طارق قريشيءَ جو انٽرويو

مشهور ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ ڪي ٽي اين جي اسڪرپٽ ايڊيٽر طارق قريشي جو انٽرويو

وائيس آف سنڌ: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ ادب طرف ڪيئن آيا؟

طارق قريشي: 17سيپٽمبر 1969ع دادو ضلعي جي بوبڪ شهر ۾ پيدا ٿيس، اسان جا وڏا آخوند هئا، فيصلا ڪندا هئا، منهنجا والدين پنجاب ۾ رهندا هئا نوڪري جي ڪري، مون پهريون درجو اتي بهاولپور ۾ پڙهيو، پوءِ بابا جي خواهش هئي ته مان پنهنجي مادري زبان ۾ پڙهان.بابا خاندان جو پهريون فرد هو،جنهن بمبئي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي، سپريڊنٽ جنرل جي عهدي تي پهتو، وقت جو وڏو عالم هئو، گهڻين ئي ٻولين تي دسترس هئس.

اسان جو گهر ڪنڀار پاڙي ۾ هو، اتي ئي اسان جي درگاهه آهي، نماز اتي پڙهندو هئس، اتي روحاني تربيت ملي، مطلب ته اتي انهن شين جي اجازت نه هئي ادب، ڪهاڻين، شاعري ۽ لطيفن کي غير شرعي سمجهيو ويندو هو، مون ٻئي ڪلاس ۾ هڪ ڪهاڻي لکي، اهي ڪاغذ بابا کي هٿ اچي ويا.بابا کي اها ڳالهه بلڪل نه وڻي، هو اهي پنا ساڙي يا ڦاڙي ڇڏيندو هو. ادا سعيد ڪتاب گهر ۾ آڻي لڪائي پڙهندو هو ۽ مان ان کان لڪائي پڙهندو هوس، اتي مون ٻاراڻا توڙي ادب جا مڪس ڪتاب پڙهي ورتا، باقي اتي مذهبي ڪتاب زبردستي پڙهايا ويندا هئا. ان زماني ۾ علامه نياز حسين فتح پوري جو ڪتاب ” من و  يزدان“ پڙهيو جنهن مونکي سيڪيولر بڻائي ڇڏيو. مونکي هڪ پاسي مذهب، تصوف ۽ روحانيت هئي ۽ ٻئي پاسي ادب ۽ ڪتاب هئا، سو مونکي خبر نه هئي ته مان ڇا ڪري رهيو هئس، 1993ع ۾ ٻاراڻي ڪهاڻي جو مقابلو ٿيو ان ۾ منهنجي ڪهاڻي پهريون نمبر آئي، اسڪولن ۾ تقريرن ۾ انعام کڻندو هوس ۽ ائين اها لکڻ واري سگهه اڳتي نڪري آئي.

وائيس آف سنڌ: اڄ جو طارق قريشي پاڻ کي هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ٿو محسوس ڪري ، ڊرامانگار يا ڪجهه ٻيو؟

طارق: ڪنهن زماني ۾ اهو خيال هوندو هو ته اهو سڀ ڪجهه ائين آهي پر اهو سڀ ڪجهه God gifted آهي، انهن سڀني شين لکڻ جو مطلب اهو آهي ته پاڻ مڃائڻ…. باقي منهنجي خيال ۾ ڪهاڻي تمام سٺي تخليق آهي، جيڪا اهميت رکي ٿي اوهان مونکي ڪهاڻيڪار سڏي سگهو ٿا.

وائيس آف سنڌ: ننڍي کنڊ ۾ اوهان سنڌي ڪهاڻي کي ڪهڙي مقام تي ٿا ڏسو؟

طارق: ٻه رويا آهن، هڪ ته ڪهاڻي رهي ئي ناهي ۽ ٻيا چون ٿا ته شاندار آهي. ڪهاڻي تيستائين زندهه رهندي جيستائين لکندڙ ۽ پڙهندڙ موجود آهن. اگر هڪ طارق پيدا ٿيو آهي ته اتي ان دور ۾ منظور ڪوهيار به پيدا ٿيو آهي ان ۾ رفيق ڪنڀر، ناهيد مغل، ضراب حيدر، عباس ڪوريجو،اخلاق انصاري، مراد قريشي، مصطفى ڪانڌڙو ۽ ٻيا وڏا وڏا ڪهاڻيڪار آهن رسول ميمڻ کان منور سراج تائين. پراڻو اديب اڳي تمام گهڻو پڙهندو هو اهو اڄ پائلو ڪوهلو کي ته پڙهي ٿو  پراوهان آغا سليم ، قمر شهباز يا سراج کان پڇو ته  عباس ڪوريجو ڪير آهي ته اهو نه ٻڌائيندو ۽ طارق قريشي کي به نه پڙهيو آهي . جنهن دور ۾ اهي ٺهيا پئي ان دور ۾ اهي ضرور پڙهندا هئا پر اهي نٿا پڙهن ته اوهان کي  ۽ اسان کي نٿا پڙهن. اڄ سنڌي ادب ۾ ڇا لکجي ۽ڇپجي پيو انهن کي خبر ئي ناهي پوءِ چوندا آهن ته سنڌي ڪهاڻي ان مقام تي ناهي جتي ٻاهريون ادب آهي.

وائيس آف سنڌ: وڏا اديب ننڍن اديبن کي ڇو نٿا پڙهن؟

طارق: ٿي سگهي ٿو ته اهو لاشعوري طور تي ٿيندو هجي، باقي اسان وٽ گاشيا مارڪيز، موپا سان ، چيخوف، پائلو ڪوهلو ته پيدا ٿي سگهن ٿا پر اهي پاڻ جهڙا ٻيا پيدا نٿا ڪري سگهن. ٻاهرين دنيا جا وڏا وڏا آرٽسٽ پاڻ جهڙا فنڪار پيدا ڪن ٿا، اوهينري وانگر وڏا وڏا رائيٽر پيدا ڪن ٿا. اسان جي قومي نفسيات آهي ته بيگانگي اچي وئي آهي اهي اديب پنهنجو ئي نقصان ڪري رهيا آهن، پنهنجا ئي پيرا ڊاهي رهيا آهن. سڀاڻِي اگر طارق قريشي کي ڪو نٿو سڃاڻي ته پڪ ڄاڻو ته انهن جي نالي وٺڻ وارو به نه هوندو. ڪي ٽي اين جي هڪ پروگرام ۾ قمر شهباز ماهين هيسباڻي کان پڇيو پئي ته رحمت الله ماڃوٺي ڪير آهي؟

وائيس آف سنڌ: اڄ جي دور ۾ اسٽوري مختصر کان مختصر ٿيندي پئي وڃي ان جو ڇا سبب آهي؟

طارق: شارٽ اسٽوري جو ڪو فارمولو ڪونهي ته اها ڪيتري هجي ان کي هڪ ڊائلاگ ۾ به بيان ڪري سگهو ٿا ته هڪ داستان به ٺاهي سگهو ٿا. اسان وٽ  شارٽ اسٽوري کي ڪهاڻي يا افسانو چيو وڃي ٿو، اڳ ۾ جيڪي به ڪتاب ايندا هئا ته انهن کي افسانن جو مجموعو چيو ويندو هو. ان جو نالو شارٽ اسٽوري ناهي. هڪ ڪهاڻي 50 منٽ پڙهجي پئي ته ٻئي ڪهاڻي 5 منٽ ۾ پڙهجي وڃي ٿي، ان جو مدار خيال تي آهي.

وائيس آف سنڌ:  ٻاراڻو ادب گهٽ تعداد ۾ لکيو پيو وڃي ان جو ڇا سبب آهي؟

طارق: ليکڪ کي پذيرائي نه  ٿي ملي ان ڪري نٿو لکيو وڃي. انفرادي طور مڃتا نه ٿي ملي پر ٻاراڻو ادب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون، اسان کان پرائمري ۾ پڙهيل بيت، گيت ۽ نظم ڇو نه وسري سگهيا آهن؟ ٻاراڻو ادب لکندڙ اديب نٿو مري ان کي ياد رکيو وڃي ٿو.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادب ۾ مستقبليه ڪهاڻيون اڳتي ڇو نه وڌي سگهيون؟

طارق: تجربا ته ٿيا آهن پر انهن کي سهيڙڻ جي ضرورت آهي، قاضي فيض محمد جو ناول” ٻاويهه سو ٻاويهه“ مستقبليه ناول آهي. اهي شيون پڙهڻ کان پوءِ ڪٿي نه ڪٿي اهي لکجي وڃن ٿيون، جيئن طارق قريشي، عباس ڪوريجو ۽ ٻين لکيون آهن يا اڄڪلهه ڊرامن ۾ ”فليش فارورڊر“ استعمال ٿئي پيو.

وائيس آف سنڌ: سائنس فڪشن ۾ لکيل ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ جاءِ ڇو نه ٺاهي سگهيون آهن؟

طارق: سائنس اسان پڙهون ئي ڪونه ٿا، ميٽا فزڪس تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن فزڪس پڙهيل هوندي، اسان سائنس کي ويجهو ئي نه ويا آهيون، اوهان ڳوليو ته سهي اهي ڪهڙا اديب آهن جن کي سائنس جي ڄاڻ آهي، اديب کي سائنس جو علم هجڻ کپي ڇو ته ان کي سڄي سماج جو سائنسدان ٿيڻو آهي. جڏهن سائنس جي تعليم ئي نه هوندي ته سائنس فڪشن کي ڇا سمجهجي سگهبو.

وائيس آف سنڌ: اوهان محبت جي وضاحت ڪيئن ڪندا؟

طارق: محبت جا ٻيا پاسا به آهن جيئن محبت ۽ اختلاف، محبت هڪ عمل آهي جنهن کي رد عمل جي ضرورت آهي. محبت تار جو هڪ ڇيڙو نه هجڻ گهرجي ان کي پازيٽوِ ۽ نيگيٽوِ ٻئي ڇيڙا هجن. ڪائنات تضادن جو نالو آهي ۽ ڪائنات محبت سان هلندي آهي.

وائيس آف سنڌ: ماڻهو چون ٿا ته طارق دوستيون لباس وانگر بدلائيندو آهي ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي؟

طارق:مونکي ڏاڍا سٺا دوست مليا ۽ دوستن مونکي محبوب بڻايو ۽ محبوب ڪيا ماڻا، هاڻي اهي شڪايتون ٿا ڪن ته محبوب هرجائي آهي اگر محبوب ماڻا نه ڪري ته اهو محبوب ئي ڪهڙو؟ باقي دوست مونکي ياد آهن  مون انهن سان بيوفايون ڪيون آهن، اهي بلڪل ٺيڪ چئي رهيا آهن.

وائيس آف سنڌ: اڄ جيڪو سنڌي ڊرامو لکجي پيو ڇا اوهان ان مان مطمئن آهيو؟

طارق: مان ڪي ٽي اين تي اسڪرپٽ ايڊيٽر آهيان ۽ ڊرامن تي دل کولي ڳالهائي نٿو سگهجي باقي سنڌي ڊرامن ۾ تجربا تمام گهٽ پيا ٿين، سنڌي ڊرامو تمام پوئتي آهي. باقي پرائيويٽ چينل سرڪاري چينل کان بهتر ڊراما پيش ڪن پيا. ڊرامي نگار لاءِ ضروري آهي ته هو ڪهاڻيڪار هجي، ڇو ته ڪهاڻيڪارئي ڀرپور ڊرامو لکي ٿو باقي ٻيا گذارو پيا ڪن.

وائيس آف سنڌ: سنڌي چينلز تي ٻوليءَ جو بگاڙ وڏي حد تائين ٿئي پيو ان جو ذميوار ڪير آهي؟

طارق: خاص طور تي ان جو ذميوار پروڊيوسر آهي ۽ ان کان پوءِ ڊائريڪٽر ۽ بعد ۾ انتظاميه. هو ان شيءِ تي ڏنڊو کڻن، هتي رڳو جڳاڙ هلي ٿو جنهن جو مثال ”بالي“ ڊرامي ۾ مير علي نواز ناز کي پٺاڻن جا نان کارايا ويا، اداڪار کي خالي ڪوپ ڏنو وڃي ٿو چانهن پيئڻ جو سين ڪرڻ لاءِ، اداڪارن کي ڪوڙا رانديڪن وارا پستول ڏين پيا، ان تي اهو ڊائريڪٽر چوندو آهي ته پئسا ڪونه هئا يا ٻيو ڪو مسئلو هو اتي ان جا سڀ ايڪسڪيوز مڃجن ٿا، پر ٻوليءَ جو جيڪو حشر ڪيو آهي پرائيويٽ چينلز ان جو ايڪسڪيوز نٿو مڃي سگهجي. فقط ڊائيريڪٽر تي ڏنڊو کڻجي ته اسڪرپٽ موجب ڊائلاگ ڪرائي ۽ جيڪي ڊراما اردو مان ترجمو ٿين ٿا اهي ڪنهن اديب کان ڪرايا وڃن، پوءِ شوٽ ڪجن. مونکي ان تي شديد غم ۽ غصو آهي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ڊرامي ۾ ڏاڙيل کي هيرو پيش ڪيو پيو وڃي ڇا اهو اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي غلط رنگ نه پيو ڏنو وڃي؟

طارق: پرائيويٽ فلمون ٺاهيندڙ ائين ڪري رهيا آهي جيڪي اهڙيو فلمون ٺاهي لکين رپيا ڪمائي رهيا آهن، ٻيو ان جو ذميوار سنڌي چينلز آهن جن سنڌي ٽيلي فلم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تجربا ته ڪيا پر اهي کوٽون هوندي به عام ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري اڄ اهي اهڙيون فلمون ٺهي رهيون آهن، باقي عوام ڀي اهڙيون فلمون نه ڏسي ۽ نه خريد ڪري ته بند ٿي سگهن ٿيون. هن وقت ڪي ٽي اين تان اهڙيون فلمون  نه پيون اچن باقي هڪڙو ڊرامو هلي  پيو بس.

وائيس آف سنڌ: اوهان جو مطلب آهي ته عوام کي اپيل ڪجي ته اهو اهڙيون فلمون نه ڏسي؟

طارق: ها جڏهن ووٽ لاءِ عوام کي اپيل ڪري سگهجي ٿي، امداد لاءِ اپيل ڪري سگهجي ٿي ته ان لاءِ ڀي ڪرڻ گهرجي.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي نظر ۾ اڄ جو سنڌي نوجوان ڪيئن هجڻ کپي؟

طارق: سنڌي نوجوان تعليم ۾ اڳتي نڪري آيو آهي، ڪمپيوٽر کي هن استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، هر هڪ شعبي ۾ پاڻ مڃايو آهي.هاڻي هو سڀ ڪجهه سمجهي ٿو باقي ڪميونٽي ۾ چڱا خراب فرد هوندا آهن.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي پسند جا سنڌي ليکڪ ڪهڙا آهن؟

طارق: غلام نبي مغل، طارق اشرف، ظفر حسن، نديم عباسي، نسيم کرل، شيخ اياز، منظور ڪوهيار، ضراب حيدر، رحمتالله ماڃوٺي، منور سراج، عباس ڪوريجو، ماڻڪ، نور الهدى شاه، ماڻڪ منير احمد، حليم بروهي، خير النساءِ جعفري، امر جليل استاد ڪهاڻيڪار آهي ان کي ٻارن جي پهچ کان پري رکجي ڇو جو ان کي پڙهڻ وارا پاڻ ليکڪ بڻجي ويندا آهن.

وائيس آف سنڌ: اڄ جو سنڌي نوجوان لطيف کي ڇو نٿو پڙهي؟

طارق: دنيا جا ڪيڏا به وڏا شاعر ڇونه هجن، شيڪسپيئرآهي، گوئٽي، وليم ورڊس ورٿ، شيلي، بائرن آهي يا فارسي، اردو ۽ عربي جا وڏا شاعر کڻي اچو …. ڪنهن به قوم جي ٻڪرار کان وٺي حڪمران تائين ڪنهن به شاعر جي شاعري ياد نه هوندي پر لطيف جا بيت سنڌ جي جهر جهنگ ۾ گونجن پيا. لطيف اسان جي ٻولي ۽ پهاڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي، شادي ڪارڊن تي به  لطيف جا بيت ڇپجن پيا.

وائيس آف سنڌ: طارق جي ڪهاڻين ۾ جنسي ۽ فلمي عنصر ڇو آهي؟

طارق: نه يار منهنجي ڪهاڻين ۾ فلمي عنصر ته نه آهي باقي ڊرامن جي اها ضرورت آهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي پسند جو ڊرامو ۽ ڊرامانگار ڪهڙو آهي؟

طارق: هن وقت ايوب گل ، شاهنواز ڀٽي ڪجهه لکن پيا، باقي منظور ڪوهيار بلا جو ڊرامانگار آهي ڇوته هو ڪهاڻيڪار آهي ۽ ڪهاڻيڪار ئي سٺو ڊرامو لکي سگهي ٿو.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ڊرامو اردو ڊرامي جي مقابلي ۾ ڪٿي بيٺو آهي؟

طارق: اردو کان اسان  هزار دفعا اڳتي آهيون اردو ڊرامن ۾ ڪهاڻي هوندي ڪٿي آهي هو ته اسان جي نور زنئور کي به مڃيندا آهن جنهن پٿر دنيا لکيو آهي. اردو ڊرامي کان اڳتي بيٺآ آهيون. اردو ڊرامي کي ڪمرشل ملن پيا اگر اسان کي ملن ته هالي ووڊ سان مقابلو ڪريون.

وائيس آف سنڌ:  طارق ڪهاڻي لکڻ ڇو ڇڏي ڏني آهي؟

طارق: مون ڪهاڻيون به لکيون آهن اهي  رسالن ۾ ڇپيون به آهن پر ماڻهو  پڇندا آهن ته مان ڪهاڻيون  ڇو نٿو لکان ان جو اهو سبب به آهي ته ڊرامي مان گهر جي چلهه ٻرندي آهي  ان ڪري ان کي اوليت آهي.

وائيس آف سنڌ: وائيس آف سنڌ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟

طارق: زندگيءَ جو ڪونه ڪو مقصد هوندو آهي، منهنجو به هڪ خواب هيو ته سنڌ جي پاسپورٽ تي ٻين ملڪن ۾ گهمان،  سنڌ جي پنهنجي ڪرنسي هجي، ٻولي هجي، ماڻهو هجن، اهو خواب هيو جيڪو سائين جي ايم سيد رحمت الله عليه  ڏٺو. خدا اسانکي سنڌي ڪري ڇو پيدا ڪيو عرب ڪري پيدا ڪري ها، ڪو ايراني ڪري ها، اگر خدا اسانکي سنڌي ڪري پيدا ڪيو آهي ته ڪي مقصد ڏنا هوندئين، اهو خواب آهي ته سنڏ جي آجپي لاءِ ڪوشش ڪريون، امن لاءِ جدوجهد ڪريون ۽ جيئي سنڌ وارو تصور کڻي دنيا تي ڇائنجي وڃون.