سنڌي اباڻي ٻولي

سنڌي اباڻي ٻولي

هي ٻولي اها ٻولي آهي جنهن جون پاڙون دنيا جي قديم ترين تهذيب ۾ کتل آهن، هي ٻولي اها ٻولي آهي جنهنکي تاريخ جي هر دور ۾ سطح هستي تان مٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، هي اها ٻولي آهي جيڪا عربن جي دور کان هيل تائين سازشن جي ور چڙهيل ۽ جائز حق کان محروم رهي آهي.
هي ٻولي اها ٻولي آهي جيڪا قديم دور کان قومي ورثي کي سنڀاليو اچي، هي ٻولي جيڪا پنهنجي تاريخي، تهذيبي، ادبي ۽ ثقافتي اثاثن سان مالا مال آهي جنهن وٽ جيون جا سڀ نرالا رنگ، انگ ۽ ڍنگ موجود آهن. هي ٻولي جنهن وٽ عالم انسان لئه امن، محبت، نياز، نوڙت ، نهٺائي، چڱائي ۽ سچائي جا پيغام آهن، هي ٻولي جنهن ڏي کل ڀوڳ ذريعي تلخ، تيز ۽ ترش شخصي روين جي دوا ۽ حقيقتن تان پردو کڻندڙ تاريخي شخصيت وتايو آهي، هي ٻولي جنهن جي فضائن ۾ اڃان تائين علڻ فقير ۽ جيجي زرينه جا البيلا آواز گونجي رهيا آهن، هي ٻولي جنهن وٽ مائي مرکان شيخڻ جا اوائلي ڳيچ موجود آهن جنهن وٽ ڀٽن ڀانن ، سمنگ چارڻ ۽ ماموئي فقيرن بيت آهن، جنهن وٽ ، پير صدرالدين جي گنانن، قاضي قادن ، شاه ڪريم ، عثمان احساني، شيخ حماد، اسحاق هانگر، ، ميون عيسو هالائي، احسان فقير، خواجه محمد زمان، ميان لطف الله قادري، عبدالرحيم گرهوڙي، شاه عنايت رضوي، مصري شاه، سچل سرمست موجود آهن.
هي ٻولي اها ٻولي آهي جنهن وٽ شاعرن جو شهنشاه شاه عبدالطيف آهي، لطيف جنهنجو هن ٻولي سان ۽ ٻولي جنهن جو لطيف سان اٽوٽ ڳانڍاپو آهي. حڪمرانن جي خوشامندي ۾ “پارسي گھوڙي چاڙسي” سنڌي وائي قلم نه آئي“ جهڙن فقرن گھڙڻ وارن کي جوابن ۾ چئي ٿو،
جي تو سکيو فارسي، گولو توءِ غلام
اڃيو تان آب گھري بکيو تان طعام
هي عامن سندو عام خاصن منهجان نه ٿيو
اهو لطيف جنهنجي ٻولي ۾ سماج جي هٿ ٺوڪئي روايتن کان بغاوت ڪندڙ سهڻي جي سچائي ۽ وفائي آهي، جنهن ۾ سسئي آهي ، جنهن ۾ مومل جا ماڻا آهن، نوري جي نوڙت آهي، جنهن ڏي مارئي آهي ۽ اها مارئي جيڪا پنهنجي وطن، اباڻن ڪکن، ماروئڙن سان سچائي، وفاداري ۽ محبت ۾ عيش آرام رنگ روپ کي ترڪ ڪندڙ ۽ ثابت قدمي جو مثالي ڪردار آهي.
اي نه مارن ريت سيڻ مٽائن سون تي
حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
سون برابر سڳڙا، لون لون برابر لک،
رپو جنهن رد ڪيو، ڪوڙ تنين کي ڪک
مون مارون جو مک، تيل نه لائيان تنهنجو
هي ٻولي شيخ اياز جي ٻولي آهي جنهن جي قربت ۾ چئي ٿو
پنهنجي ٻولي ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ،
اهڙو توکي ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي؟
هي ٻولي استاد جي ٻولي آهي جنهن لاءِ چوي ٿو “جيجل جھولي ڏئي پئي لولي سنڌي ٻولي قومي ٻولي” هي ٻولي مرزا قليچ جي ٻولي آهي جنهن ٻوليءَ جي دامن ۾ علم ۽ ادب جي ڪيترين ئي موضوئن تي چار سئو ستونجاه ڪتابن جو ذخيرو ڏنو . هي ٻولي منهنجي ٻولي آهي هي ٻولي تنهنجي ٻولي آهي هي ٻولي اسان سڀني جي ٻولي آهي بس ضرورت آهي هن ڳالهه کي سمجھڻ جي ته هر قوم جي تاريخي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي ڌانچي جو اهم جز ان جي ماڌري ٻولي هوندي آهي، جنهن سان انسان جي فطري احساسن جي تربيت ٿئي ٿي، ماڌري ٻولي اها ٻولي آهي جيڪا ماء جي قربت وسيلي، محبت، خلوص، عزت، احترام، شناخت، يقين، حوصلي جا سڀ رنگ کڻي انسان جي وجود کي رنگيندي آهي، انهن رنگن کي ميرو نه ٿيڻ ڏيو نه ته زندگي بي ٻسي ٿي پوندي.
منير حيدر

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *