سي ايس ايس جي تياري

سي ايس ايس جي تياري

     عام طور اهو چيو ويندو آهي ته ڪنهن به قوم جي خوشحالي ۽  ترقي جو دارومدار ان جي تعليمي نظام ۽ ان سان لاڳاپيل شاگردن ۽ انهن جي ڪردار تي هوندو آهي.

ڪنهن به سماج ۾ مثبت ۽ اثرائتي تبديلي لاءِ اتان جي تعليمي ادارن جو تمام اثرائتو ۽ اهم ڪردار هوندو آهي. جن ۾ خاص طور تي يونيورسٽيون ان حوالي سان ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکن ٿيون پر بدقسمي سان علم جي کوجنا ۾ اعلى درجو رکندڙ هتان جون يونيورسٽيون به معاشري اندر جنم وٺندڙ سماج دشمن روين، تعصب، نسلي ۽ لساني متڀيد ۽ انتهاپسندي جو شڪار رهيون آهن.

سنڌ جيڪا صدين کان ظلم، جبر ۽ ڦر لٽ جو شڪار رهي آهي هتان جي رهواسين جو اهو خيال هو ته انگريزن ۽ هندن جي آزادي کانپوءِ هو خوشحال رهندا ۽ انهن کي آزاديءَ سان لکڻ پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق ملندو جنهن جي ڪري ئي سنڌي ماڻهن پاڪستان جي حمايت ۾ پهريون سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرايو، پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪا مثبت موٽ نه ملي سگھي، پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ جي پاڻي، معدني وسيلن توڙي تعليم کي هٿ وٺي تباهه و برباد ڪرڻ جون سازشون سِٽيون ويون.

گورنر عشرت العباد ۽ وزيرِ تعليم محترم حميده کهڙو جي دور اقتدار ۾ سنڌي ٻوليءَ کي هڪ ٻئي پٺيان صدما رسايا ويا. اول ته ڪراچي جي اعلي ثانوي بورڊ مان سنڌي لازمي مضمون کي نصاب مان ڪڍيو ويو، وري وزيرِ تعليم خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون پڙهائڻ وارو بل جيڪو ٺهراءُ ذريعي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ٿيو هو تنهن تي عمل ڪرڻ بدران ان کي معطل ڪري ڇڏيو.

وري ڪجھ عرصو بعد ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي. اڄ به سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي اعلى درسگاهه يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ سنڌي شاگرن کي داخلا نه پئي ڏني وڃي. اگر ڏني به وڃي پئي ته اها به رڳو ڪنهن هيٺين ڪيٽيگري جي ڊپارٽمينٽ ۾ جنهن جو ڪو خاص مستقبل ناهي هوندو. 1951ع ۾ يونيورسٽي آف ڪراچي جي قيام کان وٺي اڄ تائين ڪڏهن به سنڌي وائيس چانسلر ته ڇا پر وائيس چانسلر، ڊپٽي رجسٽرار، ڪنٽرولر توڙي فيڪلٽي ڊين تي ڪوبه سنڌي مقرر نه ٿيو آهي.

يونيورسٽي آف ڪراچي من گھڙت داخلا پاليسي تحت داخلا کي حصن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪري سنڌي شاگردن کي يونيورسٽي کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪجھ عرصو اڳ جڏهن سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه عهدي جو قسم کڻڻ بعد سنڌي شاگردن جي ڪراچي ۾ داخلا وارو معاملو اٿاريو ته ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي چانسلر وڏي وزير جو حڪم ٿڏي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي  تعليمي بورڊن جا انتظامي اختيار گورنر عشرت العباد کان واپس وٺي وڏي وزير حوالي ڪرڻ وارو بل پاس ڪيو، ته اهو بل گورنر اعتراض وري واپس موٽائي ڇڏيو. اهو ساڳيو ئي بل ارباب دور ۾ به سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيو ويو، پر ان وقت به گورنر صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو حالانڪه ملڪ جي ٽنهي صوبن ۾ تعليمي بورڊن جا انتظامي اختيار وڏن وزيرن وٽ ئي آهن. پر هتي لساني تنظيم پنهنجي هٺ ڌرمي ۽ ضد تي قائم رهندي سنڌ جا تعليمي بورڊ وڏي وزير حوالي ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا ڏيڻ وارن بلن کي اهميت نه ڏيندي ختم ڪرائي ڇڏيا. هاڻي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو تعصب پرستي جو کليو ثبوت نه آهي؟ ڇا اهو ڪيٽيگريز سسٽم سنڌ خلاف ڪا گھري سازش نه آهي؟ ڇو ته سنڌ جي ٻئي ڪنهن به يونيورسٽي ۾ڪيٽيگريز تي ٻڌل پاليسي نه آهي. انهي ئي يونيورسٽي ۾، پنجاب، سرحد، بلوچستان توڙي پرڏيهين لاءِ سيٽون رکيل آهن ته پوءِ ڇا سنڌي شاگردن لاءِ سيٽيون مخصوص نٿيون ڪري سگھجن. ۽ رهي ڳالهه ميرٽ جي ته  اندروني ضلعن جي شاگردن کي ميرٽ واري انٽري ٽيسٽ ۾ پڻ ويهڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

ڪنهن به قوم جي ترقي جو دارومدار تعليمي ادارن ۽ شاگردن تي هوندو آهي پر حڪومت جي لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي جي ڪري تعليمي ادارا به اڏوهي جو کاڄ بڻجندا پيا وڃن. اخباري رپورٽن موجب ٻڌايو پيو وڃي. ته سنڌ ۾ 7700 اسڪول بند پيا آهن. ۽ 12129 اسڪول اهڙا آهن جن کي ڇت به ميسر نه آهي. جن ۾ شاگرد کلي آسمان هيٺ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. ڇا اهي پوائنٽيون سنڌ جي تعليم جي بربادي ڏانهن اشارو نه ٿيون ڪن؟

هڪ طرف تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو پيو وڃي ته ٻئي طرف اسان جا پنهنجا ڪيترائي شاگرد لٻاڙي سياست جي رخ چڙهي تعليم توڙي سماج لاءِ ناسور بڻجيو وڃن. اهي شاگرد ڦڏي بازي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر وقت بوقت ڪلاسن ۽ امتحانن جو بائيڪاٽ ڪرائي پڙهندڙ شاگردن کي به مسلسل نفسياتي دٻاءَ هيٺ آڻيو ڇڏين. هي لٻاڙي سياست ڪندڙ  پاڻ کي شاگرد اڳواڻ ۽ شاگردن جا خير خواهه سمجندڙ عام شاگردن کان وٺي انتظاميه کي بليڪ ميل ڪرڻ، انتظاميه کان ڀته ۽ عام شاگردن کان چندي جي نالي پئسا اوڳاڙيندا آهن. ته ٻي پاسي هاسٽل جي ميس کان وٺي يونيورسٽي جي ڪينٽين تائين مفت خوري ڪرڻ، ڌوٻي کان وٺي پوائنٽ جي ڊرائيور تائين کي ونگار وهائڻ جو ڪم ڪن ٿا. سڀني ڳاليهن کان هٽي ڪري استادن جي عزت نه ڪرڻ انهي مقصد سان لاڳاپيل شخصيتن تي ناجائز مارڪون رکڻ لاءِ ڌٻاءَ وجھن ٿا. هي شاگرد جيڪي پاڻ کي شاگرد اڳواڻ شاگردن جو خيرخواهه يونيورسٽي جو چئمپين ۽ هيرو سمجھن ٿا. ۽ سکڻن ديشي ۽ لٻاڙي نعرن ۾ عام شاگردن کي هراسان ڪن پيا تن کي خبر ئي نه آهي ته دنيا جي مهذب معاشري ۾ ايشيا کان وٺي يورپ تائين، آمريڪا کان وٺي آفريڪا تائين شاگرد سياست جو جيڪو تصور ملي ٿو، اهو تصور آئيني جي چمڪندڙ پاسي جھڙو ۽ جڳمڳائيندڙ آهي.

دنيا جي تاريخ نوجوانن ۽ شاگردن جي سياسي جھدوجھد سان ڀري پئي آهي. ڇو ته اهي شاگرد ئي هئا جن 1996ع ۾ منيلا ۾ آمريڪا مخالف تحريڪ جو آغاز ڪيو ۽ جن جي هزارين ساٿين جي خون جي نظراني ڏيڻ کان پوءِ فلپائن ۾ جھموريت جا جھنڊا جھوليا. اهي شاگرد اڳواڻ ئي هئا جن لنڊن جي هائيڊ پارڪ کان وٺي هوچي منهه اسڪوائر تائين SDS جي بينر هيٺ آمريڪا جي ظلمن خلاف تاريخي احتجاج ڪيا ۽ تاريخ جي صفحن ۾ پنهنجا نشان ڇڏيا، اهي شاگرد اڳواڻ ئي هئا، جن فرانسيسي جنرل چارلس ڊيگال جي تخت کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ۽ اهي اسان جا شاگرد اڳواڻ ئي هئا جن جي جھدوجھد اسان کي چار مارچ وارو يادگار ڏينهن ياد ڏياري ٿي. اها جھدوجھد جيڪا مختصر پئماني کان شروع ٿي هئي اها جھدوجھد سنڌ جي وائيس چانسلر کي هٽائڻ جي ردِعمل طور اڀري هئي. ۽ پوءِ انهيءَ جھدوجھد ون يونٽ مخالف تحريڪ کي زور وٺرايو هو.

پر اڄڪلهه جي  سياست ان جي بلڪل ابتڙ آهي. اڄوڪا ڪيترائي شاگرد جيڪي ڪينٽين ۾ گريبي (واڌارو رههُ) گھٽ ملڻ تي بيرن ۽ مالڪن کي مارڪٽ پيا ڪن، امتحان حال ۾ڪاپي جي اجازت نه ملڻ تي استادن جي بي عزتي پيا ڪن، يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڇوڪِرين سامهون ڪلف ٺهيل ڪپڙا کڙڪائي سگريٽ مان دونهون اڏائيندي شهپرن کي وٽيندا وتن، جيڪي شاگرد ڪپڙا استري ٿيڻ ۾ پنجن منٽن جي دير تي اڇي ڏاڙهي واري ڌوٻي کي ڳچي کان جھلين ڇا اهي شاگرد سنڌ توڙتي تعليم لاءِ نقصان ڪار ثابت نه ٿيندا؟ يا سنڌ جي تعليم جي خلاف ٿيندڙ سازشن کي روڪي ان خلاف اٿي سگھندا؟.

آخر ۾ آئون عام سنڌي شاگردن توڙي سياسي ورڪرن ۽ شاگرد اڳواڻن کي عرض ڪندس ته خدارا سنڌ جي تعليم خلاف ٿيندڙ هر سازش کان باخبر رهو ۽ شاگرد سياست جي آڙ ۾ غنڊه گردي بند ڪيو. ۽ انگريزي ۽ سائنسي علم سان واسطو رکي عالمي تقاضائن موجب جدوجهد ڪري اڳتي اچو. آئون سنڌ حڪومت توڙي اسيمبلي جي اندر ۽ ٻاهر ويٺل وزيرن کي پڻ درخواست ڪندس ته اهي اهڙي غير قانوني بندش کي ختم ڪرائين ۽ سنڌ جي ڪراچي کان جدا ڪرڻ واري سازش کي ٻنجو ڏين ۽ تعليم بگاڙڻ بجاءِ ان جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

C.S.S ڇا آهي؟

سينٽرل سپريئر سروسز (C.S.S) هڪ چٽاڀيٽي جو امتحان آهي، جنهن ذريعي گورنمينٽ آف پاڪستان گريڊ 17Bs جي ڀرتي (recruitment) ڪندي آهي. هي امتحان سال ۾ هڪ ڀيرو فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ڪندي آهي. چٽاڀيٽي جي هن امتحان ذريعي نهايت ئي قابل ۽ مستقل مزاج اميدوارن جي چونڊ ڪري ڪامورا شاهي (Bureaucracy) ۾ کين شامل ڪيو ويندو آهي. ۽ ڪامورا شاهي گورنمينٽ جي مشينري کي هلائڻ ۾ ڪرنگهي واري حثيت رکي ٿي.

C.S.S جو تاريخي پسمنظر چٽاڀيٽي جي امتحان جون پاڙون برطانيه جي سسٽم ۾ ملن ٿيون ۽ هي نظام گورنمينٽ آف پاڪستان، انگريزن کان وراثت ۾ ورتو، برطانيه ننڍي کنڊ ۾ عام ماڻهن کي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اعلى عهدن تي انڊين سول سروس جو امتحان وٺندي هئي. جيڪو 1947ع واري آزادي کان پوءِ سينٽرل سپرير سروسز طور پاڪستان اندر سڏجڻ لڳو. هاڻي هي امتحان هر سال 17گريڊ جي عهدن لاءِ منعقد ڪيو ويندو آهي.

سي ايس ايس C.S.S جو طريقيڪار:

فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن هر سال چٽاڀيٽي جي هن امتحان جو اعلان اخبار ذريعي ڪندي آهي. تقريبن ڊسمبر مهيني جي پهرئين تاريخ کان ويندي ايڪٽيهه تاريخ تائين فارم ڀرڻ جو وقت مقرر ڪيو ويندو آهي. فارم فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن F.P.S.C جي هيڊ آفيس (اسلام آباد) ڏانهن سيڪريٽري جي ائڊريس تي موڪلڻ لاءِ چيو ويندو آهي. فارم ڀرڻ کانپوءِ تقريبن 3 مهينن کانپوءِ سلپ واسطيدار اميدوار ڏي ٽائيم ٽيبل سان گڏ موڪلي ويندي آهي. هي امتحان تقريبن اپريل مهيني ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي. چٽاڀيٽي جي امتحان لاءِ سنڌ اندر لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد، ۽ ڪراچي سينٽر آپشن ۾ رکيا ويندا آهن هي امتحان هيٺين حصن تي مشتمل هوندو آهي.

لکت جو امتحان   Written Test  

طبعي امتحان      Medical Test

نفسياتي امتحانPsychological test

روبرو                 Vivavoce                     

هن سڄي مرحلي مان گذرندڙ ڪامياب اميدوار کي ڪوبه گروپ (مارڪن موجب) ڏنو ويندو آهي. گروپ هن ريت آهن

1. Commerce & Trade group

2. Customs & Excise group

3. District Management group

4. Foreign Service of Pakistan

5. Income Tax group

6. Information group

7. Military Lands & Cantonments group

8. Office Management group

9. Pakistan Audit & Accounts service

10. Police Service of Pakistan

11. Postal group

12. Railway (Commercial & Transportation group)

سي ايس ايس C.S.S  جي لاءِ قابليت:

چٽاڀيٽي جي هن امتحان ۾ ويهڻ لاءِ ڪجھ شرط ۽ ضابطا رکيل آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

عمر: اميدوار جي عمر 21 سالن کان وٺي 28 سالن (پهرين جنوري تائين) هجڻ گھرجي.

اميدوار وڌ کان وڌ ٽي دفعا امتحان ڏئي سگھندو.

