سنڌي جديد شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ

سنڌي جديد شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ

ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، اهو جملو اسان هميشه ٻڌو آهي. اهڙو ئي هڪ تاريخي ماڻهو ڪشنچند بيوس پڻ آهي، جنهن جديد سنڌي شاعري ۾ موضوع ۽ فڪر جي نواڻ آندي. ڌارين تشبيهن کان منهن موڙي ڏيهي تشبيهون ڪتب آنديون. هن شمع ۽ پرواني جو ذڪر ڪرڻ بجاءِ ٿڌڙي هير جي جهونڪن جو ذڪر ڇيڙيو. هن پنهنجي شاعري ۾ پنهنجي جنم ڀوميءَ جي جهوپڙين، پکين، جيتن ۽ وڻن جو ذڪر ڪيو، جيڪو سندس شاعريءَ جي لهجي کي عام فهم ڪرڻ لاءِ ڪافي هيو نه ته هن جا همعصر يا پهرين وارا شاعر فارسيءَ جا قصه برزبان ياد ڪيون ويٺا هيا ۽ پاڻ لکڻ ۽ پاڻ سمجهڻ جي ريت نڀايون پئي آيا. ان ماحول ۾ بيوس جي شاعري هوا جو اهو جهونڪو بڻجي آئي جنهن ان غلط رخ ۾ لڙهندڙ شاعري جي ٻيڙي کي اصل رستي طرف لاڙيو ۽ تاريخ بڻجي ويو. سنڌي شاعري ءَ ۾ جدت جو ڏيئو ٻاريو، جنهن کي اڳتي هلي شيخ اياز سج جيان روشن بڻايو.

ولادت ۽ حسب نسب:

سنڌ جو عوامي شاعر ۽ جديد سنڌي شاعريءَ جو باني ڪشنچند تيرٿداس کتري، تخلص ”بيوس” سن 1885ع  ۾ لاڙڪاڻي جي زرخيز زمين تي پهرين اک کولي، سندس پڙڏاڏو ملتان مان لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو هو، ان ڪري ئي سندن ملتان سان ويجهڙو تعلق پڻ رهيو. بيوس کي ٻه ڀينر ۽ ٻه ننڍا ڀائر هيا ۽ اولاد ۾ ٻه پٽ ۽ چار نياڻيون اٿس.

تعليم ۽ پيشو:

ننڍپڻ ۾ ئي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان سنڌي فائنل پاس ڪيائين، انگريزي، فارسي ۽ هندي تعليم پڻ حاصل ڪيائين، استادي پيشو اختيار ڪيائين جنهن سان مرڻ گهڙيءَ تائين نڀايائين. هو هڪ اعلى آدرشي استاد هو، هن رام پنجواڻي ۽ هري دلگير جهڙا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا. گهڻو وقت وليد اسڪول لاڙڪاڻي ۾ تعلقي ماستر ٿي رهيو، پوءِ شاهه محمد اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر بڻيو، جتان فيبروري 1940ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

طبيعت ۽ تخلص:

نماڻپ ۽ نهٺائي هن جي طبيعت ۾ ننڍپڻ کان ئي شامل هئي، شرميلو ۽ حجابي رهيو، ايتري حد تائين جو جڏهن به کيس ڪنهن شاعرانه محفل ۾  شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو ويندو هو ته پاڻ  نه ويندو هو پر پنهنجو شعر موڪلي ڏيندو هو.پنهنجو تخلص ” بيوس” شايد ان ڪري به مناسب سمجهيائين جو هن سمجهيو ٿي ته انسان ڪيترو به با اختيار ڇو نه بڻجي وڃي پر فطرت جي آڏو ڪٿ نه ڪٿ بيوس بڻجي ويندو آهي.اهو ئي سبب آهي جو پاڻ کي بيوس، ويچارو، نماڻو، مسڪين ۽ نٻل ڪوٺرايو.

سياسي ۽ سماجي لاڙو:

بيوس مهاتما گانڌيءَ جو پوئلڳ هو ۽ ڪانگريس سان وابسطه رهيو، گانڌيءَ جي نظريئي موجب هميشه کاڌيءَ جا ڪپڙا پائيندو هو ۽ ديسي شيون استعمال ڪندو هو. گانڌيءَ لاءِ هي شعر چيو اٿس:

سملي جي اوچائيءَ وارو، اوچو تنهنجو شان گانڌي
چوٽ بلنديءَ تي پهچايو، ڪانگريس نشان گانڌي

گانڌيءَ کان پوءِ بيوس رابندرناٿ ٽئگور جي شخصيت مان متاثر هيو، ٽئگور جو ڪتاب ”ساڌنا”  سمجهڻ ۽ پڙهڻ خاطر بيوس باوجود وڏيءَ عمر هجڻ جي انگريزي سکيو. هر آچر تي پنهنجي سنگت کي ٽئگور واري سکيا ڏيندو هو ته دنيا جي هر نظاري مان خوشي ۽ آنند ڪيئن حاصل ڪجي، حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان راضپو ۽ سک ڪيئن تلاشجي. مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جو درس هن طرح ڏنو اٿس:

”اک لڙڪ سان، منهن مرڪ ڀريو ياد ڪنداسين
فرحت ڀري دنيا ۾ نه فرياد ڪنداسين.”

شوقيه پيشو:

استادي کان علاوهه بيوس حڪمت جو ڪم  به ڄاڻندو هو، جيڪو کيس ورثي ۾ مليو هو، رٽائرمينٽ کان پوِءِ بيوس ” هوميو پيٿي” طريقي سان حڪمت شروع ڪئي هئي، اڄ جي ڪاسائي ڊاڪٽرن جيان نه هو، غريب غربي جو مفت علاج ڪندو هو.

بيوس جو حڪمتي رايو هو ته ڳائو کير کائڻ سان ڪمزور ٿيل نظر ٻيهر تيز ٿي سگهي ٿي، ان کي نظر ۾ رکندي بيوس  هڪ ” ڀاڳيا اسڪيم” ٺاهي هئي، جنهن لاءِ لاڙڪاڻي جي ويجهو پلاٽ به خريد ڪيو هئائين پر زندگي جي بي وفائي ان اسڪيم کي اڌ ئي رهيل رکيو.

شاعري ڏانهن لاڙو:

ڏات ته بيوس جي من اندر اوتيل هئي ۽ ڏانءَ کان روشناس ٿيندو رهيو پر سن 1900ع  ۾ ڦوهه جواني کان شاعري جي شروعات ڪيائين، شاگردي دور ۾ هڪ رات برسات جي ڇم ڇم کان متاثر ٿي شعر لکيو هئائين ۽ لکندي لکندي ڪرسيءَ تي ئي ننڊ اچي ويس، جيڪو رات جو ئي هاسٽل سپريڊينٽ پڙهي ورتو ۽ صبح جو پنهنجي آفيس ۾ گهرائي پٺي ٺپيندي چيو هئاينس، ” بيوس! ڪنهن ڏينهن اعلى درجي جو شاعر ٿيندين.”

اهو شعر هتي پيش ڪجي ٿو:

”اڄ، مڙي بادل کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب
پڻ چڙي ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي ٿڌڪار ۾.”

شاعريءَ جا موضوع:

بيوس جي شاعري۾ هر فڪر ۽ خيال سمايل آهي، پر ان وقت جون سماجي ۽ سياسي تبديلين جو اثر پڻ هن جي شعر تي نظر اچي ٿو، هتي انهن مان ڪجهه جو  مختصر ذڪر هتي پيش ڪريون ٿا.

1. قومي جذبو:  بيوس جي زماني ۾ خلافت هلچل، ڪانگريس تحريڪ، آزاديءَ جي تحريڪ، هاري حقدار هلچل، هندو مسلم ايڪتا ۽ ٻيون تحريڪون هليون پئي، ان ڪري بيوس جي شعر ۾ پڻ  قومي درد جو جذبو موجود آهي.

” اهي مائرون ڀلي مرڪن، جي ٻاروتن ۾ لولي ڏين
ته صدقي ديس تان تن من، ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.
ڇڏي واپار ڌنڌن کي،  ڏئي تالا مدرسن کي
اچن گڏ ملڪ جي سڏ تي، ڦٽائي عيش ۽ عشرت”

2. روحانيت ۽ تصوف:  بيوس جي ڪافين  ۽ ڪتاب ” سامونڊي سپن” ۾ صوفي فڪر تي طبع آزمائي ٿيل آهي ،

”پڃري آدم دي وچ ڪيئن آئين، هئين ته شير خدائي يار

                                                          هئين ته مرغ هوائي يار”

بيوس طبيعتن ڀي فقير منش هو، حقيقي يار جي ڳولا ۽ ان سان ملڻ جي تڙپ هن جي شعرن ۾ نظر اچي ٿي.

” لالڻ لقاءُ تنهنجو، هر جا نظر اچي ٿو،
توکي ڏسان ٿو آڏو،  دشمن اگر اچي ٿو.”
…..

” گهُر نه هرگز، گهرج اندر ناقصائي جو نشان
فڪر بيوس ڪر فنا، طلب و تمنا واسطي.”

3. جيون ڪوتا: بيوس گرونانڪ جي جيون ڪوتا پڻ رچي، ان کان علاوهه تلڪ مهراج، ڀڳت ڪنور رام، وشنداس قمبر واري، راڻي پرتاب سنگهه ۽ ٻين جي زندگيءَ تي مرثيا ۽شعر چيا اٿس. وشنداس قمبر واري جي پرلوڪ پڌارڻ تي هي:

” هو هليا هنگلاج ڏي، سامي سفر پورو ڪري،
ٿو قمبر ڪيهون ڪري، اڄ ڳاٽ ڳوڙهن سان ڀري.”

4. فطرت:  فطرتي منظرن جي عڪسيت يا محاڪات بيوس جي شاعري  ۾ چپي چپي نظر اچي ٿي، هتي ڪجهه مثال بيان ڪجن ٿا.

” کير ڌرتيءَ تي وهائي، ٿي سهائي راتڙي”
”سبز پوشي، مخملي تهه، آهه ڌرتيءَ تي چڙهيو.”
”واسينگ ڦڻ پٽن ٿا، هڪ ٻئي سان مڻ مٽن ٿا.”
سهڻا لغڙ سدائين ٿو انڊلٺ مان ٺاهين!”
” جڏهن وڻن ۾ واءُ اچي ٿو، پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو.”
” ساهه اندر جو ساهه کڄي ٿو، بيوس من ۾ ناد وڄي ٿو.”

5.  موجي گيت/ٻاراڻي شاعري:  حياتيءَ جا پويان 10 سال بيوس ٻاراڻِي شاعري کي ارپيا، ٻارن لاءِ لکيل سندس اهي گيت ايترا ته سولا ۽ ترنم ۽ رڌم سان ڀرپور آهن جو درسي ڪتابن کان وٺي سنڌي گيتن تائين بيوس ئي بيوس نظر اچي ٿو.

” ڦوڪي  ڦاڙ نه ڦوڪڻو، منهنجو اهي ملوڪڻو”
” اچو ته ننڍڙي ريل هلايون، باهه ببوءَ ۾ دود دکايون”

” آءُ لهي تون تارا آءُ، مونسان گڏجي ماني کاءُ،
ڇو مچڪائين خالي وات، ٽمڪ ٽمڪ تاريلي رات.”

تارن ۾ تولاءِ گهڙيال، وقت جو جنهن مان جاچين حال.”

”مٺڙا گهوڙا اوري آءُ، خوب خوشيءَ سان داڻو کاءُ.”

” آيو پاڻي ليٽ ڪري، ڪاغذ جي هي ٻيڙي تري،
ڪاريگر جي ڪاڻ نه ڪائي، مون هيءَ پنهنجي پاڻ بنائي،
ڦوڪ ڏيڻ سان لهرون ٺهنديون، ٻيڙيءَ کي سي اڳتي نينديون،
ڪين ڪمائي ڀاڙو ڏيندي، مفت ۾ ايندي ، مفت ۾ ويندي.”

6. سماجي براين خلاف شاعري:

بيوس وياج، زميندار جي داداگيري، جوا، شراب، بيروزگاري، ڌيءُجنم ۽ ٻين سماجي براين کي پڻ پنهنجي شاعري جو موضوع بڻايو آهي.

”خون مسڪيني ٿي چوسيو، سَودخورن ڄور جيان،
گهرج جي گهوٻي لڳي ۽ وياج جو وارو وريو.”

”جي زميندار پليا تنهنجي پگهر پورهئي تي،
سي سگهيا قدر نه تنهنجو سڃاڻي ڪڙمي.”

چار پيسا تيل کاتي، چار ڏوڪڙ تيل تي،
ٿي لڳي کوٽي کڻت ۾، ٿي بڻيو کوٽو کنڌو.”

هن طرح حاصل ڪيل، تعليم ڏيوالو ڏنو،
مُور موڙيءَ جو ته ڇڏ، پر وياج جو لاهي نه بار.”

” تنهنجي ڄمڻ تي، ٿو وڃي راڪاس گهر گهمي،
تنهنجو پلڻ، جيئڻ، نپڻ، جنجار استري.”

”کٽندڙ جو ٿئي، اڌ منهن ڪارو،
هارائيندڙ جو سارو ڪارو.”

7. ناصحانه شاعري: بيوس قدرت جي عام نظارن کي به اهڙي ته دلڪش منظر ۾ تبديل ٿو ڪري جو  دل ٿڌڙي هير بڻجي، اسر ويلي باغ ۾ ڇٻر تي پنڌ ڪندي نظر اچي ٿي. قدرتي جيت جڻين جي تمثيل کي جيئرو ڪرڻ ته ڪو بيوس کان سکي. تڏ ۽ ماکيءَ جي تمثيل مان ڏکين ڏينهن لاءِ جمع ڪرڻ جو سبق ڏنو آهي. سندس هڪ ٻيو نظم ” آڱريون ۽ منڊي” پڻ وڏائي نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ٿو. دورانديشي ۽ نياز نوڙت تي لکيل بيوس جا مٿيان ٻئي نطم ناصحانه شاعري جو مثال آهن.

ادبي ملڪيت/سرمايو:

سندس هيٺيان ڪتاب ملن ٿا. ”شيرين شعر”، ”سامونڊي سپون”، ڦولداني”، ”شعر بيوس”، گرونانڪ جي جيون ڪوتا” جن کي گڏي  سيد محمود شاهه بخاري پاران 1991ع ۾ سندس ڪليات ” ڪلياتِ بيوس” جي نالي سان شايع ڪرايو ويو.

نثر جا موضوع:

بيوس شعر سان گڏوگڏ ڪيترائي ناٽڪ پڻ لکيا. جن ۾ ”سورداس”، ”خوبصورت بلا”، ”پرت پوڄارڻ”، ”هرشچندر” ۽ پرهلادليلا قابل ذڪر آهن، بيوس جا لکيل ڊراما گهڻي قدر هندي ۽ اردو ڊرامن جو ترجمو آهن. بيوس جيڪي به ترجما ڪيا يا نثر لکيو، ان ۾ به سندس ٻولي ٺيٺ سنڌي ۽ انداز شاعراڻو هيو، ايتري حد تائين جو مڪالمن ۾ به تجنيس حرفي جو بار بار استعمال ڪري موضوع ۽ مڪالمي ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.

موڪلاڻي:

جيون جي پوين سالن ۾ اڪيلائي پسند ٿي ويو، لاڙڪاڻي جو ”گيان باغ” سندس آرام ۽ سڪون جو مسڪن رهيو، پويان ڏهه سال ٻارن لاءُ گيت لکيائين.  خلق خدا جو ڀلو سوچيندي آخر 23 سيپٽمبر 1947ع تي پرلوڪ پڌاريائين.

جديد سنڌي شاعري جي شروعات:

بيوس جا همعصر  يا اڳ وارا جيڪي به مشهور ۽ نالي چڙهيا شاعر هيا، تن ۾ سواءِ خليفي گل محمد جي، سڀني جي ترڪيبن، تمثيلن، تشبيهن، استعارن ۽ عڪسن ۾  ايراني شاعري جو رنگ ڪوٽان ڪوٽ ڀريل هو. جن ۾ قاسم، فاضل ۽ حامد ته قابل ذڪر نالاآهن. فارسي شاعريءَ کي افضل سمجهڻ کان وٺي، ان جي اثر ۾ طرحي مشاعرا ڪرڻ ۽ پاڻ کي فارسيءَ جو ڏاهو پيش ڪرڻ واسطي فارسيءَ جا ڏکيا لفظ چونڊي چونڊي پنهنجي شعر ۾ شامل ڪرڻ کي باعثِ فخر سمجهيو ويندو هو.

حامد ۽ سانگي وغيرهه سسئي ۽ مارئي ءَ کي ڳائيندي ٿري ۽ لوڪ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوءِ به ان ۾ ڌرتيءَ جو رنگ شامل ٿي نه سگهيو پر ايرانيت واري ڌاريائپ جي ڌپ پئي آئي. ايراني اصطلاح جهڙوڪ، گل و بلبل، ساقي پيماني، چمن گلستان، باغ و گلشن ۽ محبوب جي خدوخال ۾ مصروف هيا.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي شاعريءَ ۾  ايراني، عربي ۽ ترڪستاني شاعري مان نيون صنفون، خيال، فڪر ۽ خاص علم العروض داخل ٿيو پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ها ته انهن شيرازي گلستانن ۽ عربي خيابانن ۾ سنڌي شاعر ايترو گم ٿي وياجو کانئن پنهنجي ڀلاري ڀونءِ جو جوڀن، ماروئڙن جا مال، غريبن جون جهوپڙيون جن مان جڏهن صبوح جو سج لڪي ليئا پائي، کوهه ۾ ٻڌل نار، وڻجارن جي ونين جو اڪيلاين سان ونواهه، انبن جي ٻور مٿان ويٺل چَتون، ڪينجهر کان ڪارونجهر جو حسن، ڀٽن تي ٽلندڙ مور پکي ۽ منڇر جي پيٽ ۾ اڏامندڙ پکين جا نظارا  سڀ وسري ويا.

ان دور جي بيٺل پاڻي ۾ بيوس مسلسل ڪنڪر اڇلي هڪ تحرڪ پيدا ڪيو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي شاعري ۾ تبديليءَ جو سبب بڻيو.  انگريزي ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ سيميوئل ڪالرج جيئن بيوس به سنڌي ادب جي آبياري ڪئي ۽ ان ۾ تازگي آندي ۽  شعر ۾ قدرتي نظارن کان وٺي مٽيءَ جي خوشبو تائين پنهنجي ئي ڌرتيءَ جو رنگ رچايو. جنهن کي پوءِ شيخ اياز ۽ ان جي همعصرن عروج تي پهچايو. اسان ڪشنچند بيوس کي  جديدسنڌي شاعريءَ جو وليم ورڊس ورٿ چئي سگهون ٿا.

جديد سنڌي شاعري ءَ ۾ ڪشنچند بيوس جو ڪردار:

بيوس سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن گل و بلبل جهڙن بي روح ايراني اصطلاحن کي پيرن هيٺان چيڀاٽي وليم ورڊس ورٿ جيان قدرت جي نظارن کي شاعريءَ جو موضوع بڻايو. هن تقليد پرستيءَ جي قطار مان ٻاهر نڪري غير مقلد ٿي ”انالحق” جو علم بلند ڪيو. بيوس جي شروعاتي شعر تي فارسي جو اثر پڻ رهيو پر هن عظيم استاد پنهنجي ڌرتيءَ جي لوڪ رنگ کي پنهنجي موزون شعر ۾ عڪسي نئين روايت قائم ڪئي.

جاري روايتي راند جا وکر ٽوڙي فارسي ۽ عربيءَ جي مقلدن جي صف مان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سنهنجي جو اصول اپنايو. هن جي ئي نغمن کان جديد فطري ۽ قومي شاعري جو دور شروع ٿيو. ان وقت جي وڏن عالمن ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه دائود پوٽي ان کي شعر جي تاريخ جو انقلاب ڪوٺيو. بيوس نقل تان اصل ڏي لاڙو ڪيو. جديد خيالات ۽ ڪي قدر ترقي پسند لاڙا متعارف ڪرايا. بيوس پنهنجي شعر ۾ ادبي خوبين/فن/فڪر/صنعتن تي پڻ ڌيان ڌريو.

پراڻي دور واري شاعري سڀ جي سمجهڻ جي وس جي ڳالهه نه هئي بيوس فن جي پختائي کي هلڪو رکندي به خيال جو خاص خيال رکيو، هن جو لهجو اوپرو نه پر پنهنج لڳي ٿو. هن جي شعر ج نرم نرم ڇهاءُ من اندر ۾ لهي وڃي ٿو اهو ئي سبب آهي جو اڄ جا شاعر ڀي بيوس جي ڇهيل موضوعن تي عروضي شعر لکي پنهنجو نانءُ ڪمائن پيا.

********

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *