اياز گل جو انٽرويو

وائيس آف سنڌ: اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ۽ ادب طرف ڪيئن آيا؟

اياز گل: هاءِ اسڪول جي زماني کان وٺِي لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، ستين درجي کان مون شاعري شروع ڪئي جيڪا نائين درجي ۾ آيس ته وقت جي سڀني رسالن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ اهو زمانو 1973 جو آهي ۽ ائين آهستي آهستي اهو سلسلو اوهان اڳيان آهي.

وائيس آف سنڌ: اسان جن ڀي عظيم اديبن جا انٽرويوز پڙهيا آهن اهي اڪثر چوندا آهن ته انهن ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو.. ڇا اهو علم جبلت آ يا شعور جي چهنڊي آ؟

اياز گل: اهي بلڪل صحيح چون ٿا، مان ان جو ثبوت آهيان، بهرحال ڪجهه نه ڪجهه آهي جيڪو ائين ڪجهه ڪرائي وٺي ٿو. يقينن ڪا شيءِ آهي جيڪا آرٽسٽن ۾ موجود رهي ٿي.

وائيس آف سنڌ: شروع ۾ هر ليکڪ پنهنجي لکڻن تي ڪنهن نه ڪنهن کان راءِ وٺي ٿو، ڇا اوهان اڄ ڀي پنهنجي شاعري تي ڪنهن کان راءِ وٺندا آهيو؟

اياز گل: جيئن جيئن ماڻهو وڌيڪ نمايان ٿيندو وڃي ٿو، ان تي ذميواريون اڃا ڀي وڌي وڃن ٿيون، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو، ڇا اهو سڀني ماڻهن کي مطمئن ڪري ٿو؟ اهو سوال ان جي دل ۾ ڀي اڀري ٿو، مان ته ائين چوندس ته مڪملتا آهي ئي ڪونه، اگر ڪو سمجهي ته هو مڪمل ٿي ويو آهي ته اهو زوال آهي.اگر اوهان چاهيو ٿا ته وڌيڪ وقت ماڻهن جي دلين ۾ زندهه رهو ته انهن کان راءِ وٺو.

وائيس آف سنڌ: اظهار جي آزادي جي حوالي سان اوهان جيڪو، جيئن ۽ جهڙو لکڻ چاهيو اهو لکيو يا ڪا رڪاوٽ رهي؟

اياز گل: ڪجهه شيون اهڙيون آهن جن جو اظهار سوءُ سيڪڙو جيئن جو تيئن نٿو ڪري سگهجي، پر هڪ سٺو شاعر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اها ڳالهه ڪري ويندو آهي. مثال طور منهنجو هڪ شعر آهي ته:

ڪهڙو سچ چئي سگهنداسين

پاڻ ته هون سرڪاري ماڻهو.

اوهان ان کي ٻنهي معنائن ۾ وٺي سگهو ٿا. فن اهو آهي ته اوهان کي جيڪو چوڻو هجي اهو چئي به وڃو پر ائين ڄڻ اوهان ڪجهه چيو ئي نه! اگر ڪا ڳالهه اوهان سڌي طرح اظهاري نه سگهو ته آرٽ جي سهاري علامتي انداز ۾ چئو.

وائيس آف سنڌ: اسان جا وڏا ليکڪ نوجوانن کي پڙهن ئي ڪون ٿا وري ائين ڀي چون ٿا ته نوجوان لکن ئي ڪونه ٿا؟ ائين ڇو آهي؟

اياز گل: اسان جي بزرگ ليکڪ آهن اسان وٽ انهن جو احترام آهي، اهي ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ نٿا ٿين ته انهن کي ڪيئن خبر پوي ته ڪير ڪيترو لکي ٿو، وڌ ۾ وڌ ڪو ڪتاب گهر ويٺي ملي ويندو اٿن ته ان کي نظر مان ڪڍندا آهن. پاڻ بڪ اسٽال تان خريد نٿا ڪن. مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته هر ايندڙ ٽهي گذريل ٽهي کان وڌيڪ هجي ٿي، اگر اها وڌيڪ نه هوندي ته اسان جو ڪم ڀي ضايع ٿي ويندو.منهنجو ايمان آهي ته اسان جي نئين ٽهي اسان کان وڌيڪ پاورفل لکي ٿي فقط انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي.

وائيس آف سنڌ:  بنيادي طور تي اوهان ڪهڙي نظريي جا قائل آهيو، ڇا ليکڪ جو ڪنهن مخصوص نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي؟

اياز گل: نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري آهي پر سياسي نظريي سان لاڳاپيل هجڻ ضروري ناهي. انساسيت، محبت ۽ ڌرتي وڏا نظريا آهن پر ان جي مراد اها ناهي ته ڪنهن سياسي نظريي سان لاڳاپو هجي.

وائيس آف سنڌ: هر ماڻهو خواب ڏسي ٿو ۽ تعبيرون تلاشي ٿو اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان خوابن سان ۽ خوابن اوهان سان ڪيترو نڀايو؟

اياز گل: خواب ڏسڻ سٺي ڳالهه آهي اگر اوهان خواب نه ڏسندو ته اڳتي ڪيئن وڌندئو؟ انسان اگر خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي ته ان وٽ ڪجهه به نٿو بچي.باقي خوابن اسان کي ڏاڍو لوڙايو آهي! شعر عرض آهي:

سوچون ساريون هارايل سردارن جيان

خواب پيا ها پيرن ۾ تلوارن جيان .

وائيس آف سنڌ: ڇا زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي اهڙو لمحو به آيو جو اوهان سوچيو هجي ته هاڻي نه لکڻ گهرجي.؟

اياز گل: نه، باقي اهڙا لمحا آيا جو محسوس ٿيو ته هاڻي نه لکي سگهبو. نه لکڻ کپي ٻن مرحلن بعد ايندو آهي هڪ ته اوهان مايوس ٿي وڃو ۽ ٻيو ته اوهان مڪمل ٿي وڃو ۽ منهجي زندگي ۾ اهي ٻئي لمحا ناهن آيا.

وائيس آف سنڌ: اوهان محبت جي وضاحت ڪيئن ڪندا؟

اياز گل: ڪائنات محبت سان هلندي آهي. ڪائنات جو وجود محبت جي ڪري پيو آهي، اسين ڌرتي ۽ ڌرتي وارن سان محبت ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته اتي امن ۽ آشتي هجي.اها محبت ئي آهي.

وائيس آف سنڌ: اسان جي سنڌ قبائلي جهيڙن ۾ وڪوڙجي وئي آهي، اوهان ان بابت ڇا چوندا؟

اياز گل: سموري سنڌ ٻري رهي آهي، سنڌ ڏکي منظر مان گذري رهي آهي، اسان سڀني کي اٿڻ گهرجي، اسان انفرادي طور سوچيندا آهيون ته اهو اسان جو نقصان ناهي، ٻين جو آهي پر ان جو اثر اسان جي زندگيءَ تي به پوي ٿو.

وائيس آف سنڌ: ليکڪ ڪهڙي ڳالهه کان پاسو ڪري جو ان جو تخليقي عمل ڌڪ نه کائي؟

اياز گل: ڪوڙ کان پاسو ڪري، ڪوڙي ڏيک کان پاسو ڪري.

وائيس آف سنڌ: اوهان نظم کان علاوهه نثر تي ڀي ڪم ڪيو آهي؟

اياز گل:  ڪجهه ڪهاڻيون، خاڪا، مقالا ۽ مهاڳ لکيا آهن.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ڊرامي ۾ ڏاڙيل کي هيرو پيش ڪيو پيو وڃي ڇا اهو اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخ کي غلط رنگ نه پيو ڏنو وڃي؟

اياز گل: مان ڀي ان شيءِ جي خلاف آهيان ته ذاتي مفادن جي ڪري قومي نقصان ڪجي، اسان جي ٻولي بگڙجي ٿي، اسان جا ٻار اها ٻولي ڳالهائيندا جيڪا ميڊيا تي هوندي، اسان جو ڪردار سڄي دنيا ۾ نيگيٽوِ هجي ته ڇا اهو اسان لاءِ بهتر عمل آهي؟ ڪڏهن ڀي نه. جيڪو ڏيکاريو پيو وڃي اهو زندگي جو هڪ پهلو آهي سڄي زندگي ناهي. سوُ سيڪڙو اسان چور ڌاڙيل ناهيون، اسان جون نياڻيون ڀڄڻ لاءِ تيار ناهن ويٺيون، نڪي اسان سڄو ڏينهن هٿيار کڻي گهمندا آهيون، اهو وقتي رونشو آهي پئسي ڪمائڻ جي لاءِ، باقي ڪجهه ناهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي شاعري ڇپي به آهي ۽ ڳائي ڀي وئي آهي، اوهان کي ٻنهي مان ڪهڙي صورت وڻي ٿي؟

اياز گل: ٻنهي جو الڳ الڳ رس چس آهي، جيئن ڪتاب تاريخ ٿئي ٿو، ڪتاب اوهان جي شاعري، فڪر ۽ شخصيت کي محفوظ ڪري ٿو، عام ماڻهو تائين پهچڻ جو ذريعو راڳ آهي.ٻئي صورتون هڪ شاعر جي تخليقن لاءِ ضروري آهن.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ڪتابن کي مارڪيٽ ڇو نه آهي؟

اياز گل: اسان کي پنهنجا پبلشنگ ادارامضبوط ڪرڻ گهرجن ۽ ادارن کي گهرجي ته پنهنجون ذميواريون سنڀالين. اسان وٽ ڪوبه ادارو ناهي جيڪو ليکڪ کي رائلٽي ڏي. 99 سيڪڙو ماڻهو پاڻ ڪتاب ڇپرائن پيا، اسان وٽ لکڻين جو معاوضو نٿو ملي.

وائيس آف سنڌ: شاعر کان وڌيڪ مزاحمتي ادب ڪير به تخليق نٿو ڪري سگهي، اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي؟

اياز گل: شاعري فن جو هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو سولائي سان ياد ٿئي ٿو، راڳ ذريعي جهر جهنگ پهچي ٿو. ان ڪري ان جا اثر ديرپا ٿين ٿا، ان ڪري شاعري جو اثر پري تائين پکڙجي ٿو.

وائيس آف سنڌ: اڄ جو سنڌي نوجوان لطيف کي ڇو نٿو پڙهي؟

اياز گل: ان جو سبب سهل پسندي آهي، اسان کي جيڪا شيءِ آساني سان ملي ٿي يا سمجهه ۾ اچي ٿي ان جي پويان لڳون ٿا اهو اسان جي معاشري جو الميو آهي. لطيف کي پڙهڻ لاءِ وقت، سمجهه ۽ دماغ جي ضرورت پوي ٿي جيڪو ڪم اسان معاشرتي حساب سان نٿا ڪريون. باقي ڪوبه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن کي پڙهڻ بنا سٺو شاعر نٿو ٿي سگهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان ڳالهه ڪئي سهل پسندي جي، اڄ تائين اسان ائين ڇونه ڪري سگهياسين آهيون جو لطيف کي ايترو سهل بڻايون جو نوجوانن لاءِ اوپرو نه رهي؟

اياز گل: اوهان کي اهڙا رسالا ملندا جن ۾ معنى ۽ شرح هوندي آهي پر ان کي به ڪو پڙهي، ڪابه شيءِ آساني سان سمجهه ۾ ناهي ايندي، الف بي سمجهڻ لاءِ به ته اسڪول ويا هونداسين. پر ان جو اهو هرگز مطلب ناهي ته جيڪا شيءِ ڏکي آهي ان کي هٿ ئي نه وجهجي، اهو رويو بدلائڻو پوندو.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادب جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟

اياز گل: وڏيون عظيم لکڻيون لکڻ وارو مرحلو سست ٿي ويو آهي پر مسلسل بهتر لکجي پيو، مان جنهن مان پراميد آهيان ته سنڌي ادب ۾ ڪانه ڪا بهتري اچڻي آهي.

وائيس آف سنڌ: چيو وڃي ٿو ته اديب جو ڪم صرف لکڻ آهي، ڇا اهو صحيح آهي؟

اياز گل: نه، اديب عملي مظاهرو به ڪري سگهي ٿو پر اهو انحصار رکي ٿو ان جو وسيلن تي. اسان جا ڪجهه ناليوارا ليکڪ ۽ دانشور قومي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آيا آهن.ٻين سماجي ڪمن ۾ به اديب پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آيا آهن.

وائيس آف سنڌ:  اسان جا ڪجهه سنڌي اديب ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين پيا ان جو ڇا سبب آهي؟

اياز گل: برائي هر جڳهه تي هوندي آهي، سچ جو وجود تڏهن آهي جڏهن ڪوڙ آهي، سچائي جي سڃاڻپ تڏهن ٿيندي جڏهن برائي هوندي. ڪجهه ماڻهو ائين ڪن ٿا ته انهن کي موٽ به اهڙي ملندي.

وائيس آف سنڌ: اياز گل هردلعزيز شاعر نه هجي ها ته ڇا هجي ها؟

اياز گل: هردلعزيز نه هجان ها ته شاعر ته هجان ها، 30 سال ٿيا آهن شاعري ڪندي هاڻي ان خول کان ٻاهر نڪري سوچيو ئي ناهي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادبي سنگت ۽ ان جي ڪارڪردگي ڪيئن ٿا ڏسو؟

ايازگل: سنڌي ادبي سنگت پنهنجي خرچ تي هلندڙ تنظيم آهي جنهن جي ڪارڪردگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهن ٿا پر اهو سفر رڪيو ناهي ۽ اها ئي وڏي ڳالهه آهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي غزل جو بند آهي ته ” احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي آ“ چيو ويندو آهي ته شاعر لکي ڇڏيندا آهن ، پاڻ ان پيڙا مان ناهن گذرندا؟

اياز گل: اگر ڪو شاعر اهڙي ڪيفيت مان نٿو گذري ته هو اهڙو اظهار نٿو ڪري سگهي يا ڪندو ته ان ۾ اها گهرائي نه هوندي. اندر جي ڪمزوري ظاهر ٿي پوندي آهي.

ناممڪن شيءِ کي ممڪن ڏيکارڻ ئي فن جو ڪمال هوندو آهي.

وائيس آف سنڌ: وائيس آف سنڌ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟

اياز گل: هن دور ۾ هڪڙو سنڌي رسالو موجوده تقاضائن موجب هجڻ، ان کي پابندي سان جاري رکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، منهنجي دعا آهي ته اوهان وائيس آف سنڌي کي گهڻي عرصي تائين سنڌي ماڻهن تائين پهچائيندا رهو.