ڪجھ صورتحال ۾ عمر جي (Relaxation) ڏني وئي آهي. مثال طور اميدوار جو تعلق ڪنهن ٻڌ ڪميونٽي وغيره سان هجي.

اميدوار جو تعلق ڪجھ تسليم ٿيل قبيلن سان هجي جھڙوڪ قبائلي علائقا، ڊي آئي خان، پئٽارو ڊويزن وغيره.

بلوچ قبيلا ڊيرا غازي خان ۽ راجن پور ڊسٽرڪٽ کان علاوا.

اڳوڻا مردان ۽ هزارا ڊويزن.

آزاد ڪشمير جا دائمي رهواسي.

سرحد صوبي جا دائمي رهواسي

معذور اميدوار

گورنمينٽ ايمپلائي

تعليمEducation: C.S.S ۾ تعليم جو معيار گريجوئيشن سيڪنڊ ڪلاس يا سي گريڊ يا ان جي برابر جي ڊگري رکيو ويو آهي. اگر ڪو اميدوار بيچلر ڊگري ٿرڊ ڊويزن يا گريڊ ڊي سان پاس ڪري ٿو ته اهو پڻ قابل سمجھيو ويندو اگر هو ماسٽر ڊگري سٺي ڊويزن ۾ سان پاس ڪري ٿو.

قوميت Nationality : C.S.S  جو اميدوار پاڪستان يا ڄمون ڪشمير جي شهريت “Citizenship” رکندڙ هجي.

فيس Fees: C.S.S جي فيس 1000روپيه رکي وئي آهي. جيڪا گورنمينٽ ٽريزري، اسٽيٽ بئنڪ يا نيشنل بئنڪ ۾ هن اڪائونٽ هيٺ (C-02101-Orgams of State Exam Fee FPSC Receipt) جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويندو آهي، ياد رهي ته فيس واپس نٿي ٿي سگھي.

جايون Vacancies: گورنمينٽ آف پاڪستان امتحان جي ٿيڻ کان پوءِ جاين جو اعلان ڪندي آهي. اهو سندس اختيار ۾ هوندو آهي ته ڄاڻيل جاين جو تعداد گھٽ وڌ ڪري سگھي ٿي.

مضمون Subject: چٽاڀيٽي جي هن امتحان ۾ مضمون Subject نهايت اهيت جا حامل هوندا آهن. حقيقت ۾ C.S.S امتحان آهي ئي اسڪور جو امتحان. هن امتحان جو لکت جو اسڪور هوندو آهي 1200 مارڪون ۽ هي امتحان پاس ڪرڻ لاءِ اميدوار کي ففٽي يعني اڌ سيڪڙو جي پل هر حال ۾ پار ڪرڻي هوندي آهي. انهيءَ لاءِ مضمون نهايت ئي اهميت رکن ٿا. تنهنڪري مضمونن جي پسند اهڙي ڪجي جو وڌ کان وڌ مارڪون حاصل ڪري سگھجن. مضمونن کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

لازمي مضمون Compulsory Subject

اختياري مضمون Optional Subject

لازمي مضمون Compulsory Subject: سڀني اميدوارن لاءِ ساڳيا هوندا آهن. هنن مضمونن جو ٽوٽل اسڪور 600 هوندو آهي. ۽ 40 سيڪڙو مارڪون پاس ڪرڻ شرط هوندو آهي. جرنل ناليج جي پيپرن ۾ ٿوري گھڻي رعايت هوندي آهي. مثال طور عالمي معلومات جي ٽن پيپرن (پاڪستان افيئر، ڪرنٽ افيئر ۽ روزمره جي سائنسي ڄاڻ) ۾ ٽوٽل اسڪور (پاس ڪرڻ لاءِ) 120 گھربل هوندو آهي. اگر ڪو اميدوار هڪ پيپر ۾ گھٽ مارڪون کڻي ٿو ۽ ٻين پيپرن ۾ سٺيون مارڪون حاصل ڪري 120 مارڪون ٽوٽل Aggregate پار ڪري ٿو ته هو پاس سمجھيو ويندو آهي. حالانڪ بقايا ٽن پيپرن ۾ 40 کان گھٽ مارڪون کڻڻ تي اميدوار فيل قرار ڏنو ويندو آهي. ضروري سبجيڪٽ هن ريت آهن.

انگريزي مضمون (Essay) 100 مارڪون. انگريزي جوڙ جڪ 100 مارڪون. اسلاميات 100 مارڪون. جرنل ناليج 100 مارڪون. پاڪستان افيئر 100 مارڪون. ڪرنٽ افيئر 100 مارڪون ايوري ڊي سائنس 100 مارڪون.

اختياري مضمونن ۾ اميدوار کي آزاد هٿ Free hands ڏنو ويندو آهي، ته هو پنهنجي پسند تي مضمون کڻي. هنن مضمونن جو اسڪور 600 هوندو آهي. انهيءَ ڪري اميدوار کي ٽوٽل 600 اسڪور جيترا سبجيڪٽ ڄاڻايل 9 گروپن ۾ کڻڻا پوندا آهن. هنن مضمونن جي خاص ڳالهه هي هوندي آهي، ته هي مضمون اسڪورنگ هوندا آهن. تنهنڪري چونڊ ڪرڻ ۾ ذهانت جو مظاهرو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته سي ايس ايس جو درياءُ پار ڪرائڻ ۾ اهي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

ياد رهي ته اختياري مضمونن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ 33 مارڪون رکيل هونديون آهن.

C.S.S لاءِ ملڪ اندر ادارا: افسوس جھڙي ڳالهه آهي ته اهڙي وڏي امتحان لاءِ گورنمينٽ ليول تي نه ادارا آهن نه ئي وري پراپر گائيڊ لائن. غير سرڪاري ليول تي ڪجھ اڪيڊميز آهن. جيڪي ملڪ اندر مختلف شهرن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. جيئن ته غيرسرڪاري ليول تي قائم ڪيل اڪيڊمن جو مقصد هوندو آهي منافعو ڪمائڻ. تنهنڪري تمام ٿوريون اڪيڊميون پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. بهرحال هن وقت ڪراچي ۾ ٽي وڏيون اڪيڊميون آهن.

C.S.S جي تياري ڪيئن ڪجي؟: سي ايس ايس جي تياري ڪا مخصوص تياري ناهي هوندي، هي تياري ننڍپڻ کان شروع ٿيندي آهي بهرحال سي ايس ايس جي تياري لاءِ ٻه ڳالهيون ضرور آهن.

  1. وقت

2. مناسب گائيڊلائن

هي اهڙو امتحان آهن جنهن ۾ اميدوار کي اپ-ڊيٽ رهڻو پوندو آهي، اگر هن امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو خواهشمند آهي ته کيس وقت حالات ۽ جديد رجحانن جي واقفيت رکڻ اشد ضروري آهي. هن امتحان ۾ ٽيڪنڪ سڀ کان وڌيڪ درڪار هونديون آهن. اگر چٽاڀيٽي جي امتحان کي ٽيڪنڪ جو امتحان چئجي ته بلڪل وڌاءُ نه ٿيندو.

ٽيڪنڪس Techniques؛ اختياري مضمونن جي چونڊ Select of Optional Subject: C.S.S ۾ اختياري مضمون نهايت اهميت جا حامل هوندا آهن، تنهنڪري ضروري آهي ته اسڪورنگ، طبيعت سان ملندڙ جلندڙ دلچسپ، وقت بچائيندڙ مضمونن جو ميلاپ هجڻ ضروري آهي.

مضمونن جي پڙهائيءَ جي شروعات: مضمونن جي انتخاب ڪرڻ کانپوءِ ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو. پڙهائي ڪرڻ جو پڙهڻ جي شروعات ڪٿان ڪجي؟ نهايت ئي اهم سوال آهي ”بقول فدا حسين شاهه (ٽاپر ۽ ريڪارڊ بريڪر2006ع) جي ته اڪثر سنڌي شاگرد لازمي مضمونن (Compulsory Subject) تي گھڻو ڌيان ڏيندا آهن. ۽ شروعات به لازمي مضمونن کان ڪندا آهن، جيڪو انتهائي غلط آهي. ڇاڪاڻ ته لازمي مضمون اسڪور گھٽ ڏيندا آهن. تنهنڪري شروعات اختياري مضمونن کان ڪجي ۽ وڌ کان وڌ ڌيان به اختياري مضمونن تي ڌرڻ گھرجي لازمي مضمونن کي صرف پاس ڪرڻ واري پهچ رکڻ گھرجي.

ڪتاب Books:  

ضروري مضمون Compulsory Subject

انگريزي مضمون English Essay

انگريزي ۾ مَضمون لکڻ C.S.S جو پهريون ڀيرو هوندو آهي. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انگريزي جا ٻئي پيپر سي ايس ايس جي بقايا پيپرن کان مشڪل هوندا آهن. بقول مظهر سعيد (ايسي اسپشلسٽ) 80 کان 90 سيڪڙو شاگرد انگريزي جي پرچن ۾ ناڪام ٿيندا آهن. تنهنڪري انگريزي جي پرچن کي سولو ڪري نه کڻڻ گھرجي. بهرحال هي پيپر ڏکيا ضرور آهن پر ناممڪن نه، هيٺ ڪجھ ٽيڪنڪ ڏجن ٿيون جيڪي تمام گھڻيون مددگار ثابت ٿينديون.

Book’s:

مضمونن لاءِ ڪوبه ڪتاب گھربل نه هوندو آهي.

هي هڪ فن آهي، هي هڪ ڪاريگري آهي، پرچن کان هڪ يا ٻه مهينا پهرئين ڪجھ مضمون چونڊيا ۽ تيار ڪيا وڃن.

Study Techniques: تخليق، Creativity، وقفن ۾ پڙهڻ Study In Sessions، لکت جي پريڪٽس Writing Practice، رٽو Cramming، خاص طور تي ايوري ڊي سائنس صبح جو سوير ۽ سمهڻ کان اڳ.

هيٺين ڳالهين کان پاسو ڪرڻ:

اسڪالر ٿيڻ Become Scholar، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جا تجويز ٿيل سڀ ڪتاب پڙهڻ، نراس ٿيڻ Loose Heart، الماسي مدد وٺڻ کان گھٻرائڻ، وقت جو اجايو استعمال، ڪتابي ڪيڙو هجڻ، تخليقي ڪمن کان ڪيٻائڻ.

هيٺيون شيون ڪرڻ گھرجن:

پين جو استعمال، ڪاري يا بلو پين يا مارڪر جو استعمال، هيڊنگس لکت جو هجڻ، نوٽيس جو ٺاهڻ ۽ وري وري پڙهڻ، ٽاڪ شو ٻڌڻ يا ڏسڻ ٻين سان بحث مباحثو ڪرڻ.

مارڪن لاءِ لائحه عمل Scoring Strategy:

MCQS ۾ گھٽ ۾ گھٽ 18 مارڪون کڻڻ. پرچن دوران وقت جو صحيح استعمال. MCQS جو سوال پهريون حل ڪرڻ جيڪو سڀ کان سٺو ايندو هجي. ڪڏهن ڪو سوال نه رهائجي.

C.S.S  لاءِ ويب سائٽس Web-site:

C.S.S لاءِ مختلف ويب سائٽس رکيل آهن، پر سڀ کان وڌيڪ سٺيون Web-Sites جيڪي پراپر گائيڊ لائن ۽ انفارميشن مهيا ڪن ٿيون سي هيٺ ڏجن ٿيون.

www.fpsc.com

www.cssforum.com

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *