عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو انٽرويو

سوال: ٻوليءَ کي آءِ ٽي جي حوالي سان ڪهڙا مسئلا درپيش آهن؟

ماجد ڀرڳڙي: سنڌي ٻوليءَ کي آءِ ٽي جي حوالي سان جيڪو مکيه مسئلو درپيش آهي اهو آهي ونڊوز جي سپورٽ جو، ونڊوز ۾ سپورٽ آهي پر ريجن يا لينگويج سليڪٽ نه ٿي ڪري سگهجي. عربيءَ جا هڪ کان وڌيڪ لوڪيل آهن پر هن وقت تائين سنڌي ٻوليءَ جو ڪو لوڪيل نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين مائيڪروسافٽ وارن کي سنڌيءَ جي مڪمل ڄاڻ نه ڏني وئي آهي. جيڪا ذميواري اسان جي ادارن جي آهي. جيڪا به حڪومت يا ادارو پنهنجي ٻوليءَ بابت ڄاڻ مائيڪروسافٽ کي مهيا ڪري ٿو ته ان کي مائيڪرو سافٽ پاران رسياتس ملي ٿو مثال طور ويگر (vigor) چائنه جي سنڌي جي مقابلي ۾ انتهائي گهٽ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي. پر ان لاءِ توهان ونڊوز ۾ ريجن سليڪٽ ڪري سگهو ٿا ڇاڪاڻ ته چائنه حڪومت جي ان ۾ دلچسپي آهي. ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪو نه آهي. ڪي بورڊ اسان وٽ موجود آهي. صرف ان کي انسٽال ڪرڻو آهي.

ڊيٽابيس جي حوالي سان سارٽنگ (ترتيب) جي سنڌيءَ ۾ سهولت موجود ڪونهي اها سهولت فقط عربيءَ ۾ آهي. انگريزيءَ کانپوءِ هاڻي ونڊوز 7 اچڻ وارو آهي پر ان ۾ به ائين ممڪن ٿي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته اسان جي ڪنهن به اداري مائيڪروسافٽ سان لهه وچڙ نه ڪئي آهي. پر ان مسئلي جو حل ڪنهن ٻئي طريقي سان ڪڍي سگهجي ٿو سڀ کان اهم ڳالهه ته سنڌي استعمال ڪندڙ (user) وڌائجن هن وقت سنڌي استعمال ڪندڙ تمام ٿورڙي تعداد ۾ آهن حالانڪه سنڌيءَ ۾ توهان ڪمپيوٽر تي سڀ ڪم سرانجام ڏئي سگهو ٿا. ان ڳالهه ۾ سنڌي ٽي وي چينل به مدد ڪري سگهن ٿا. انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجا رايا اي ميل ذريعي سنڌي ۾ وٺن. ونڊوز اندر فونٽس جا بنڊلز آهن، فقط ڪي بورڊ جي ضروت آهي ۽ اهو به منهنجي ويب سائين www.bhurgri.com تي فريءَ ۾ موجود آهي.

سوال: آءِ ٽي جي ميدان ۾ ٻوليون زندهه ڪيئن ٿيون رهي سگهن؟

ماجد ڀرڳڙي: جيئن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي تمام گهڻي ترقي ڪري وئي آهي هر جڳهه تي ان جو استعمال ٿئي ٿو. پر اسان کي ضرورت ان شيءَ جي آهي ته اسين ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي  وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيون، پرنٽ ميڊيا ۾ ته جيڪا ٻولي ڇپبي سڀڪو ساڳي ٻولي پيو پڙهندو هو. پر انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايئن نه آهي اتي هر قسم جون ٻوليون موجود آهن. ان ڪري اسان کي سنڌي ٻوليءَ جو واهپو ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ گهرجي.

سوال: توهان جي ٺاهيل فونٽس کان علاوه ٻي ڪنهن ماهر به اهڙا فونٽس ٺاهيا آهن؟ يا اهڙي ڪا ڪوشش ٿي آهي؟

ماجد ڀرڳڙي: ڏسو! منهنجو ڪم فقط فونٽس ٺاهڻ تي مشتمل نه آهي. 1999ع ۾ اتفاق سان مان هتي اچي ويس ته پوءِ منهنجو اياز شاهه سان رابطو ٿيو اسان گڏجي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي Unicode تي ڪم ڪيوسين. پوءِ آءُ سال 2000ع ۾ آمريڪا هلي ويس اتي مون يوني ڪوڊ تي ڪم جاري رکيو پوءِ اهو مڪمل ڪري install به ڪيوسين. ان سلسلي ۾ مون مائيڪروسافٽ وارن سان به رابطو ڪيو جن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اسان صحيح ڪم ڪيو آهي. مون آگسٽ کان ڊسمبر تائين هزارين اي ميلس وصول ڪيون. ائين نومبر ڊسمبر 2000ع ۾ اهو سسٽم بلڪل آپريٽنگ ٿي ويو. مون هڪ انسٽالر ميڪن ٽاچ (MACINTOCH) لاءِ پڻ ريليز ڪيو آهي جيڪو پڻ منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي. جڏهن ته ٻين به ڪيترن ئي دوستن سنڌي فونٽس ٺاهيا آهن. انهن دوستن فارسي ۽ عربيءَ کي موڊيفاءِ ڪري فونٽس کي سنڌيءَ جي شڪل ۾ آندو آهي. در حقيقت فارسي ۽ عربيءَ کي موڊيفاءِ ڪرڻ ۾ ڪا به غلط ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ اهي فونٽس ته هر ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندا. انهن سڀني دوستن سنڌي ٻوليءَ جي محبت ۾ فونٽس ٺاهيا آهن پر اسان جي ادارن ۾ ايتري اخلاقي جرئت نه آهي ته اسين جيڪڏهن ڪو رسالو يا ڪتاب ڇاپيون ته جن دوستن جا فونٽ استعمال ڪيا آهن انهن جا نالا ڏيون.

سوال؛ سنڌي ٻوليءَ ۾ هن وقت ڪيتريون ويب سائيٽس آهن توهان کي ان جو ڪو اندازو آهي؟

ماجد ڀرڳڙي: شايد سَوَن ۾ آهن ڪو پڪو اندازو ڪونهي. انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ وقت سنڌي ڪي بورڊ جي ضرورت نه آهي منهنجي ويب سائيٽ تي آن لائين ايڊيٽر پيل آهي جتي توهان ڪجهه به لکي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪري سگهو ٿا.

سوال: جيئن توهان ايڪس پي جو سنڌي ڪي بورڊ ٺاهيو ڇا اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته موبائيل فونن ۾ اهڙو سسٽم آڻجي؟

ماجد ڀرڳڙي: بلڪل ممڪن ٿي سگهي ٿو. يونيڪوڊ جي ضرورت هئي جيڪو هاڻي اچي چڪو آهي. فون ڪمپنيون اهڙي قسم جو سسٽم آڻي سگهن ٿيون. انهن وٽ (XML) فائيلز موجود آهن. صرف انهن انهن کي الف_ب ڏيڻون آهن. آپريٽنگ سسٽم مان فقط سپورٽ وٺڻي پوندي. ڪنهن به هڪڙي ڪمپني ان قسم جو قدم کنيو ته پوءِ اڳتي هلي مقابلو پيدا ٿيندو. ۽ سڀ ڪمپنيون سنڌيءَ ۾ سسٽم آڻينديون.

سوال: سنڌ کان علاوه ٻاهر ڪٿي سنڌي ٻوليءَ کي انٽرنيٽ جي ٻولي ٺاهڻ لاءِ ڪي ڪوششون ٿيون آهن؟

ماجد ڀرڳڙي: منهنجي ڄاڻ موجب ٻيو ڪٿي به اهڙي ڪوشش نه ٿي آهي حالانڪه سنڌ کان پوءِ انڊيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ اتي ادارا به موجود آهن. اتان ڪافي ويب سائيٽس به هلن ٿيون پر اهي ٽيڪسٽ بيسڊ گهٽ ۽ اميج بيسڊ وڌيڪ آهن. اسان وٽ هن وقت اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته سنڌيءَ کي رومن ۾ آڻيون! ان جي ڪا به ضرورت نه آهي اها ڀينڊورا باڪس نه کلڻ گهرجي سنڌي ٻولي جيئن آهي تيئن ئي رهي ته سٺو. ان کي موجوده رسم الخط اسان ڪو نه ڏنو اهو ڪافي وقت کان مروج رهندو آيو. انگريز جڏهن هتي آيا ته انهن چيو ته برصغير کان شاهوڪار ٻولي سنڌي آهي ۽ انگريزن ئي ان لاءِ موجودهه رسم الخط منظور ڪيو هو. هاڻي جيڪڏهن انگريزن جي دور ۾ ڏسنداسين ته سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺي هئي ۽ هاڻي ڪٿي بيٺي آهي. سنڌي ماڻهو جيڪڏهن مڊل اسٽيٽ يا اتي ڪنهن عرب ملڪ ويندو ته اتي عربي پڙهي سگهندو پر اڳئي جڳهه تي چائنيز ۽ جپانيز نه پڙهي سگهندو يعني اهو سنڌي ماڻهن کي فائدو آهي ته اهو هڪ کان وڌيڪ اسڪرپٽ پڙهي سگهن ٿا.

سوال: توهان جي ڪم جي سنڌ سرڪار يا ٻي ڪنهن اداري پُٺ ڀرائي ڪئي آهي؟

ماجد ڀرڳڙي: نه! منهنجي سرڪار يا ٻئي ڪنهن اداري ڪنهن به قسم جي پُٺ ڀرائي نه ڪئي آهي، حالانڪه منهنجا فونٽس ڪافي ادارا استعمال ڪن ٿا پر اهي خريد نه ٿيل آهن. انهن انٽرنيٽ تان مفت ۾ حاصل ڪيا آهن. پر هاڻي سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ وارن جي هڪ پراجيڪٽ تي ڪم ڪيان پيو ڏسان اهي ڪهڙي قسم جو رزلٽ ٿا ڏين.

سوال: سائين انفارميشن ٽيڪنالاجي وسيلي سنڌي ادب جي ڪهڙي قسم جي خدمت ڪري سگهجي ٿي؟

ماجد ڀرڳڙي: سنڌي اديب جو سڀ کان اهم مسئلو شايع ڪرائڻ آهي. پر سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي قسم جو پليٽ فارم آهي جتي ڪو به سنڌي ماڻهو پنهنجي ڪابه شيءَ شايع ڪري سگهي ٿو ۽ هميشه لاءِ ان کي محفوظ پڻ ڪري سگهي ٿو. هينئر مون شاهه لطيف رح ۽ سچل سائين رح جا رسالا انٽرنيٽ تي upload ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي پڻ سولائيءَ سان انٽرنيٽ تي پڙهي سگهجن ٿا، منهنجي خيال ۾ هن وقت ميڊيا خاص طور تي اخبارون ۽ رسالا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي استعمال بابت ڪارائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. انهن کي ان حوالي سان شارٽ ڪورسز ڪرائي ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ ڪيئن ٿا استعمال ڪري سگهن، ائين ماڻهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال بابت جاڳرتا پيدا ٿي سگهندي، هڪڙا سکندا ته اهي وري ٻين دوستن کي ٻڌائيندا ائين اهو سلسلو اڳتي وڌندو.

انفارميشن ٽيڪنالوجي جا پنهنجا فائدا ۽ نقصان آهن پر جيڪو ڪم اسان انگريزي ۽ اردو ۾ ڪيو ٿا اهو ئي ڪم جيڪڏهن اسان سنڌيءَ ۾ ڪري سگهون ٿا ته اهو ان ۾ ڪرڻ گهرجي ڇو ته دنيا ۾ هن وقت  انٽرنيٽ جي هڪ لهر آيل آهي ان ۾ جيڪڏهن سنڌيءَ جي نمائندگي نه هوندي ته اسان ڪٿي هونداسين اسان کي پنهنجي ٻولي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻوليءَ جو استعمال وڌائڻو پوندو ان کان سواءِ ٻوليءَ کي بچائڻ جو ٻيو ڪو چارو ئي نه آهي خاص طور نوجوان نسل کي ان طرف مائل ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته اهي ڌارين ٻولين ڏانهن وڌيڪ مائل آهن.