اونداهين جو انڪاري شاعر… راشد بروهي

اونداهين جو انڪاري شاعر… راشد بروهي

هڪ سچي شاعر لاءِ شاعري ئي ان جي تخليقي سڃاڻپ ۽ فخر جو ڪارڻ آهي، شاعري شعور جو وهڪرو آهي، علم، عقل ۽ دانائيءَ جي گفتگو آهي، جيڪا هر شاعر پنهنجي مزاج، ماحول ۽ انداز کي سامهون رکي ڪندو آهي. ائين به چئي ٿا سگهئون ته اها هڪ کوجنا آهي جيڪا شاعر دريافت ٿو ڪري. جاميٽري باڪس کولي، ان جا اسڪيل رکي جيڪا شاعري ڪئي ٿي وڃي، اها رڳي ڊکاڻڪي آهي، شعور کان وانجهيل اهي موزون لفظ جيڪي اسڪيل جي ماپ مطابق رکيا وڃن، هرگز شعر جو درجو نٿا رکي سگهن. شاعر هڪ مفڪر هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ان شعوري وهڪري ۾ فڪر ۽ ٻوليءَ جي اڻت سان لفظن ۾ معنى، احساس، ڪيفيت، وجود ۽ سرمستي شامل ڪري ٿو.
خوبصورت ۽ ڪامياب شاعر جي اها نشاني آهي ته ان جا سرجيل لفظ ساهه کڻندا، گفتگو ڪندا، مرڪ ۽ لڙڪ ونڊيندا ۽ پڙهندڙ/ٻڌندڙ جي اندر کي جنجهوڙيندا آهن. هڪ شاعر جي تخليق تڏهن وڃي ڪمال کي رسي ٿي شعر جي سٽ پڙهي لفظن سان گڏ پڙهندڙ به سحر ۾ جڪڙجي، جهومي، نچي يا وجد جي ڪيفيت ۾ گم ٿي وڃي.
جڏهن ڪو به شاعر پنهنجي اندر جي سچائيءَ سان شعر سرجي ٿو ته اهو” جزويست از پيغمبري“ جي درجي تي رسي ” جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهين“ جي منزل تي پهچي ٿو، پوءِ سچل جي زباني اعلان ڪندي نظر اچي ٿو ته، ” من نمي گويم، يار مي گويد بگو.“ ( مان نٿو چوان، منهنجو يار ٿو چوي ته، چئه) سامي به چئي ٿو وجهي ته ” ويدن جا ويچار، سنڌيءَ ۾ سڻايم.“ شاعريءَ بابت قديم نظريو اهو آهي ته،” شاعر خدا جو شاگرد آهي.“ سقراط ۽ افلاطون ته ان کي الهامي سمجهن ئي ٿا پر اسان جا ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن جي اڪثريت ان ئي خيال جي آهي. اياز، بخاري، تنوير ۽ ڪيترائي ڏات ڌڻي ان ڌاتار جي الهامي ڏات جا قائل آهن.
شاعري الهامي آهي يا غير الهامي ان بحث کي هڪ پاسي رکي، هتي ايترو ضرور چئبو، ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ”ڏات“ جو وکر ناهي ته اهو پيدائشي شاعر نه آهي ۽ ان جو شعر سان زوريءَ چنبڙڻ شعر جي فن ۽ فڪر جي تذليل آهي، جيئن ڪو اڻ گهڙيو ماڻهو هر ان هنر/فن جي ويجهو نٿو وڃي، جنهن جي کيس ڪا پروڙ ناهي، مثلن جيستائين اسان ترڻ نٿا سکون وڏي پاڻيءَ ۾ لهڻ جو تصور به نٿا ڪريون، اهڙيءَ طرح جي گاڏي هلائڻ نٿا ڄاڻئون ته ڪڏهن به ڊرائيور سيٽ تي نٿا ويهون، پر الائي ڇو مون پارا ڊکڻ ڪجهه ڀي نه ڄاڻندي زوريءَ شاعر سڏرائڻ پسند ڪن ٿا. اهڙي ڊکاڻڪي ڪندڙ شاعر اخبارن ۽ رسالن ۾ ئي گم ٿي رهجي وڃن ٿا. ڪارل مارڪس چوي ٿو ته ٻولي ” عملي شعور“ آهي، ڇو ته شعور جي اظهار لاءِ ٻولي نهايت ضروري آهي. اسان ڄاڻون ٿا ته ادب جي شروعات شاعريءَ سان ٿي آهي، تنهن ڪري نظم نثر کان وڌيڪ پراڻو ۽ اظهار لاءِ رائج ذريعو رهيو آهي. شاعري جذبن، احساسن، ڪيفيتن جي اظهار کي پاروٿو ۽ پراڻو ٿيڻ نه ٿي ڏي، اهي احساس هر دور ۾ تازا رهن ٿا، جيئن چيو ويندو آهي ته گل شاعريءَ ۾ ئي وڌيڪ خوشبو ڏين ٿا، ڇو ته شاعريءَ ۾ گل ڪڏهن ڪوماڻبا ناهن، لطيف سرڪار جي هن سٽ وانگيان:
”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.“
تنوير عباسي پنهنجي مقالي”جديد سنڌي شاعري“ ۾ لکي ٿو:
” اڄوڪو شاعر سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز ۾، انفرادي ذاتي مشاهدي، احساس ۽ فڪر سان وڻندڙ ۽ پياري لهجي ۾ پنهنجي ئي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار، مٺي موسيقي ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري، جنهن به شاعر ۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن، بنا هٻڪ جي سمجهو، ته اهو جديد شاعر آهي.“
جديد شاعرن تي نظر ڦيرائيندي، ” اک کٽي وڃي، قطار نه ٿي کٽي“ واري چوڻي سامهون ٿي اچي، پر قطار ۾ اڳيان اڳيان پنهنجي انفراديت سببان ڪجهه چهرا/ نالا سڃاڻڻ ۾ ايندا. گهنڊيدار وارن وارو ڀورڙو شاعر راشد بروهي بروهي به انهن منجهان ئي هڪ آهي، جيڪي پڙهندڙ جي واتان ” واهه واهه“ ڪڍرائڻ جا ماهر آهن.
ڪنهن به ڪتاب تي پهرين تنقيد پڙهندڙ ئي ڪندو آهي، جيڪا ”واهه جو ڪتاب آهي“ يا ” وقت جو زيان آهي / ڪجهه خاص ناهي“ جي جملن تي مبني هجي ٿي. منهنجي اندر جو سچ اهو آهي ته مون جڏهن هي ڪتاب ” گهڙين ٻڌا گهنگهرو“ پڙهيو ته بي ساختگيءَ مان ”واهه راشد بروهي واهه“ جا لفظ ئي زبان مان نڪتا هئا.
ناميارو ڪوي اياز گل راشد بروهي جي شعر بابت لکي ٿو ته: ” راشد بروهي کي موضوعن جي رنگن سان راند رچائڻ ۽ خيالن جي چوليءَ تي سهڻن لفظن سان ٽاڪي ٽوپي جو ڪم خوب اچي ٿو.“ راشد بروهي جي ڪاميابيءَ جي دليل واسطي مٿيون سرٽيفيڪيٽ ئي ڪافي آهي. هاڻي راشد بروهي جي شعر جي حسن، فن ۽ فڪر تي هڪ نظر پڻ ڦيرايون ٿا.
قاضي قادن، شاهه ڪريم، ميون شاهه عنات، لطف الله قادريءَ کان ويندي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تائين جوڳين ۽ سنياسين جي تمثيلن سان تصوف جا خوبصورت عڪس چٽيا ويا آهن. پر دورِ جديد ۾ انٽرنيٽ تي دنيا جهان کي ڦهلوڙيندڙ ايڪيهين صديءَ جو ڪلين شيو نوجوان شاعر، جيڪو موبائيل کي مسيحا تصور ڪندو هجي، جڏهن هن طرح جا صوفياڻا خيال پيش ڪري ته اکيون هڪ جاءِ تي ٽڪجي بيهي ٿيون رهن:
”تڏهن گهر اڏيوسين نه جوڳين جيان،
ڏٺو انت کان اڳتي سنسار هو!
بگهڙ، نانگ، چيتا، ڪتا ئي ڏٺا،
وليءَ کي ڪو انسان درڪار هو!
اهو راز ”راشد“ عيان اُڀ تي ٿيو!
مڇيءَ جيئن انسان ۽ جڳ ڄار هو!“

