سنڌ جو سقراط

سنڌ جو سقراط

دُنيا ۾ ماڻهو روز ڄمن ٿا ۽ روز مرن ٿا، پدمين انسان هن دنيا ۾ آيا ۽ مري کپي ويا، پر ڪنهن کي ياد به ڪونهن ۽ ڪٿي سندن نالو نشان به ڪونهي. هر قوم ۽ سماج سان ائين ئي آهي، ساڳئي وقت هر قوم ۽ سماج ۾ اهڙا ماڻهو به ڄمن ٿا، جيڪي پنهنجيءَ بامقصد زندگيءَ کي ڪو سُونهن ڀريو ڪارج ڏيئي، نه رڳو انجي وِٿُ ۽ سڃاڻپ بڻجن ٿا پر پاڻ به امرتا ماڻين ٿا. اهڙن ماڻهن جو مڙهه ته مُئي پڄاڻان ڌرتيءَ ۾ پُورجي ٿو پر سندن وجود پنهنجيءَ قوم ۽ عوام جي دِلين ۾ زنده رهي ٿو. منهنجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو به اهڙو جِيءَ جياريو ماڻهو ۽ عالم ليکڪ، نقاد ۽ محقق هو. اهو سنڌ جو ڪيترو نه وڏو الميو آهي جو سنڌ جي سياست، علم ۽ ادب جا اڪثر وڏا ماڻهو ننڍي يا وچئين وهيءَ ۾ ئي هِيِ جهان ڇڏي ويا پر پوءِ به سندن ڪردار ۽ ڪارج جا ڪِرڻا اڄ به روشن آهن ۽ سندن سڦلائتي پنڌ جا رَند اڄ به پنهنجيءَ قوم ۽ سماج کي وڏو اُتساهه بخشين ٿا. بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، ذوالفقار علي ڀُٽو، بينظير ڀُٽو، فاضل راهو، نظير عباسي، مير مرتضيٰ ڀٽو، بشير خان قريشي، حفيظ شيخ، نسيم کرل، ف-م لاشاري، ڊاڪٽر فيروز احمد، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ حسن درس جهڙا سنڌ جا انيڪ ماڻهو موتي هئا، جن کي ڊگهي ڄمار نصيب نه ٿي پر ٺلهي ڊگهي ڄمار کي ته ڪا معنى ناهي، ماڻهو سوچي ڇا ٿو؟ محسوس ڇا ٿو ڪري؟ ڪري ڇا ٿو؟ هن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ هن جو پنڌ ڪهڙو آهي؟ هن جي واٽَ ۽ منزل ڪهڙي آهي. اهي سڀ سوال ڄمار جي عدالت جي اهميت کان وڏا آهن. جڳ مشهور ڊچ مُصور ونسنٽ وان گاگ 37 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انگريزيءَ جو زبردست شاعر ۽ نقاد ازرا پائونڊ 35 سالن ۾ گذاري ويو. خود شيلي ۽ ڪيٽيس جهڙا باڪمال شاعر زندگيءَ جا چاليهه سال به پورا نه ڪري سگهيا پر ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟  خود لطيف سائين جي ڄمار 63 سال هئي، جيڪا ڪا وڏي ڄمار ته ناهي، ان ڪري ماڻهو زندگي ڪيئن ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري ۽ ڏئي وڃي، اهو سوال وڌيڪ اهم آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي به فقط 45 سال ڄمار ماڻي پر ڪيڏي نه سڦلائتي زندگي گذاري، جو هِي ماڻهو ڪيترو نه وڏو ڪم ڪري ويو، ايترو، جيترو شايد گهڻا اديب ۽ اسڪالر وڏيون ڄمارون ماڻيندي به نه ڪري سگهيا. لطيف سائين شايد اهڙن امرتا ماڻيندڙ ماڻهن لاءِ ساکَ ڏيندي چيو آهي ته:

مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿيا نه مات،

هوندا سي حيات، جيئان اڳي جي جيا!

ماڻهو وڏيون ڄمارون ماڻي به ڪَک پن ٿي اُڏامي سگهي ٿو ۽ ماڻهو ڪي ڪارائتا پَلَ حياتي ماڻي، ان کي ڪو ڪارج ڏئي به امر ٿي سگهي ٿو. اسانجو پيارو دوست ۽ سنڌ جو ڏاهو فرزند ڊاڪٽر محبت به هُوبَهُو ائين ئي هو. مان 1986ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر پاس ڪري پنهنجي شهر قمبر موٽي آيس. اهو زمانو اهڙو هو، جنهن ۾ مون لاءِ زندگيءَ جو معراج فقط ادب هو. ان زماني ۾ به مان تمام گهڻو پڙهندو ۽ لکندو هئس ۽ اهو ئي زمانو هو، جڏهن منهنجي ڊاڪٽر محبت سان علمي، ادبي ۽ فڪري دوستيءَ جي شروعات ٿي. سندس ڪلينڪ قمبر لڳ هڪ ڳوٺ باگو ديرو ۾ هوندي هئي. ڪلينڪ جو مڙئي بهانو ۽ نالو هو، اصل ۾ اُها ڊاڪٽر محبت جي فڪري، علمي ۽ ادبي پورهئي جي جاءِ هئي. دوستيءَ جو اهو تعلق جيئن جيئن اڳتي وڌيو ۽ پڪو ٿيو، تيئن تيئن هن جي سادي پر گهڻ رخي ٻهڳڻي شخصيت جو تاڪيو مون اڳيان کُلندو ويو، مان به سندس ڪلينڪ تي روز وڃڻ ڇا لڳس، ڄڻ ته عادي ٿي ويس. بس پوءِ ڏينهن جو مان هن وٽ ڪلينڪ تي ۽ هو روز شام جو منهنجي اوطاق ۽ لائبريريءَ تي. روز هو مون تي نئين سر آشڪار ٿيڻ لڳو. ڪڏهن هڪ نقاد ۽ پارکي، ڪڏهن سنڌ، عوام ۽ انقلاب جو عاشق، ڪڏهن عالم ۽ اديب، ته ڪڏهن نه رڳو پڙهيل پر ڪڙهيل پختو نظرياتي سياسي ڪارڪن. سندس ڪلينڪ تي مريض گهٽ پر بحث مباحثا ڪرڻ وارا دوست گهڻا ايندا هئا. سندس ڪلينڪ ڇا هئي ڄڻ باگيديري ۾ ننڍڙو اٿينس هو ۽ هو نئين دور جو سقراط، سڄو ڏينهن پيو ليڪچر ڏيندو هو، بحث ڪندو، تنقيدي اک سان سمجهائيندو ۽ نظرياتي پيچيدگين جا مُنجهيل سُٽَ پيو سُلجهائيندو هو. اسٽڊي سرڪل ٿين، ته ڊاڪٽر جا فلسفي تي ڊگها ڊگها ليڪچر- پنج پنج ڪلاڪ هڪ ليڪچر، سگريٽن جا پنج ڇهه پاڪيٽ ۽ ڏهاڪو کن چانهيون ۽ ڊاڪٽر جا نه کُٽندڙ ليڪچر. هونئن ته هو گهڻ رخو ماڻهو هو، پر سندس پسنديده موضوع فلسفو ۽ ان ۾ به مارڪسي فلسفو هئا. هِي عجيب ماڻهو هو، پئسا ڏيندڙ مريضن کي ڏسي بيزار ٿئي ۽ نظرياتي بحث ڪندڙ سياسي ڪارڪنن ۽ علم ادب سان چاهه رکندڙ دوستن کي ڏسي ٽِڙي پوي. چانهيون سڀ اوڌر تي ۽ اوڌر لهڻ جو امڪان ئي نه! ڇو ته جنهن رفتار سان چانهيون ۽ سگريٽ پيئي ۽ ٻين کي پياري، ان حساب سان سندس آمدني ڪجهه به نه. ڪلينڪ هلائي ته آمدني به ٿئي! لطيف سائين سُر کاهوڙيءَ ۾ اهڙن بي لوث کاهوڙين جي ڪردار ۽ ڪيفيتن کي هِيئن بيان ڪيو آهي:

تان ونئن ويهي آءُ، اڱڻ کاهوڙين جي

جوش ڏنائون جِيءَ کي، لڪائي لوڪاءُ،

ڏوٿين ڪنهن ڏکاءُ، سُمهي سُک نه ماڻيو!

سوال آهي ته، سنڌ جي هن کاهوڙي ۽ ڏوٿيءَ کي ڪهڙو ”ڏُک“ هو؟ جنهن سبب هن ڪڏهن سُمهي سُک نه ماڻيو؟ ڇا اهو ڪو انفرادي ڏُک هو؟ ڇا هن جو پنڌ پنهنجي ذات لاءِ هو؟ ڇا هن جا خواب سندس سُک لاءِ هئا؟ نه هرگز نه! هو سڄي انسانذات جي ڇوٽڪاري لاءِ سوچيندو ۽ لوچيندو هو، هن کي طبقاتي ۽ قومي غلاميءَ ۽ ڦرلٽ کان نفرت هئي، هو سراپا سائنسيت ۽ منطقيت جي مِٽيءَ مان ڳوهيل هو، انڪري هن کي عقيده پرستي، توهم پرستي، انڌن ويساهه ۽ جهالت جي هر صورت کان اٿاهه نفرت هئي. هن کي سائنسيت سان سنڌ جيترو پيار هو ۽ سنڌ کي هر سائنسيت جي رنگ ۾ ڏسڻ ۽ تبديل ڪرڻ چاهيندو هو. هن جا ليڪچر، لکڻيون، ڪچهريون، پنڌ ۽ جُستجو جا محرڪ اهي هئا. پورهيت طبقن سان پيار ڪندڙ، سندن نجات لاءِ ووڙيندڙ سنڌ جو هِي سقراط، پاڻ به وڏو فڪري ۽ علمي پورهيت هو. مون هن کي ڪڏهن به واندو، ٿڪل، غير متحرڪ، سماج ۽ ڏاهپ کان لاتعلق ۽ ورچي ويهڻ وارو نه ڏٺو. سخت غربت ۽ اڻهوند ۾ گذاريندڙ هِي انوکو شخص سدائين سرهو ۽ ڪارائتي تخليقي ۽ تحقيقي ڪرت سان جُنبيل هو. مان سوچيندو هئس ته، محبت جي من ۾ اهو ڇا جو اطمينان آهي؟ ان سرهائيءَ جو راز ڇا آهي؟ اهي اندر ۾ ڪهڙا لِڪل خزانا ۽ اکين ۾ ڪهڙا سپنا اٿس، جو سڄو ڏينهن پيو انهن کي سڏي سرهو ٿئي؟ اها شايد اها سرهائي آهي، جيڪا پنهنجي ذات جي نفي ڪندڙن کي حاصل ٿيندي آهي، جيڪا ڏئي ۽ وڃائي ماڻبي آهي، جيڪا تخليق ڪري ۽ تصورن ۾ اُن آئيندي جو جمال پَسي، پَسبي آهي، جنهن لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه تياڳيندو آهي، پنهنجيءَ ذات لاءِ حاصل ڪرڻ جي تمنا تان ئي هٿ کڻندو آهي ۽ پاڻ کي انسانذات، قوم ۽ پورهيت عوام جي ازلي نجات جي فراق ۾ فنا ڪري زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشيندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پاڻ وڃائي پنهنجو وجود لهندو آهي ۽ سرهو ٿيندو آهي. ڊاڪٽر محبت ٻرڙو هُوبَهُو ائين هو، هو جسمن جو ته ڊاڪٽر هو پر هو دراصل رُوحن، خيالن، احساسن ۽ سماج جي هِيڻن ۽ مظلوم طبقن جو فڪري ويڄ هو. هو تَنَ سان گڏ مَنَ جو به طبيب هو.

ڊاڪٽر محبت جهڙوُ تيز رفتار پڙهندڙ ۽ گهڻو پڙهندڙ به ورلي ڪو هوندو. ڪتاب هٿ ۾ آيو ناهي، چَٽ. هن جي فڪري اُڃَ ڪا ايڏي گهڻي هئي. هو علم ۽ ڏاهپ لاءِ جنهن جو تاسارو هو جو لائبريريون ۽ علمن جا سمنڊ پي ويو، ته به هن جي تشنگي ۽ تانگهه ۾ ڪمي نه آئي. لکڻ ۾ به تمام گهڻو تيز هو، ڀلا 45 سالن جي ڄمار ۾ سوين اڻ ڳڻيا ليڪچر، علمي ۽ فڪري مضمون، مقالا ۽ ويهن کان مٿي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪتاب ڏيندڙ ڪو عام ماڻهو ته ٿي نه ٿو سگهي. فلسفو،  سائنس، سياست، ادب، لغت، اصلاح سازي ۽ آخر ۾ سنڌي ٻولي- اهي سڀ ڊاڪٽر محبت جا موضوع هئا ۽ ڪيئن طئي ڪجي ته هو ڇا جو ماهر هو؟ ۽ هو ته انهن سمورن علمن جو ماهر هو ۽ مٿان وري اهڙو ماڻهو، ڪارڪن به هجي، فقير منش کاهوڙي به هجي، ڇا ته حَسين امتزاج هو، هن سنڌ جي ڏاهي فڪري پورهيت ۾! شايد اهو اُتساهه، ايڏي اٿاهه، سگهه،  حوصلو ۽ اُورچائي انهن ماڻهن کي ڀاڳَ ۾ ملي ٿي، جيڪي هن مختصر زندگيءَ کي ڪا معنيٰ بخشين ٿا ۽ زندگيءَ جا رازَ ڳولي لهن ٿا. مان هن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لطيف سائينءَ کان اُڌارا لفظ ٿو وٺان، جنهن چيو هو ته:

ڪُپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنهن پاتو پيرئين،

جيان منجهڻ ماڙهئين، سڄڻ تيان ئي سيرُ

اُن ڀونءِ ۽ سندو ڀيرُ، ڪوڙن منجهان ڪو لهي.

jchandio@cpcs.org.pk

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *