سرمد چانڊيي جو انٽرويو

 سرمد چانڊيئي جو انٽرويو

 انٽرويو پينل: فياض شيخ، عباس ڪوريجو

وائيس آف سنڌ  : سڀ کان پهريان اهو ٻڌايو ته اوهان شاعر ڪيئن ٿيا؟ ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪئي؟

سرمد:  اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسي ۽ پڙهندا هئاسي ته سائين نظام الدين گوپانگ ڪلاس ٽيچر هوندو هو.عبدالرحمان امتحان تي ايندو هو ته پنج اٺ شاعر ساڻ وٺي ايندو هو، منهنجو مامو به شاعر هو. شاعر کڻي هلندو هو. گلحسن شاد گوپانگ، علي دوست صابر وغيره. اسڪول ۾جتي رات رهندا هئا ته اتي محفل مشاعره به ڪندا هئا  ، منهنجي ناني کي شاھ جو رسالو برزبان ياد هو، صبح جو پڙهندي هئي، ”الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“. صبح جو سرڪا موڏ مان بيت پڙهندي هئي.

عبدالرحمان پنهنجي شاعري مونکان ڳارائيندو هو. ”محب مران ٿو ماندو ڳارائيندو هو.

جوني ۾ آيس ته ڪافي لکڻ جو شوق ٿيو، محمد دائود دائري سان واسطو پيو اهو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان رهيوان سان ملڻ ڪري به شاعري جو شوق پيدا ٿيو.

وائيس آف سنڌ: اوهان سڃاڻپ هڪ گيت ڪار شاعر جي آهي، ڇو اوهان پنهنجي لاءِ گيت جي صنف کي اهم بڻايو آهي؟

سرمد 1984 83  قمبر ۾ آيس، لطيف ادبي سنگت هلندي هئي، جتي ميهر مجاهد، شورش سنڌي، آتش سنڌي، پيرل قمبر ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو. گڏجاڻيون اڻويھ پنجاسي ۾ ڀائو ۽ عظيم سومرو، محبوب رڪ راهوجو، مجيد منگي وارن گڏجي سنڌي ادبي سنگت ٺاهي، ان جو سڪريٽري مونکي چونڊيو، سڪريٽري ٿيڻ کان بعد ۾ مون شاعري ۽ صنف تي ڌيان ڏنو، اتي مون سنڌي ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسي، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا شاعر هئاسون مون سوچيو ته اتي منهنجي پير رکڻ جي جاءِ ڪونهي سو مون پاڻ لاءِ گيت . جي صنف چونڊي گيت گھٽ لکيو ويو ان ڪري مون هيت کي اوليت ڏني.

وائيس آف سنڌ: جيئن ته اوهان گيت ڪار شاعر آهيو ته پوءِ توهان کي گيت جي صنف ۾ ڪهڙي شاعر جا گيت بي حد وڻيا آهن؟

سرمد: گيت ۾ اياز کان وڌ ٻيو ڪير آهي.

 وائيس آف سنڌ: پر شيخ اياز جا نه فقط گيت پر غزل، وايون، نظم ۽ ٻيون شيون به مشهور آهن.

سرمد: اصل ۾ غزل به منهنجو ڀرپور آهي پر مان سڄي سنڌ ۾ جتي به مشاعري ۾ ويندو هوس ته اتي گيت ترنم سان پڙهي ٻڌائيندو هوس ۽ انهن منهنجا غزل ٻڌائي نه ته هو مونکي گيت جي حوالي سان سڃاڻڻ لڳا.

هڪ دفعي سچل سائين جي ميلي تي اتي اديبن چيو ته مشاعرو ڪريون، اهو محترم ڀٽي جو پهريون دور هو قائم علي شاھ جي صدارت ۾ ٿيو.تنوير عباسي ميزبان هو، اتي استاد بخاري، شمشير ۽ ٻيا وڏا شاعر موجود هئا، مون شعر پڙهڻ لاءِ سڏيو ويو. اتي يونيورسٽي جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ويٺل هئا ۽ ان وقت قومي شاعري جو دور هو ۽ مون وري

”ڇلڙو“ موضوع تي گيت پيش ڪرڻ لاءِ چيو ته اهي کلڻ لڳا. جڏهن مون گيت ڳائي پورو ڪيو.

”ڇلڙو چيچ ڀريو منهنجو هينئڙو خالي

ڪڏهن ايندي سانورا.

ٻني هينئڙو ٻاجھر ڀريو منهنجو هينئڙو خالي

ڪڏهن ايندي سانورا

آئيني من مون ته ڀريو، منهنجو هينئڙو خالي

ڪڏهن ايندي سانورا

روسي ۾ گلاب جي گل کي گوگول سڏجي ٿو. اگر ڪنهن کان پڇيو ته هو نه ٻڌائي سگهندو. سو ائين مون پنهنجي  گيت کي پاڻ هر هنڌ پيش ڪيو.

وائيس آف سنڌ: اڇا سر، اڄ جي دور ۾ گيت کي ايتري پزيرائي ڇونه ملي سگهي آهي؟

سرمد: ادا دور جديد هجي يا قديم، پر اسان مسئلن جو شڪار آهيون، پيٽ بکيو آهي سنڌي اڳواڻ شهيد ٿي رهيا آهن . اتي رڳو روماني شاعري ڏبي ته پزيرائي گھٽ ملندي.

۽ اڄ سٺا استاد ڪونهن جو نئين دور ۾ ان کي سمجھائن.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي نظر ۾ گيت ڪيئن هئڻ گھرجي؟

سرمد گيت عورت ڪنهن مرد جي شان ۾ ڳائي جيئن غزل ڪنهن عورت جي شان ۾ هوندو آهي. مرد جا ٻيڙا ٻئي پار وڃن، جيئن لطيف سائين جي”سر سامونڊي“ جي وائي ۾ گيت touch آهي.

ائين سٺو گيت لکندڙ شاعر جو گيت اثر انداز ٿئي ٿو. مون 1987 ع ۾ هڪ ”دريائي گيت“ لکيو هو. وڏن ماڻهن درياهي اتي مقيم ماڻهن کي لڏائي شهرن ۾ آندو.

ميربحرن کي شهر ۾ آندو، اتي اهي غريب آزار ۾ هئا هو ڄائوا درياھ تي وڏا اتي ٿيا. سرڪار اعلان ڪيو ته درياھ جا ٺيڪا هرڪو کڻي سگھندو اتي پير پاڳاري، ممتاز ڀٽي ۽ ٻين ٺيڪا کنيا ۽ درياھ تي قبضو ڪري ويهي رهيا. ۽ ميربحرن کي آزاري ڇڏيائون ۽ انهن تي الام هنيائون ته اهي ڌاڙيلن کي آرپار پهچائن ٿا.

سو اهي ميربحر مايون پنهنجي ورن کي ياد ڪندي هيئن ٿيون آلاپن. مون گيت لکيو.

ڪر ڪو ڀوريءَ ڏي ڀير

تنهنجي ٻيڙيءَ جو خير

                           ور مانجھيئڙا وو الا وانجھيئڙا.

ان ۾ سياست آهي ۽ درد آهي. مون پاڻيءَ کي هڪ گيت لکيو هو.

پٿر تي به گرميءَ جو اثر ٿئي ٿو ۽ اسان ته ماڻهو آهيون.

وائيس آف سنڌ: ڇا اديب جو ڪردار صرف اهو ئي آهي هو لکي يا عملي طرح به هجي؟

سرمد: اديب جو ڪم آهي لکڻ ۽ صحافيجو خبرون لکڻ.

اهي عوامي مسئلا آهن ۽ اسان ڌر ڀر آهيون اسان ڌرتيءَ جي لاءِ لکون ٿا پاڪستان پوءِ مسلم امهه ۽ پوءِ دنيا لاءِ لکون ٿا. افغانستان جي مسئلي تي مون گيت لکيو هو ٻارن لاءِ.

”اوهان پنهنجا گيت کيسن ۾ لڪائي رکو، فلحال ننڊ جو ڪو پروگرام ڪونهي.“

بينظير ٿي منهنجو ڪتاب آيو، ڀٽي صاحب شهيد تي مون ڪتاب لکيو، جي ايم سيد تي مون گيت لکيا.

اسين ماڻهن جي ڏکن دردن ۽ خوشين ۾ گڏ آهيون.

وائيس آف سنڌ: سياسي حوالي سان اوهان سان گفتگو ٿي هاڻي اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان شاعري ۾ پنهنجو تخلص سرمد استعمال ڪيو آهي ڇا توهان جو به ڪو اڀيچند هيو ڇا؟

سرمد: عباس ڀاءُ! اسان جو قبيلو سخت قسم جو هو، سو ان حوالي سان امان ۽ بابا کي ڀوءُ هو سو مون کان منهنجي پسند پڇيائون جو هڪ شادي ته مون امان ۽ بابا جي پسند تي ڪئي هئي. سو مون بابا کي بابا جي ماسات جي ڌيءُ لاءِ چيو، جيڪا عزيز ۽ منصور وارن جي ماءُ آهي.

امان ۽ بابا ان ڏي ويا اتي منهنجي چاچي ۽ ڏاڏي کي چيو، انهن چيو ته اسان وٽ وڏي ڇوڪري آهي اها ڇونه ٿا وٺو. بابا چين ته ان تي ته منهنجو ڇوڪرو ڪونه بيهندو ته منهنجي ڏاڏي چيس ته ان جي سزا ڇا هوندي، اسان تنهنجي ڇوڪري کي ڪارو ڪنداسين. ڇوڪري به مرندي ۽ ڇوڪرو به مرندو. اهو مسئلو هلندو رهيو.

هڪڙي دفعي مان شهدادڪوٽ ۾ هجان ڏٺم ته ڏاڏو اچي پيو، مان لڪي بيهي رهيس، جيئن ئي ويجھو آيو ته ته ٽنگن ۾ ڀاڪر وڌو مانس ته اها ڇوڪري مون کي ڏيو مون وڌيڪ ٻيو گھوٽ؟ نيٺ راضي ٿي چيائين ته پڙهين کي موڪل. سو هر ڪنهن جي ڪانه ڪا پسند هوندي آهي.

سهڻي شيءِ ته هر ڪنهن کي وڻندي آهي ۽ مان ته شاعر هيس.

وائيس آف سنڌ: ان جو مطلب ٿيو ته توهان حسن پسند هجڻ ڪري نالو رکيو؟.

سرمد: نه نالي جي حوالي سان ته مون اهو تخلص شاعري جي ڪري ئي رکيو استاد لقمان حڪيم ئي تخلص رکيو پر ڪو اڀيجند نه هو پر اها ڇوڪري هئي جنهن سا مون شادي ٿي.

وائيس آف سنڌ: شروع ۾ اوهان مذهبي هئا. هاڻي شروع واري دور جو سونو خان چانڊيو اڄ جي دور جي ترقي پسند چانڊيي کي ڪيئن ٿو ڏسي؟

سرمد: مذهب ترقي پسند آهن، جيڪو به مذهب آيو آ انسان ذات جي ڀلائي لاءِ آيو. ڪوبه مذهب رحمت پرست ناهي. وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن مذهب کي غلط استعمال ڪيو.

اسان تي جنگيون مڙهيون ويون آهن. پر مذهب خراب ناهي مذهب اسان جو سٺو آهي ۽ آئون مذهب جي حساب سان مطمعن آهيان.

وائيس آف سنڌ: اوهان شاعري ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جو استعمال ٿيل آهي ۽ جڏهن ته نثر ۾ عربي، فارسي ۽ اردو جو گھڻو استعمال آهي، ائين ڇو؟

سرمد: اگر اوهان ڪنهن شاعري ڪتاب جو مهاڳ مون کان لکرائيندا ته مان عروض جي ڳالھ ڪندس، جيڪو اسان عربي ۽ فارسي کان ورتو آهي ته ضرور عربن ۽ فارسين جي ڳالھ ٿيندي.

مون شاهه سائين جو ناول لکيو آهي ان ۾ فقط سنڌي نمونو آهي، شاھ سائين فقيرن ۽ جوڳين سان ٺيٺ سنڌي ٿو ڳالهائي. باقي بلي شاھ چواڻي ته اکران دي وچ جو به اڙيا، عشق دي چاڙهي مور نه ڇڙهيا.

وائيس آف سنڌ: گيت سنڌي ٻولي جو مقبول صنف آهي پر اها صنف انگريزي ۾ ڇونه آهي؟.

سرمد: گيت کي اسان سنڌي ٻولي ۾ گيچ چئون ٿا. ڊاڪٽر محبت سراج ۽ اسان چئون ٿا ته سنڌيءَ مان ئي سنسڪرت نڪتي آهي سنڌي ٻلي جو هڪ اگر گ آهي ان کي ڳرو ڪيوسين ته گھ بيٺو، اگر هلڪو ڪيوسين ته ڳ بيٺو اڃا هلڪو ڪيوسين ته ڱ بيٺو يعني اسان جي ٻولي ۾ ملائت جا گھڻا قسم آهن.

گيت گيچ هن خطي جي پيداوار آهي.

اسان وٽ عالم اهو ٿا پڙهائن ته فارسي جو اسان تي ڪيترو اثر آهي، اردو جو ڪيترو ۽ عربي جو ڪيترو اثر آهي. اوهان انٽرنيٽ تي وڃي ڏسو ۽ ان کي پڙهو ته عربي ۾ رديف ناهي. فارسي ۾ آهي ۽ انهن تي اسان جو اثر آهي.

گيت لاءِ تاج جويو چيو ته گيت اسان جو پنهنجو آهي ۽ گيت هندستان کان آيو.

رحمت الله پيرزادو جو ڪتاب آيو ان ۾ لکيل آهي ته لوڪ گيت مان جيڪو نثري گيت هليو آ اهو اثر هن جي گيتن ۾ آهي.

پهريون ويد سنڌو ڪناري تي لکيو ويو آهي چند سنڌي قانون آهي. اياز اٺهتر ڇند وزنن تي شاعري ڪئي آهي. تاجل بيوس ڇند جو ڄاڻو آهي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادبي سگنت ۾ ڌڙابندي ڇو آهي ۽ اديب پنهنجا ڌار ادارا کولي ڪم ڇو ڪري رهيا آهن؟.

سرمد: سنگت واحد ادارو آهي جنهن جو آغاز شيخ اياز ۽ گوبند مالهي جھڙن اديبن رکيو. ان ۾ ڌڙابندي ته ناهي. پر جمهوري رويا غلط آهن.

شاخ قمبر جي اليڪشن ٿي ان ۾ عزيزقاسماڻي به فارم ڀرايوته رياضت ٻرڙي به.

مون پنهنجو ووٽ پنهنجي پٽ بجاءِ رياضت کي ڏنو جو اهو وڌيڪ لائق هو.

جڏهن اديبن وٽ ئي جمهوري رويا ڪونهن ته سياستدان تي ميار ڪهڙي آ.

وائيس آف سنڌ: آخر ان مسئلي جو ڪهڙو حل آهي، جديد دور جي حوالي سان سنڌي ادبي سگنت کي ڪيئن هلائجي؟.

سرمد دور جي حوالي سان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ان کي جديد بڻايو آهي. انٽرنيٽ ويب سائيٽون ۽ ٻيا طريقا اپنايا آهن.

سنگت ۾ جدت آهي، آئين ۽ منشور به جديد آهي.

هاڻي سڪريٽري اهو هجي جيڪو جديد ڄاڻ رکندو هجي. منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر کان وڌيڪ ڪوبه ناهي.

وائيس آف سنڌ: ڊاڪٽر سيال جي واٽ ٺيڪ آهي؟ يا ڪو ٻيو طريقو هئڻ گھرجي…  سنگت جي ماهوار رسالي ۾ پراڻن سڪريٽري جنرلن تلخ ڪلاميءِ سان تنقيد ڪئي پئي وڃي، ڇا اهو جمهوري رويو درست آهي؟.

سرمد: اسان وٽ جمهوري طريقا درست ناهن دوستن کي ٻانهون ٻڌي گذارش ڪندس ته دوستاڻا رويا آڻيو. انهي ڄنڊاپٽ مان ڪجھ به نه ورندو.

وائيس آف سنڌ: اڄڪلھ جي نوجوان ليکڪن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟.

سرمد: نوجوان ڀرپور لکي ٿو. اياز، تنوير، سراج ۽ بخاري جھڙا ليکڪ انهن کي ورثي ۾ مليا آهن.

پر اڄ جو نوجوان ليکڪ جيڪو شهري بابو بڻجي ويو آهي. ٻهراڙي جي ٻولي کي اهميت نه ٿو ڏي، اصل ٻولي اها آهي جيڪا ٻهراڙي ۾ ڳالهائجي ٿي.

امر امر جليل جو ناول نيٺ گونگي ڳالهايو بهترين تخليق آهي. اهي ليکڪ ڪهاڻين کي هفتن جا هفتا دماغ ۾ پڄائي پوءِ لکندا هئا ۽ اڄ جو ليکڪ تڪڙ کان ڪم وٺي ٿو.

وائيس آف سنڌ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟.

سرمد: وائيس آف سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ اهو پيغام آهي ته جيڪو پڙهو ٿا ته اهو ٻين تائين پهچايو جيئن اسان جا پڙهندڙ وڌن ۽ اسان کي گھرجي ته پنهنجا پڙهندڙ وڌايون.

اوهان جي مهرباني.