راشد بروهي پنهنجي خدا سان نهايت بي تڪلف ٿيندي هر اها ڳالهه چئي ٿو ڏي، جيڪا سندس من اندرَ ۾ هرکي ٿي، جنهن مان سندس تخليقي سرمستي ڪرُ کڻي واجهون پئي وجهي.
” ڄمياسي گند دٻي ۾، مئاسي روڊ مٿان!
اسان جو ڄڻ ته حصو ئي، جهانَ ۾ نه هيو!“
”سنڌ منهنجي ڀسم ٿي وئي!
رب، ويٺن اڃا گگن تي آ“
”ٽڪرا ٽڪرا جهانُ ٿيندو!
ربَ! پهتي جي آهه اُڀ تي.“
”ختم ٿي وئي، ڇا مٽي سا خدا!
ٺهيا جنهن مان ماڻهو مثالي هئا“
” هي اسان جو گناهه آ، شايد!
پاڻ ڪو ڀي گناهه ناهي ڪيو!“
” جڏهن نيڻ پنهنجا سوالي هئا،
تڏهن هٿ خدا جا به خالي هئا!“
”اڄ به ڀڳوان جيئن نه ڀڻڪيو هن!
مان ته پئي گهنڊ ٿي وڳو آهيان!“
”دين، دنيا جي ڌوڙ ۾ آهي!
صور ڦوڪيو ته ڪا صفائي ٿئي“
سچل ۽ ٻين سرمستن جيان بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي ”اسان آدم ڪنون اڳي ڄايا“ کي تسلسل ڪيڏي نه خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي راشد بروهي، هيٺ پڙهو:
”آهي آدم ٺهيو اڳيان منهنجي!
ڪين آدم کان مان ڄميو آهيان!“
”منهنجي ٻولي، خدا جي آ ٻولي!
پاڻ ڪٿ هم ڪلام ٿيو آهيان!“
”مان رهان ٿو خدا جي پاڙي ۾!
فرش کان آهي، منهنجو گهر اڳتي.“
راشد بروهي وٽ تصوف جا مڙئي رخ نظر اچن پيا، ڪٿي وحدت الوجود، ڪٿي وحدت الشهود جي فلسفي کي هٿي پيو ڏئي، پر تنهن هوندي به کيس انسان هجڻ تي فخر آهي، جيتوڻيڪ هو پاڻ کي خالق جي مخلوق ئي تصور ڪري ٿو، پر هن وٽ سڀ کان پهرين انسان هجڻ وڏي معنى رکي ٿو، ڇو ته کيس پروڙ آهي ته ارادتن انسان ڏاڍو مضبوط آهي، هن وٽ فڪري بلندي به آهي، ارڏا جذبا به آهن، اُڏامڻ جي سگهه به آهي ته ستارن تائين رسائي به…. هو انسان ٿيڻ کي ئي ترجيح ٿو ڏئي:
”دين، دنيا، ڌرم، رکي پاسي،
نيٺ انسان ٿي رهيو آهيان!“
”مٽي هون، مٽيءَ تي رهڻ ٿا گهرون!
اسان هونءَ ستارن تي گهر ٿا رکون!“
”پکين جا خدا! کنڀ کڻ تون ڀلي!
بنا پر اُڏڻ جا هنرَ ٿا رکون!“
”پيش انسانن جيان مون سان اچو!
ورق ناهيان پاڪ مان قرآن جو.“
ٻين مقبول شاعرن جيان راشد بروهي به انساني روين، ڪيفيتن، احساسن، رشتن، نفرتن ۽ اذيتن کي مذهبي واقعن، ڪردارن ۽ گفتن جي جيڪا تمثيلي اظهار جي طاقت بخشي آهي، اها سندس وسيع مطالعي، سمجهه ۽ پرک جي شاهدي پئي ڏئي.
” زماني يزيدي جي ڪئي انتها!
اسان پڻ حسيني صبرَ ٿا رکون!“
”اهو ئي ڪري دوستيءَ جو تصور!
رکي يار لئه جو عليءَ جو تصور!“
” هن قوم جي قسمت ۾ لکيل آ الائي ڇا!؟
موسى جي ڇڙيءَ سان ڀي فرعون ٽريو ناهي!!“
”ڀل هجي ها سڄو جهان سيوهڻ،
سنڌ ڌرتيءَ جو لعل ڪافي هو.!“
”سڀ کي پنهنجي رڳو لڳل آ هت!
رب! اڃا ڀي ڪو ٻيو حشر اڳتي“
اهي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ جاءِ تي راشد بروهي انهن شاعرن مان قطعي ناهي، جيڪي رڳي دانهون ڪندا ئي رهجي ويندا آهن، راشد بروهي چنڊ جيان اونداهين جو انڪاري آهي. راشد بروهي مسئلن، مونجهارن ۽ امن و آشتيءَ واري سماج جي گهر ڪري ٿو، جتي هر گهر ۾ روشني هجي، ڪو به ٻار بکيو نه سمهي، کيس قوم جو ڪرب پري کان ڏسڻ ۾ ٿو اچي، هو سڏي ٿو ته اچو ۽ ڀٽائيءَ جي واٽ وٺو، ڇو ته اهو ئي دڳ ٺيڪ آهي، اهو ئي واهرو آهي:
”سوئي ڀٽڪيو آ سنڌ ۾ ”راشد!“
جنهن ڀٽائيءَ سان چاههُ ناهي ڪيو!“
”منهنجي هستيءَ کي ڀل ته ساڙي ڇڏ!
جيڪڏهن جڳ ۾ ٿي سهائي ٿئي!
چنڊ ماني ڪري ڏي ٻارن کي!
جيسين مذدور جي ڪمائي ٿئي“
”ڪيئن ڏسون قوم ڪرب ۾ ”راشد!“
پاڻ رهندڙ نه هون خلائن جا!“
هاڻي هڪ نظر راشد بروهي جي وسيع ترين رنگ برنگي چٽساليءِ مٿان آيل ننڍڙين لڪيرن تي. هر انسان مختلف ڪيفيتن مان گذري ٿو، ”ڪڏهن من آ ماڪوڙو، ڪڏهن ڪيهر شينهن“ جي مصداق ڪجهه جاين تي راشد بروهي لاءِ ڀي خيال، فڪر، گرامر ۽ لفظن جي استعمال ۾ سڌارڻ جوڳيون درستگيون آهن. هيٺ آندل غزل ۾ ٻه متضاد خيال رکڻ سان فڪر ڌڪ کائي پيو:
”تنهنجي منهنجي وڇوڙي جو ڪارڻ!
مون غريباڻو حال ڪافي هو!
پيار ڌن تي وٺڻ نه چاهيو مون!
هونءَ مون وٽ ته مال ڪافي هو!“
هڪ پاسي غريباڻي حال هجڻ ڪري وڇوڙو ٿيڻ جو ذڪر آهي ته ٻئي پاسي پئسن تي پيار نه وٺي امير هجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ٻي ڳالهه ته ” مون غريباڻو حال ڪافي هو!“ واري لفظي ترتيب رُکي ۽ اڻ وڻندڙ پئي لڳي، جيڪڏهن ”مون“ بدران ”هي“ لکيو وڃي ها ته به ڪافي هو. ساڳيي غزل جو پهريون بند ملاحظو ڪريون:
”دردِ دل جو ٻيو دليل ڪهڙو!؟
ڪربلا جو مثال ڪافي هو.“
دردِ دل واري ترڪيب پيار، محبت ۽ عشق وغيرهه ۾ فراق واري ڪيفيت جي مثال ٿي سونهين، هتي ڪربلا جو مثال اڻ ٺهڪندڙ پيو ڀاسي. ساڳيي غزل جو مقطع:
”ٻيو قلندر نه ٿي سگهيو ”راشد “!؟
توڙي هن وٽ ڪمال ڪافي هو!“
چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ اڍائي قلندر آهن، هڪڙو قلندر لال شهباز، ٻيو بو علي سينا ۽ ٽين (اڌ) بي بي رابعه بصري. تنهن ڪري ڳڻپ جي لحاظ کان چوٿون هجڻ کپندو. اگر فقط سنڌ واري قلندر جي ڳالهه ڪريون، تڏهن ڀي اهو سنڌي ناهي مروندي آهي. هتي ”ٻيو“ بجاءِ ”نئون“ لکجي ها ته خيال کي وسعت ملي پوي ها.
راشد بروهي جي شعرن ۾ ڪٿي ڪٿي واحد جمع جي ويسر پڻ ڌيان ڇڪائي پئي:
”جو به ٿو منصور ٿي جيئڻ گهري،
ڀونءِ ان جي لاءِ ڦاهي گهاٽَ آ!؟“
”ڦاهي گهاٽُ“ هجڻ کپي پر قافيي جي مجبوريءَ واسطي ”گهاٽَ“ طور ڪتب آندو ويو آهي. جڏهن هڪڙي ڀونءِ (واحد) لاءِ ڦاهي گهاٽَ (جمع) ڪتب آڻڻ گرامر جي چُڪ آهي، ٻيو مثال ڏسو:
”آيو سيلاب هو، سڄي تر ۾،
آب جي هڪُ، مڪانُ هيٺ هو!“
سڄي تر ۾ سيلاب اچي ۽ فقط هڪ مڪان( توڙي اهو هيٺائينءَ ۾ ڇو نه هجي) اهو متاثر ٿئي، سو ته ناممڪن پيو لڳي، مشاهدي جي کوٽ يا قافيي جي مجبوريءَ جي ڪري خيال کي ڌڪيو ويو آهي. هڪڙيو ٻيو ڀي مثال ڏسون ٿا:
” سو ڇا ڏيندو جهان کي تحفظ!؟
جن جو خطري ۾ آهي ساههُ پيو!“
پهرين مصرع ۾ واحد جي ڳالهه آهي ۽ ٻي مصرع ۾ جمع جو بيان آهي ته ” جن جو خطري ۾ آهي ساهه پيو!“ جيڪڏهن ”جن“ جي جڳهه تي ”جنهن“ لڳائجي ها ته وڌيڪ پراثر ٿي پوي ها.
”ماڻهو ماڻهو هتي آ مانگر مڇ!
مان نه چالاڪ مورڙو آهيان!“
لفظ جي غلط معنى ورتي وئي آهي، چالاڪ لفظ مورڙي جي ڪردار جي منفي ترجماني پيو ڪري، چالاڪ ان ماڻهوءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي، جيڪو وقت جو يار، ڪم ڪڍو ۽ جذبن سان کيڏندڙ مطلبي هجي. مورڙو ويچارو ته هڪ معذور فرد هيو، جنهن ڀائرن جا لاش حاصل ڪرڻ لاءِ وقت جي حڪمران کان مدد طلبي، ان مانگر مڇ جو پيٽ چيري ڀائرن جا لاشا ڪڍيا. هيٺين شعر ۾ صورتخطي جي غلطي ڪئي وئي آهي:
”پاٽ شالا اکين جا تو کوليا!
پيار پهرين جي پئي پڙهائي ٿئي!“
”پاٽ شالا“ جي درست صورتخطي آهي، ”پاٺشالا“. (ڏسو: هڪ جلدي سنڌي لغت، ڊاڪٽر بلوچ صفحو 158)
”روز دفنائي خواب هستيءَ ۾!
ڄڻ ته شمشان ٿي رهيو آهيان!“
هتي بس ايترو چوندس ته ڇا شمشان ۾ ڪجهه دفنائي سگهجي ٿو؟؟؟
”ڀاڳ اهڙو ڪٿي ٿيندو انسان جو!
ديپ بڻجي جلي روز ڀڳوان جو!“
راشد بروهي سائين! انسان ڀڳوان جو ديپ بڻجي ئي ته جليو آهي، هر دور ۾! هي مسجدن، مندرن ۽ گرجا گهرن ۾ حاضريون، مذهبن جي آڙ ۾ انسانيت جو قتل عام، ماڻهپي جي لتاڙ (ڀوري ڀيل جو لاش ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو.)، جنگيون، اڃا ڀڳوان کي راضي ڪرڻ لاءِ انسان ڪيترو جلي؟؟ راشد بروهي کي ان ۾ الئه ڪهڙو ڀاڳ پيو نظر اچي!؟ هي خيال به غور طلب آهي:
” ڀوڪنپ ۾ هو مندر جو رام ٽڪرا ٽڪرا!
ڇا عشق جو ٻڌايان انجام ٽڪرا ٽڪرا!“
ڀوڪنپ(طوفان) به رام جو، مورتي به رام جي، پوءِ اتي ڪنهن جو ڪنهن سان عشق انجام تي پهتو؟ رام کي پاسي تي رکي ڀوڪنپ رحمان جي کاتي ۾ ٿا آڻيون، اگر رحمان ڀوڪنپ آندو ۽ رام جي مندر واري مورتي ٽڪرا ٽڪرا ٿي، ته هيٺين مصرع آخر ڪهڙي کاتي ۾ فٽ ڪريون؟ هن ئي غزل جو هڪ ٻيو بند ملاحظو ڪريو:
”خوابن جو آشيانو، جنهن تي اکين اڏيو هو،
طوفان ۾ اها ئي ٿي، لام ٽڪرا ٽڪرا!“
اهو ضرور ٻڌو آهي ته طوفان لام کي وڻ مان پٽي، ٽوڙي ڌار ڪري سگهي ٿو، پر طوفان ۾ ڪات ڪهاڙا هرگز ناهن هوندا جو لام کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٻارڻ لائق بڻائي ڇڏي. اهڙو ئي اظهار سندس هن شعر ۾ پڻ آهي:
”هئي جنهن جي ڳالهين ۾ زندهه دلي!
اهو شخص اندران ڀڳل ٽار هو!“
”ٽار“ ٽاريءَ جي لکت جو ئي هڪ نمونو آهي، جنهن مان مراد هڪ اهڙي ننڍڙي ڪاٺي، جنهن ۾ پن ۽ ڦل به شامل هجن. هتي ”ڏار“ لفظ معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان درست هو.
راشد بروهي جو نثري نظم ”نيڻن جي ويب سائيٽ تان“ موضوع جي لحاظ کان آهي ته جدت تي مبني پر اصطلاحن جي غلط استعمال سببان متاثر ٿيو آهي، هيٺ پڙهو:
”مون چيو؛
دل جي ڪمپيوٽر ۾
بيروني ڪيفيتون
اپلوڊ ٿين ٿيون.
ڪاش!
اندروني ڪيفيتون
ڊائونلوڊ ٿي سگهن!!!“
ڪمپيوٽر سان واسطو رکندڙ فرد ڄاڻندا هوندا ته جڏهن ويب سائيٽ (ويب سرور) تان ڪجهه پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪبو آهي ته ان ٽرم کي Download چئبو آهي نه ڪي اپلوڊ. بيروني ڪيفيتن کي Store يا محفوظ ڪري سگهجي ٿو باقي رهي ڳالهه اندروني ڪيفيت جي ته اها اڳ ۾ ئي اسان جي ميموري ۾ محفوظ آهي، ان کي ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي.
”سمنڊ تي شام جو نظارو چٽِي!
ڇو ٿو مُک تي اداسيون لاهين!؟“
”نظارو چٽڻ“ Paint ڪرڻ ٿيو، هتي مصور اگر آهي به ته مبهم آهي، اسان جو بحث هروڀرو ان جي موجودگيءَ تي ناهي پر ان ڳالهه تي آهي ته شام جو منظر اداسيءَ جي تمثيل آهي ۽ شايد شاعر مُک کي اداس نه ڪرڻ جي ڳالهه پيو ڪري پر ”اداسي لاهڻ“ مان مراد ”اداس ٿيڻ“ قطعي ناهي پر اداسي ختم ڪرڻ آهي، هتي جيڪڏهن شاعر اداسي ختم نه ڪرڻ جي تلقين ٿو ڪري ته سندس مرضي.
فاعلاتن مفاعلن فعلن تي آڌاريل هي شعر الئه پروف جي غلطيءَ سببان مبهم پڻي ۾ مبتلا آهي الئه وزن جي کوٽ ڪارڻ!!
”موت ان سان نڀائيندو ڪهڙو!؟
زندگيءَ سان نڀاءُ ناهي ڪيو! (شايد جنهن لفظ جي کوٽ آهي.)
ان کان علاوهه راشد بروهي بروهي لفظن جي بار بار ورجاءَ سببان خيالن ۾ يڪسانيت جي ور چڙهي ويو آهي. گل بدران اردوءَ جو ”ڦول“ لکي ٿو. تنهن هوندي به راشد بروهي نهايت ئي سچيت ڪوي آهي. نئين نسل جي اميدن ۽ احساسن جو ترجمان آهي. سندس اندر جي دنيا نهايت ئي وشال رهي آهي، اسان ادبي اوسر جا قدم گڏجي کنيا آهن، وک وک تي هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ قوي اميد اٿئون ته اهو پيار سندو سفر هميشه جيان اڳتي روان دوان رهندو.
جيئن چنڊ اونداهين جو انڪاري آهي، تيئن سندس هي ڪوتائون به رات جي منهن تي چماٽ مثل آهن. او چنڊ جيان اونداهين جا انڪاري شاعر توکي تنهنجو هي شعر ارپيان پيو:
”شهر جي ماحول ۾، گھُٽجي مُئو!
سچ رهاڪو هو، کليل ميدان جو!“

ان جهڙيون پوسٽون

2 رايا

  1. عباس ڪوريجو

    راشد بروهيءَ تي لکيل هن تنقيدي مضمون تي اوهان جي راين جو انتظار رهندو.

    جواب
  2. خالد ناريجو

    ادا اها مڪمل ادبي تنقيد آهي، تنقيد جا سڀ معيار رکيا ويا آهن.

    جواب

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *