفادن خاطر اٿڻ لاءِ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي ڇوته 75 سيڪڙو  جي ڪري سنڌ مسئلن جو شڪار آهي يا 75 سيڪڙو سنڌ مسئلن جو ان ڪري شڪار آهي جو سنڌ واسي قومي استحصال جو شڪار آهن.

مسئلو اهو آهي ته ملڪ ۽ مظلوم قومن جي وچ ۾ بنيادي تضاد قومي آهي ۽ قومي تضاد جي استحصالي قوتون مظلوم قومن کي حق نه ڏيڻ لاءِ سياستدانن، دانشورن، ڪالم نگارن، انساني حقن جي نمائندن جي به ڳالهه نٿا مڃين. ان ڪري اسان جو سڀ کان پهرين مضبوط، پر امن جدوجهد جي ذريعي ڊائلاگ ڪرڻ ۽ قانوني مزاحمت ڪرڻ ئي سڀ کان وڌيڪ اهم نقطو هجڻ گهرجي ته جيئن آسانيءَ سان سنڌ آزاد، خودمختيار ۽ سنڌي خوشحال ٿي سگهن.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *