حرف علت (Vowel Letter) مان ڇا مراد آهي؟

حرف علت (Vowel Letter) مان ڇا مراد آهي؟

منـﻫـنجي اڀياس موجب حروف علت صرف ’ا، و ۽ ي‘ کي ٿو ڪوٺجي، جيڪي عربي رسم الخط ذريعي سنڌي صورتخطيءَ ۾ صرف ’ڊگھن سُرن‘ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم اچن ٿا.
عام تصور هوندو آهي ته عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ 52 اکر آهن، انهن ۾ ٽي اکر حرف علت آهن باقي 49 حرف صحيح آهن. اهو تصور بنهه غير مناسب آهي، ڇاڪاڻ ته آئيويٽا ۾ اهي 52 ئي اکر حرف صحيح آهن؛ البت، همزو، الف جو نعم البدل آهي. علمي حوالي سان ائين چئبو ته عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ 52 وينجن (Consonant) آهن؛ جن ۾ اهي حرف علت ’ا، و ۽ ي‘ به وينجن (Consonant) آهن. البت، انهن ٽنهي اکرن کان، صورتخطيءَ ۾، ڊگھن سُرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ مدد ورتي ويندي آهي، جنهن سبب ڊگھن سُرن لاءِ ڪم آندل اکرن کي ’حرف علت‘ چئبو.
وڌيڪ وضاحت لاءِ هيٺيان مثال نوٽ ڪري سگهجن ٿا:
’ا، و ۽ ي‘ جو وينجن (Consonant) طور استعمال: اَکِ- سَوَڙِ- يَڪتارو وغيره.
’ا، و ۽ ي‘ جو ڊگهي سُر (Long Vowel) طور استعمال: ٻارُ- ڍورُ- بُوٽ- سِيٽِي وغيره
هي جيڪي ڊگھي سُر ۾ ’ا، و ۽ ي‘ جا اکر ڪم آندا وڃن ٿا، تن کي ’حرف علت‘ چئي سگهبو. ياد رهي ته سُر (Vowel) جي دائري لاءِ اصطلاح ’حرف علت‘ پورائو نه ٿو ڪري؛ ان ڪري سُر (Vowel) کي حرف علت چوڻ مناسب ناهي.
حرف علت جي دائري بابت مختلف ڪتابن/ لغتن ۾ هيٺين ريت ڄاڻايل آهي:
جامع سنڌي لغات موجب: حرف علت: ذ. اهو حرف، جو ٻئي ڪنـﻫـن به حرف سان گڏجي اچار ٺاهي (حرف علت سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽي آهن: ا، و ۽ ي). (بلوچ، 1984: 1107)
سنڌيڪا لغت موجب: حرف علت: ذ. ٻئي ڪنـﻫـن حرف سان گڏجي اچار ٺاهيندڙ اکر (ا، و ۽ ي). (ستار، 2006: 323)
اظہر اللغات ۔ حرف علت۔ (ع) : ا، و، ی (امین، ؟ : 303)
المنجد ۔ العَلّۃ: بیماری۔ مشغول کرنے والا واقعہ۔۔۔۔ حروف العلّۃ۔الف، واؤ، یاء۔ (یوسفی، 1975)
حرف Haraf (v.n) …Harfi ‘illat, A week letters (ا، و، ي) (Steingass, 1977: 416)
‘عربی سیکھیے ‘ جي مؤلف هن ڪتاب ۾ حرف علت باب هيٺين ريت ڄاڻايو آهي:
حروف صحت اور حروف علّت: صحت، تندرستی کو کہتے ہیں اور علّت بیماری اور خرابی کو، عربی میں ‘و، ا، ی’ تین حروف علّت ہیں اور ان کے علاوہ باقی تمام حروف ‘حروف صحت’ ہیں۔ جب تک کسی مادّہ میں حروف صحت ہوتے ہیں ان سے ٹھیک ٹھیک شکلیں بنتی رہتی ہیں۔ لیکن جب کسی مادّہ میں حرف علّت آ جاتا ہے تو اس کی شکلوں میں کچھ تبدیلی ہونے لگتی ہے۔ آج کے سبق میں آپ نے جس قدر افعال پڑہے ہیں ان کے مادّہ میں ‘ع’ کی جگہ (یعنی بیچ کا حرف) حرفِ علّت ہے اور وہ ‘و’ہے۔ مثلاً قَال کا مادّہ قول (ق و ل) ہے، مَات کا مادّہ موت (م و ت) ہے۔ طَال کا (ط و ل) اور عَاد کا (ع و د) ، لہٰذا جب مادہ میں درمیانی حرف ْوٗ ہو تو اس سے فعل ماضی کی شکلیں مندرجہ ذیل طریقہ سے بنیں گی: (ک و ن) کَانَ، کانَتْ، کُنْتَ، کُنْتِ، کُنْتُ۔ (سُورتی، 1986: 163- 164)
مفسر ِقرآن غلام احمد پرويز همزي ۽ الف جي فرق بابت لکي ٿو ته: الف تي زبر، زير ۽ پيشُ ڪجھ به ناهي ٿيندو، جيئن: [قَالَ] ۾ ق کان پوءِ الف اچي ٿو، پر ان تي ڪابه اعراب ناهي. ان جي ابتڙ [اَڪَلَ] ۾ الف تي زبر آهي، انلاءِ ان کي الف نه پر همزو چئبو. اهڙيءَ طرح [يَأتي] ۾ الف تي جزم آهي، اهو به همزه آهي، الف ناهي. عربي زبان جي ڪنـﻫـن به لفظ جي مادي ۾ الف بنهه نه ايندو، بلڪ همزو ايندو. اگر ڪنــﻫـن مادي ۾ الف نظر اچي ته سمجھو ته ان هنڌ درحقيقت اصلي حرف ’و‘ يا ’ي‘ هوندو. الف ان ’و‘ يا ’ي‘ کي مٽائي آيو هوندو؛ مثلاً: ’قَامَ‘ ۾ مادو ’ق- و- م‘ آهي. ڄاڻو ته ’قَامَ‘ اصل ۾ ’قَوَمَ‘ هوندو، ’و‘ الف سان مٽجي ويو. اهڙيءَ طرح ’بَاعَ‘ جو مادو ’ب- ي- ع‘ آهي، پر الف سان مٽجي ويو آهي. (پرويز، 1998: 4)
مفسر پرويز صاحب جي راءِ مان اهو نڪتو ملي ٿو ته عربي ٻوليءَ جي بنيادي/ ڌاتو لفظن ۾ ’ا، و ۽ ي‘ هڪٻئي جا متبادل پيا ٿيندا آهن؛ اهو عربي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شامل آهي، جنـﻫـن سبب ’حرف علت‘ ڪوٺجن ٿا. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو مزاج اها خاصيت آسانيءَ سان برداشت نه ٿو ڪري سگھي.
حرف علت جي خاصيتن (Characteristics) واري اڀياس مان ٻه نڪتا اهم حاصل ٿين ٿا:
عربي لفظ جي مادّي/ بنياد ۾ مٽجندڙ اکر
اڀياس آڌار امڪان آهي ته عربيءَ ۾ اصطلاح ’حرف علت‘ جي ڪم آڻڻ جي گھرج، لفظن جي ڌاتوءَ ۾ لچڪ رکندڙ حرف هوندا. مثلاً: ’قَامَ‘ ۾ مادو ’ق- و- م‘ آهي. ڄاڻو ته ’قَامَ‘ اصل ۾ ’قَوَمَ‘ هوندو، ’و‘ الف سان مٽجي ويو. اهڙيءَ طرح ’بَاعَ‘ جو مادو ’ب- ي- ع‘ آهي، پر الف سان مٽجي ويو آهي. اهڙي اکري لچڪ مان خيال جڙي ٿو ته هڪڙا حرف ’مستحڪم‘ ٿين ٿا، ٻيا غير مستحڪم. عربي ٻوليءَ جي صرف نسبت ’حرف علت‘ وارا اکر ’ا، و ۽ ي‘ اهڙا آهن، جيڪي صرفي توڻي نحوي گھرجن آهر پيا ٿا ڦِرن گھِرن. جڏهن ته ان کان علاوه ٻين اکرن ۾ اهڙي لچڪ نه ٿي رهي. اهوئي سبب آهي جو اهڙي لچڪ رکندڙ اکرن کي ’علت وارا حرف‘ ڪوٺيو ويو هوندو.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به اهڙو انداز نوٽ ڪري سگھجي ٿو، جنـﻫـن ۾ اهڙا اکر اچي ٿا وڃن جن ۾ لچڪ رهي ٿي. سنڌي ٻوليءَ ۾ آوازن/ اکرن جي مٽجڻ جو پاسو ڪجھ مختلف آهي، مثال طور: ’منـﻫـنجو، منـﻫـنجي، منـﻫـنجا، منـﻫـنجن‘ جـﻫـڙن لفظن ۾ آخري اکر اهڙا آهن جيڪي جملي جي نوعيت پٽاندر مٽجن ٿا جڏهن ته بنيادي اکرن/ آوازن ۾ ردوبدل نه ٿي ٿئي، اهڙا مثال خيال خاطر هيٺ ڏجن ٿا:
مختفي ’ه‘، و، ي، ا ۽ ن جي ترتيب سان:
اداره- ادارو – اداري – ادارا – ادارن
مدرسه – مدرسو – مدرسي- مدرسا – مدرسن
(سنڌي لفظن ۾ ’ه‘ کان سواءِ)
گھوڙو – گھوڙي – گھوڙا – گھوڙن
تنـﻫـنجو – تنـﻫـنجي – تنـﻫـنجا – تنـﻫـنجن
اهڙو – اهڙي – اهڙا – اهڙن وغيره.
مٿيان مثال اهو ٻڌائين ٿا ته سنڌيءَ ۾ سنڌي لفظن کان علاوه، عربي توڻي فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج يا جملي جي نوعيت پٽاندر مذڪوره اکرن ۾ تبديل ٿين ٿا. ان خيال کان جيئن ته اهي اکر هڪٻئي ۾ مٽجي سگھجن ٿا، جن جو تعلق سُرن سان پڻ آهي، اهوئي سبب آهي جو انهن کي حرف علت سڏيو ويو آهي يا سڏي سگھجي ٿو؛ جڏهن ته حرف صحيح/ صحت اهي سڏبا آهن جيڪي پنـﻫـنجي صورت/ حيثيت نه مٽائن. البت، جڏهن آوازن جي نسبت انهن جي تور ٿي ڪجي ته پوءِ لفظ ’حرف‘ سان ڪم آندل اصطلاح ڪم آڻڻ مناسب ناهي.
مٿئين اصول موجب جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي حرف علت جو اڀياس ڪجي ٿو ته مٿين مثالن مان اهڙا پنج اکر سامهون اچن ٿا جيڪي پنـﻫـنجون صورتون مٽائن ٿا:
’ا، و، ي، ه ۽ ن‘
بـﻫـرحال، عربي ٻوليءَ جي نسبت ’حرف علت‘ جو ڪارج سامهون آيو، جنـﻫـن سبب سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي به نظر ڌري وئي؛ ليڪن ان جو اهو مقصد ناهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ا، و ۽ ي‘ کان سواءِ ’ه ۽ ن‘ جو اضافو ڪيو وڃي. هي صرف لفظن جي اکيڙ مان هڪ امڪاني خيال سامهون آيو آهي؛ ٻي صورت ۾ اصطلاح ’حرف علت‘ مان مراد ئي ٽي اکر ’ا، و ۽ ي‘ آهن، جيڪي ڪم آڻڻ جي بنياد تي حرف صحيح به سڏبا.

نتيجو: صورتخطيءَ ۾، ’الف، واؤ ۽ يي‘ اهڙا اکر آهن، جيڪي وينجن (Consonant) توڻي ڊگھن سُرن (Long Vowels) کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪم آندا ويندا آهن؛ ان ڪري انهن جو شمار حرف صحت/ صحيح توڻي حرف علت ۾ ٿيندو آهي. ڪم آڻڻ جي بنياد تي ٻنهي ۾ فرق ظاهر ٿيندو. حرف علت (ا، و ۽ ي) اهڙن اکرن کي چيو ويندو آهي جيڪي ڪنهن لفظ ۾ وياڪرڻي حالتن آهر پنهنجي صورت پاڻ ۾ پيا مٽائيندا هجن، جنهن سبب انهن کي حرف علت ڪوٺيو ويو هوندو. عربي لفظن جي بنياد ۽ ان جي صيغن ۾ اهي اکر پيا مٽبا آهن، جنهن سبب ڪمزور يا غير مستحڪم اکر هجڻ جو نالو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته سُر (Vowel) کي آواز جي بنياد تي عربيءَ ۾ پڻ ’مصوَّت‘ ڪوٺيو ويندو آهي؛ حرف علت نه! اسان جا عالم، بغير سوچ سمجهه جي، عربيءَ جي عشق ۾ حرف علت جو اصطلاح سُر (Vowel) لاءِ ڪم آڻيندا آهن، جيڪو نهايت غير مناسب آهي.

حوالا/ ذريعا:
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1967] 2009. سنڌي صوتيات. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1987] 2005. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
بلوچ، عبدالستار (2006) هڪ جلدي سنڌيڪا لغت. ڪراچي: سنڌيڪا اڪيڊمي.
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1984) جامع سنڌي لغات، جلد: 3. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
بھٹی ، محمد امین ( ؟) اظہر اللغات۔ لاہور: ا اظہر پبلشرز، اردو بازار۔
پرویز، غلام احمد (1998) لغات القرآن۔ لاہور: طلوع اسلام ٹرسٹ۔
سورتی، عبدالرحمٰن طاہر (1986) عربی سیکھیے۔ اسلام آباد: مقتدرہ قومی زبان۔
یوسفی، سعد حسن خان، مولانا (1975) المنجد، عربی اردو۔ کراچی: دارالاشاعت۔
F. STEINGASS, PH.D [1892] 1977. Persian-English Dictionary (فرهنگ استينگاس) Lahor: Sange-e-meel Publication, Urdu bazar.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *