تعارف

عباس ڪوريجو: نئين دور جو تخليقي اتساهه!

ڪنهن به سماج جو آئيندو ان جا نوجوان هوندا آهن ۽ مون کي جن نوجوانن کي ڏسي سنڌ جي روشن آئيندي ۾ ويساهه وڌي ويندو آهي، انهن ۾ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس ڪوريجو به هڪ آهي. عباس هڪ بيحد ذهين، تخليقي، متحرڪ ۽ روشن خيال اديب آهي، جنهن پنهنجي ذهانت ۽ تخليقي سَگهه سان ننڍيءَ وَهيءَ ۾ ئي سنڌي ادب ۽ سنڌ جي ادبي ۽ علمي حلقن ۾ پنهنجي هڪ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. عباس ڪوريجو پنهنجين ڪهاڻين ۾ خيال توڙي اسلوب جي جِدت کي وڌيڪ اهميت ڏيندڙ ڪهاڻيڪار آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جتي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ پيدا ڪئي آهي، اُتي پاڻ کي ڪنهن به ادبي ڇاپَ کان بچيل رکيو آهي. مون کي خوشي آهي ته هڪ ته هو منهنجي شهر قمبر سان واسطو رکي ٿو ۽ قمبر جي ڏات وند ۽ تخليقي مِٽي هن جي به حصي ۾ آئي ۽ هن جي صورت ۾ قمبر جي تخليقي ڪُکِ مان سرجيل اديبن ۾ هن پڻ اهم ۽ منفرد جاءِِ ٺاهي آهي. هن جي سڃاڻپ هاڻي سنڌ گير آهي پر هو پنهنجيءَ قمبر سان وابستگيءَ کي بنيادي اهميت ڏئي ٿو. مون کي ان کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هو مون سان ويجهو آهي ۽ مان فخر سان اهو چئي سگهان ٿو ته هو منهنجي فڪري شاگردن مان آهي. عباس ڪوريجو 21هين صديءَ جو نوجوان تخليقڪار آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هو پنهنجي دور جي فڪري محرڪن، ادبي لاڙن ۽ مستقبل جي گهُرجن کي سمجهي ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته اهو ادراڪ ئي کيس مستقبل ۾ سنڌي ادب ۾ وڌيڪ جاءِ ۽ حيثيت ڏيندو.

جامي چانڊيو