سائنسي ڪالم

سائنسي ڪالم

جاويد سولنگي
ارڙهين صديء جي فرانس ۾ معاشي بدحالي ۽ مذهبي انتهاپسندي سبب حالتون تمام گهڻيون خراب رهيون. هڪ طرف فرانس جو بادشاه پنهنجي روائتي داداگيري ڄمايو ويٺو هيو ته ٻئي پاسي فرينچ
جاگيردار ۽ ڪليسائيت ماڻهن جو رت پيئڻ ۾ مصروف هئي. اهڙين حالتن جن عظيم هستين کي پيدا ڪيو انهن مان اسان عام طور تي صرف والٽيئر ۽ روسو جي نالن کي ئي واقف آهيون. حالانڪه ڊينس ديدرو ۽ انتوئن لُووزيئر به ساڳي ئي دور جا نگينه آهن پر اسانکي سندن متعلق ڪا خاطرخواه معلومات ناهي. اڄ مونکي منهنجي هڪ پياري دوست جڏهن ڪيمسٽري ليبارٽري جون ڪجه تصويرون ڏيکاريون ته يڪدم منهنجي ذهن ۾ لُووزيئر جو نالو تري آيو جنهن جي بدولت اسان کي جديد سائنسي طريقي سان علم ڪيميا سمجهڻ جا بنياد مليا. لُووزيئر جيڪا محنت ڪئي اُن پورهئي علم ڪيميا کي پُراڻي يوناني فلسفي ۽ وچين دور جي الڪيمي وارن طريقن کان آجو ڪري هڪ جديد علم جي شڪل ڏني. جڏهن لُووزيئر پئرس جي مزارئن ڪاليج ۾ هيو تڏهن ڪيميا کي فزڪس وانگر باقاعده سائنس جو درجو مليل نه هيو, ڇاڪاڻ ته فزڪس جي دنيا ڪوپرنيڪس, ڪيپلر, گيلليو ۽ نيوٽن جي جديد ڪم بدولت پنهنجي پاڻ کي مُڪمل طور سائنسي ۽ ڪارآمد ثابت ڪري چُڪي هئي. ڪيميا واري پاسي ڏئي وٺي ارسطو جا اهي چار عنصر ڌرتي, هوا, باه ۽ پاڻي هيا جيڪي وچين دور جي الڪيمسٽن پنهنجي نشانين ۽ اسطلاحن جي حساب سان بدلائي پئي هلايا. اهڙي صورتحال ۾ جتي ڪيترئن ئي ڪيميائي عملن کي سمجهڻ جو طريقيڪار نه هيو اُتي ارڙهين صدي تائين اها ڳاله به هڪ وڏي ڳُجهارت هئي ته ٻرڻ جي عمل دوران بُنيادي طور ٿيئي ڇا ٿو؟ هڪ جرمن سائنسدان جارج ارنسٽ اسٽاهل فلوجسٽن جو نظريو ڏنو جنهن مطابق جيڪي به ڪمبسٽائل مٽيريلس ٻرن ٿا انهن ۾ ‘فلوجسٽن’ (ٻرڻ لاءِ ڪتب ايندڙ يوناني لفظ) نالي هڪ عنصر آهي جيڪو ڪمبشن جو بنيادي سبب آهي. مثال طور هُن چارڪول تي تجربا ڪري ڏٺو ته ٻرڻ کان پوءِ چارڪول جي وزن ۾ گهٽتائي پئي ٿي, تنهن تي هُن اهو نتيجو ڪڍيو ته اهو فلوجسٽن آهي جيڪو ٻرڻ کانپوءِ چارڪول مان نڪري هوا ۾ خارج ٿو ٿيئي. اهو ته ٿيو اسٽاهل جو نامياتي مٽيريل (چارڪول) تي تجربو جنهن جي بنياد تي هُن هڪ سادو نظريو پيش ڪيو پر مسئلو تڏهن پئي ٿيو جڏهن ڳرا ڌاتو شديد گرم ڪيا پئي ويا ته نتيجو نظريي جي اُبتڙ پئي آيو. مثال طور ليڊ کي شديد گرم ڪرڻ کان پوءِ اُن جو وزن گهٽجڻ بجاءِ وڌي ٿي ويو! لُووزيئر بنيادي ڊگري قانون ۾ حاصل ڪئي هئي پر ڪمبشن تي هڪ تعارفي ليڪچر ٻُڌڻ کانپوءِ قانون جو شعبو ڇڏي ڪمبشن کي سمجهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. فاسفورس ۽ سلفر تي تجربن دوران لُووزيئر ثابت ڪيو ته هوا ۾ ملڻ سان انهن ٻنهي عنصرن جو وزن وڌي ٿي ويو. هاڻي کيس اندازو ٿي چڪو هيو ته ڪمبشن واري عمل ۾ هوا جو اثر آهي پر تنهن دور ۾ هوا جي صحيح ۽ تُز ڪمپوزيشن جي ڪنهن کي به خبر نه هئي تنهنڪري ڪمبشن وارو سڄو معاملو سمجهڻ ڪجه پيچيده هيو. 1774ع ۾ انگريز نيچرل فلاسافر (تڏهن سائنسدانن کي نيچرل فلاسافر چسڏيو ويندو هيو) جوزف پريسٽلي پئرس ۾ لُووزيئر سان مليو ۽ کيس پنهنجي تجربي بابت ٻڌايائين. پريسٽلي, مرڪيوري آڪسائيڊ (پاري) کي گرم ڪرڻ دوران خارج ٿيندڙ هڪ گئس محفوظ ڪري ورتي جنهن ۾ ميڻ بتي ٿي سگهي! پريسٽلي کي يقين هيو ته اها ‘نج هوا’ بنيادي طور فلوجسٽن کان پاڪ هئي تنهنڪري ئي ميڻ بتي گهڻي دير تائي ٻري پئي سگهي ۽ ماڻهون جي ساه کڻڻ ۾ ان نج هوا جو اهم ڪردار هيو. پريسٽلي ان هوا کي ‘ڊي-فلوجسٽيڪيٽڊ ايئر’ جو نالو ڏنو. پُرتجسس لُووزيئر مختلف ڌاتن تي وري تجربا شروع ڪيا ۽ انهي نتيجي تي پهتو ته ڪمبشن دوران عام هوا بنيادي طور ٻن حصن ۾ تقسيم ٿيئي ٿي, هڪ اُهو حصو جيڪو ڪمبشن دوران ڌاتن سان ملي ٿي ويو ۽ ساه کڻڻ واري عمل ۾ ڪارآمد هيو ۽ ٻيو حصو نه ته ڌاتن سان ٿي مليو نه ئي ساه کڻڻ ۾ ڪم پئي آيو. هاڻي لُووزيئر جيڪو نظريو پيش ڪيو اُن ۾ فلوجسٽن کي ڪٿي به جڳه مليل نه هئي, ڪمبشن بنيادي طور نامياتي مادن يا ڌاتن ۽ هوا جي ري-ايڪشن جو نالو ٿي ويو. لُووزيئر فرينچ اڪيڊمي آف سائنسز کي ٻُڌايو ته ڪمبشن ۽ ساه کڻڻ دوران ڪم ايندڙ گئس جو نالو آڪسيجن آهي! (شُڪر ٿيو اسان جي ڄمڻ کان اڳ اها گئس دريافت ٿي وئي, نه ته هي سڄو جهان ڪيئن هلي ها 😃) . لُووزيئر اهو به ثابت ڪيو ته پاڻي پنهنجي پاڻ ۾ ڪو عنصر ناهي پر هائيڊروجن ۽ آڪيسجن جو ڪمپائونڊ آهي. لُووزيئر جي نظر ۾ هاڻي وقت اچي ويو هيو ته سائنس کي پراڻن قياس آرائين تي مبني طريقن کان آجو ڪري, ٿيوري ۽ سخت مشاهدي آڌار سنوارجي ته جيئن فطرت متعلق اسانجي سمجه ۾ خاطرخواه اڳڀرائي ٿي سگهي. پنهنجن هونهار ساٿين سان گڏ لُووزيئر جديد ڪيميا جي لاءِ عنصرن جو سسٽم جوڙيو جنهن جي ذريعي ڪيميا جي تشريح ڪرڻ ۾ تمام گهڻي آساني پيدا ٿي. مثال طور لُووزيئر کان اڳ ڪيميا ۾ عنصرن جون الڳ الڳ ڊگهيون تشريحون بيان ڪيون وينديون هيون, لُووزيئر اُهو ڪم نون نشانين ذريعي سولو ڪري ڏيکاريو. 1789ع ۾ (ان سال کي دنيا ۾ عام طور تي فرينچ بورجوا انقلاب جي سال طور ياد ڪيو ويندو آهي جڏهن ته گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته ڪيمسٽري ۾ انقلاب به انهي ئي سال ۾ آيو) لُووزيئر پنهنجو عظيم ڪتاب ڪيميا جا عنصر’Elements of Chemistry’ ڇپائي پڌرو ڪيو. گئسن جي فطرت, حرارت جون خصلتون, ڳار, تيزاب, اساسن کان ويندي علم ڪيميا جي تجربن ۾ ڪم ايندڙ اوزارن جا تفصيل هن ڪتاب ۾ شايع ڪيا ويا. سائنس جي تاريخ ۾ پهريون دفعو مادي جي بقا وارو قانون Law of Conservation of Mass سمجهايو ويو, جنهن مطابق هر عمل کان اڳ ۾ يا بعد ۾ مادي جو هڪ برابر مقدار موجود رهي ٿو. ان ڪتاب جي سڀ کان دلچسپ شيء آهي ان ۾ ڏنل ڪيميائي عنصرن جي ٽيبل! جنهن ۾ تنهن دور تائين دريافت ٿيل سڀ عنصر بالترتيب موجود هيا. ان سڄي شاندار لاڀائتي زندگي دوران لُووزيئر جي گهر واري ‘مادام ميري اين’ سندس ساٿاري رهي. هُوء ليبارٽري جي ڪمن کان ويندي سائنسي مواد جو ترجمو ڪرڻ تائين اڳڀري رهي. لُووزيئر جو تعلق مالدار گهراڻي سان هيو ۽ سندس ماءُ جي وفات کانپوءِ کيس ڳچ جائيداد ملي, جنهن مان لُووزيئر هڪ ‘فرمي جنرالي’ نالي گورمينٽ لاءِ ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ڪمپني جا شيئرز خريد ڪيا. حڪومت سان وابستگي کيس ڳچي ۾ پئجي وئي. 1789ع ۾ فرانس ۾ انقلاب آيو ۽ لُووزيئر سميت فرمي جنرالي ڪمپني جي سڀني ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. مقدمو هليو ۽ 8 مئي 1794ع تي لُووزيئر جو ڪنڌ گلوٽين هيٺان ڏئي سندس مُنڍي ڪٽي وئي.
سندس موت تي فرينچ رياضيدان جوزف لُوئي چيو ته ‘جيڪا مُنڍي ڪپجڻ ۾ هڪ لمحو ئي ڪون لڳو اُها مُنڍي وري پئدا ٿيڻ ۾ شايد صديون لڳي وينديون!’

لُووزيئر کي خبر هئي ته سندس نظريه پراڻي سوچ وارن ماڻهن لاءِ قابل قبول نه ٿيندا پر کيس ايندڙ نسلن تي پُورو ويساه هيو ته اُهي سندس نظرين کي سمجهندا ۽ دنيا کي تبديل ڪندا. وقت ثابت ڪيو ته لُووزيئر واقعي جديد ڪيمسٽري جو اَبو هيو ۽ سندس بيپناه پورهيو صحيح رستي تي ئي هيو ڇو ته سوا ٻه سو سال گزرڻ باوجود به ڪيمسٽري جي جديد دنيا سندس ئي دريافت ڪيل اصولن تي بيٺي آهي.
🇫🇷

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *