جهرڪيءَ جي آکاڻي

جهرڪيءَ جي آکاڻي

جهرڪيءَ جي آکاڻي

شهر جي گهما گهميءَ ۽ گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول کان ڪوهين ڏور، دريا جي ڪپ تي آباد ننڍڙي ڳوٺڙي جوماحول جنت سمان آهي، هڪ پاسي ڪمند جو ڊگهو گهاٽو فصل فوجي پلٽون وانگر قطارن ۾ بيٺل هوندو آهي ته ٻئي پاسي مڪئيءَ جا سنگ هوا تي لڏندي هو جمالو جو رقص پيش ڪري رهيا هوندا آهن. سرسبز ۽ آباد ٻنين جي وچ ۾ پنجاهه گهرن تي مشتمل هي ڳوٺ آباد آهي.

 جڏهن اتر جي هوا، دريا جي لهرن کي ڇهندي، ڳوٺ جي گهرن ۾ داخل ٿيندي آهي ته پوءِ سانوڻ هجي يا سيارو بدن مان سيسراٽ ڪڍي وجهندي آهي. ڇٻر جي سائي قالين وڇايل ٻنن تي جڏهن عورتون ڪامبو ٻڌي ڪمند جي فصل مان ڏاندن ۽ ٻڪرين لاءِ گاهه ڪرڻ نڪرنديون آهن ته مٿان گذرندڙ  پکين کي ٽُڪ جي رليءَ جهڙو ڏيک ملندو آهي. سڀ گهر هارين جا ئي آهن، جن کي پنهنجيون ذاتي زمينون آهن. ڳوٺ ۾ زميندار يا وڏيرو نه هجڻ ڪري امن ۽ سڪون جا ڪڪر پيا وسندا آهن، هرو ڀرو جهيڙو يا ڏندچڪ ناهي ٿيندي، باقي اهو ساڙ ۽ مقابلو ضرور رهندو اٿن ته ڪنهن جو فصل ڀلو ۽ ڪنهن جو ڪسو ٿيو آهي.

گهرن جي ڀرسان ئي هڪ ڪمري جو پرائمري اسڪول ٺهيل آهي، جتي ان ڳوٺ جا ٻار پرائمري تائين تعليم حاصل ڪندا آهن. استاد به ان ڳوٺ جو شريف ۽ ايماندار فرد آهي، ايمانداريءَ سان پڙهائڻ هن جي شوق ۾ شمار آهي. اسڪول جي وٽ ۾ ئي ٻير ۽ بيد مشڪ جا ٻه گهاٽا وڻ پڻ آهن، گرمين جي ڏينهن ۾ استاد ٻارن کي بيد مشڪ جي ٿڌي ڇانوَ ۾ پڙهائيندو آهي.

مئي مهيني جي آخري هفتي جي ڳالهه آهي، هڪ صبح جڏهن جيئن ئي سج ڪنهن ديوَ جيان ٻاهر منڍي ڪڍي ته ڪجهه عورتون رڌپچاءَ کي لڳي ويون ته ڪي گهر جي صفائيءَ کي. هاري ڏاند جوٽي ٻنين طرف روانا ٿي ويا، جن عورتن جا ٻار اسڪول وڃڻا هئا، تن انهن کي تيار ڪري، ناشتو ڪرائي اسڪول روانو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ ڪامبو ٻڌي گاهه لاءِ روانيون ٿيون.

اسڪول ۾ استاد جي پهچندي ئي سڀ ٻار ادب ۾ اٿي بيٺا. درياءَ جي پاسي وڻن مان تازي اڏام سکيل ننڍڙي جهرڪي اڏامندي اچي بيد مشڪ جي لام تي ويٺي،پنهنجي طائرانه نظر سان اسڪول جي ماحول جو جائزو ورتائين. پنج بينچن تي ويهه پنجويهه ٻار ويٺل هئا، انهن جي وچ تي رکيل ڪرسيءَ تي اهو استاد ويٺو هو. سڀ کان پهرين استاد سليٽن تي لکيل گهرو ڪم چڪاس ڪيو ۽ پوءِ واري واري سان هر هڪ ڪلاس جو  سبق ٻڌندو ويو ۽ نئون سبق پڻ ڏيندو ويو. ننڍڙي جهرڪيءَ کي سڀ کان وڌيڪ مزو ڪچيءَ پهرين ڪلاس جي ٻارڙن جي سبق دوران آيو، جڏهن ننڍڙا پتڪڙا ٻار ڪورس ۾  هڪ آواز ٿي الف بي جهونگاريندي پڙهي رهيا هئا، ان ترنم جهرڪيءَ جي روح کي مزو پئي ڏنو. جهرڪي بيد مشڪ هيٺان قطار ۾ بيٺـل پهرين درجي جي ٻارن کي وڌيڪ آسانيءَ سان ٻڌڻ لاءِ بيد مشڪ جي  سڀ کان هيٺين لام تي اچي ويٺي. ٻارڙا بدستور الف بي ترنم ۾  جهونگاري رهيا هئا، ” جيم….جتي، ڄي…… ڄڀ، جهي…. جهرڪي.“ جهرڪي پتڪڙن ٻارن جي ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ پنهنجو نالو ٻڌو ته خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي، ٻئي پَرَ سڌا ڪري، چهنب کي مٿي آسمان ڏانهن موڙي صليب جيان بيهي رهي، بدن کي لوڏو ڏيندي وري هيٺ نهاريائين، ٻارڙا بدستور الف بي پڙهي رهيا هئا، ” ڇي…. ڇٽي، حي…. حجم“

اوچتو گهنڊ وڳو ۽ ٻارڙا ڪتاب رکي گهرن ڏانهن روانا ٿيا. پتڪڙي جهرڪيءَ نه پئي چاهيو ته ننڍڙا ٻار واپس گهر وڃن، پر ڪري به ڪجهه نه پئي سگهي. پنهنجن نازڪ پَرن سان اڏامندي پنهنجي آکيري ڏانهن اڏاڻي. سندس ماءُ آکيري مٿان ڦيرا پائي، هن کي ڳولي رهي هئي، هن تي نظر پوندي ئي بڀ ۾ چنهب هڻي ڌڪو ڏنائينس. ننڍڙي جهرڪي اولهه طرف منهن ڪري  پنهنجي پرن کي ڦهلائي، ماءُ کي ان طرف ويل هجڻ جو اشارو ڏنو. ماڻس کنڀڙاٽيءَ ۾ چنهب ڦاسائي آکيري طرف ڌڪيليو ۽ اکين ئي اکين ان طرف ٻيهر نه وڃڻ جي هدايت ڪئي ۽ آکيري ۾ آرامي ٿي ويون.

جيئن ئي ٻيو صبح ٿيو ته ننڍڙي جهرڪيءَ جي ماءُ جيئن ئي اناج ڳولڻ لاءِ آکيري مان اڏاڻي ته هن به پهنجو گس ورتو سڌو اچي بيد مشڪ جي لام تي ويهي رهي، اسڪول جو ٽائيم نه ٿيو هو، ڪجهه شاگرد بينچن ۽ ڪرسين جي ڇنڊ ڦوڪ ڪري رهيا ها، ڪجهه ئي وقت کان پوءِ استاد آيو ۽ پنهنجي معمول مطابق پڙهائڻ شروع ٿي ويو. جهرڪي لطف اندوز ٿيندي رهي، پتڪڙن ٻارڙن جي واتان ”جهي…. جهرڪي“ ٻڌي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. رسيس جي وقت ڏاڍي بک لڳس، اسڪول اچڻ جي خوشيءَ ۾ بک جو احساس ئي نه رهيو هوس، هيڏي هوڏي نهار وڌائين ته ٻير ۾ اڻ مندائتا سڪل ٻير نظر آيس، پيرن ۾ ڦاسائي هڪڙو ٻير ٽُڪي ورتائين. تيستائين شاگرد به گهرن کان واپس وري آيا، هن جي خوشي جي انتها نه رهي ته شاگرد وري ٻيهر واپس آيا ها، مزا وٺندي اها سُڌ ئي نه رهيس ته اسڪول بند ٿي ويو. جڏهن سڀ هليا ويا ته جهرڪي به اڏامندي آکيري ڏانهن رواني ٿي، ماڻس سخت غصي جي حالت ۾ اڏامي رهي هئس، جيئن ئي پهتي ته پيرن جي چنبي ۾ جهپي آکيري ۾ اڇلائي ڇڏيئينس. ڳاڙهين اکين سان ڏسندي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سمجهايئينس ته ماڻهو وڏا وحشي هوندا آهن انهن جي سامهون رهڻ سان جان وڃائڻ جو خطرو رهندو آهي. ننڍڙي جهرڪي هڪ لمحي لاءِ ڇرڪجي وئي پر اهو سوچي وري ماٺي ٿي وئي ته اسڪولي شاگرد نهايت پيارا هوندا آهن، اهي ڪڏهن به وحشي نٿا ٿي سگهن.

ماءُ جي منع ڪرڻ جي باوجود ننڍڙي جهرڪي روزانو اسڪول ويندي رهي، ڇڙٻڻ ماڻس جو معمول رهيو. آخري ڏينهن ٻار ڏاڍا خوش نظر آيس، اصل ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا، استاد ٻارن کي ٻئي ڏينهن کان اونهاري جي موڪلن جي ڪري نه اچڻ جو چيو، جيڪا ڳالهه هن ننڍڙي جهرڪيءَ جي ننڍڙي ذهن بلڪل ڀي نه سمجهي، ان ڏينهن معمول کان پهرين موڪل ٿي وئي، هيءَ به جلدي گهر پهچي وئي.

ٻي ڏينهن صبح جو سوير اڏامي وڃي ٻير تي ويٺي، وري اٿي وڃي بيد مشڪ جي لامن تي لڏڻ لڳي، گهڻو ٽائيم ٽهلڻ کان پوءِ به ڪوبه شاگرد اسڪول نه آيو، اسڪول واري ڪمري کي لڳل وڏو تالو ڪنهن به نه کوليو هو. بينچون به اندر ئي پيون هيون. ننڍڙي جهرڪيءَ کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ايتري دير ڇو ٿي رهي هئي. اڻ تڻ وڌندي رهي، آخرڪار کيس اسڪول جا ڪجهه شاگرد نظر آيا، پر انهن جي هٿن ۾ ڪتابن بدران غليل ۽  بلور هيا. ننڍڙي پتڪڙيءَ لاءِ نهايت عجيب ڳالهه هئي، پريشانيءَ جي عالم ۾ هڪڙي ٽاريءَ کان ٻيءَ تي، هڪڙي لام تان اٿي وري ٻيءَ تي ويهندي رهي، پر ڪجهه سمجهي نه سگهي. اوچتو ڪا شيءِ گوليءَ جي رفتار سان هن جي ڳچيءَ ڀرسان بيد مشڪ جا پن هيٺ ڪيرائيندي گذري وئي، هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، هيٺ ڏٺائين ته اهي شاگرد جيڪي ڪالهه پيار مان ”جهي…. جهرڪي“ جهونگاري رهيا هئا، اهي ئي اڄ غليل سان کيس نشانو بڻائي رهيا هئا. هيءَ اڃا ڪجهه سوچي هڪ ٻيو بلور هن جي کنڀڙاٽي کي ڇهندو مٿي هليو ويو. هن اڏرڻ جي ڪوشش ڪئي پر درد جي احساس چرڻ ئي نه ڏنس. هڪ وڏي ڏار جي اوٽ لڪي پئي، جڏهن سامت ۾آئي ته پَرُ زخمي هوس، اڏامڻ چاهيئين ته درد جي احساس روڪيس، پر ماڻس جي ڊپ کان زوريءَ اڏامي، نيٺ آکيري تائين پهچي وئي. ماڻس روئڻهارڪي ٿي وئي، چنهب ملائي پيار ڏنائينس.

ننڍڙي پتڪڙي جهرڪيءَ ماءُ کي تڪليف ۾ ڏسي تڙپي پئي، پنهنجي معصوم ٻوليءَ ۾ ٻڌايئينس ته: ” امان! واقعي جڏهن اسڪول بند ٿيندا آهن ته ماڻهو وحشي ٿي پوندا آهن.“

ان جهڙيون پوسٽون

4 رايا

  1. مشتاق علي

    ادا اوهان جي ويب سائيٽ تي تمام وڏو مواد موجود آهي، خدا اوهان کي خوش رکي. آمين

    جواب

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *