الطاف شيخ جو انٽرويو

وائيس آف سنڌ: سفر نامي جي لکڻ جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿي؟

الطاف: آئون ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن اٺين ڪلاس ۾ آيو هوس تڏهن کان ڪاليج مئگزين گلستان، ڳوٺ سُڌار ۽ هلال پاڪستان جھڙن رسالن لاءِ ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهيس ٿي، تن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان اخبار نه پر رسالو هو، جنهن جو چيف ايڊيٽر عبدالشڪور منشي هو، ڪئڊٽ ڪاليج مان 1963ع ۾ انٽر ڪرڻ بعد مئرين انجنيرنگ (بحري جھاز هلائڻ جي انجنيرنگ) جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بنگلاديش جي شهر چٽگانگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ اڄ وارو “بنگلاديش” پاڪستان جو “بنگال” صوبو يا مشرقِي پاڪستان سڏبو هو. بنگال مونکي پنهنجي سنڌ کان بلڪل مختلف لڳو، اسان وٽ مٽي ۽ ڌوڙ هتي درياءَ ۽ پاڻي، اسان وٽ مينهن ڪڏهن ڪڏهن وسي هتي مينهن ٻاروئي پيو وسي ان سان گڏ کنوڻ ۽ گوڙ جا ٺڪاءَ، اسان وٽ ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي ساوڪ نظر اچي، هتي جتي ڪٿي ٻاروئي ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار! ماڻهن جي قد بت ۾ فرق، کاڌن ۽ کائڻ پيئڻ جي طريقن ۾ فرق زبان ٽوٽل مختلف- نه فقط ڳالهائڻ پر لکڻ ۾ به……….! انهن سڀني ڳالهين کان متاثر ٿي، مون اتان هفتيوار ڪالم ”درياءَ جي ديس مان“ لکڻ شروع ڪيو، جيڪو عبرت ۽ بادل رسالو نڪرندو هو، جنهن جو ايڊيٽر جان محمد نوناري هو، بعد ۾ رسول بخش پليجو جو ڀاءُ عبدالرحمان پليجو به ٿيو. سو منهنجي خيال ۾ بنگال جون اهي ڳالهيون هڪ خيال کان منهنجو پهريون سفرنامو هو. تعليم ختم ڪري 1968ع ۾ جھاز تي چڙهيس ۽ جيڏانهن جھاز ويندو رهيو ان جو احوال دوستن ۽ پوءِ سنئون سڌو عبرت اخبار ڏي موڪليندو رهيس جيڪو پوءِ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي 1969ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ۽ پهرين ئي ڪتاب تي مونکي ”پاڪستان رائيٽر گلڊ“ طرفان Best Book of year جو ايوارڊ ملڻ تي منهنجي همٿ افزائي ٿي. پوءِ هردم سمنڊ يا ڪناري تي واندڪائي ملڻ تي مختلف ملڪن، بندرگاهن ۽ سمنڊن جو احوال لکندو رهيس، ساڳئي وقت پڙهندڙن جي خطن مان مونکي Idea پڻ ٿيندي وئي. ته هو ڪهڙي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

وائيس آف سنڌ: هيستائين اوهان جا ڪيترا سفرنامه ڇپجي چڪا آهن؟
الطاف: ستر 70 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ پنجاهه کن سفرناما ڪتاب هوندا ۽ ٻيا ترجما ۽ ٻاهر جي ادب سان واسطو رکندڙ جيئن پهاڪن جو ڪتاب: “رٺي آهي گھوٽ سان” جپاني ادب سان واسطو رکندڙ: “جپان رس”، “ڳالهيون تنهن جپان جون” ۽ جپاني ۽ چيني جپاني پهاڪن جو انگريزي ڪتاب “Proverbs of Far East” علم فلڪيات “Astronomyبابت معلومات جو ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” چوڻين ۽ ڪوٽيشن جو ڪتاب الطاف جي ڪوٽيشن جو نوٽ بڪ تان وغيره وغيره.

وائيس آف سنڌ: توهان جا ڪتاب ترجما به آهن، توهان ڪهڙن اديبن کي ترجمي لاءِ چونڊيو آهي؟

الطاف شيخ: ڪيترن ئي مشهور فرينچ، جرمن، انگريزي ۽ روسي اديبن جا ناول اسان وٽ پڙهيا وڃن ٿا جن جون لکڻيون سنڌي ۾ به ترجمو ٿيل آهن سمنڊ تي جھاز هلائڻ دؤران وقت ئي وقت ملي ٿو، بلڪِ وقت پاس ڪرڻ لاءِ مختلف جھازن جي لائبررين ۾ جيڪي ڪتاب مونکي نظر ايندا هئا اهي پڙهندو ويس، پوءِ اهڙي ڪا ڪهاڻي يا ناول جيڪو مونکي گھڻو پسند آيو ٿي ته ان جو ترجمو ڪيم ٿي، پوءِ چاهي اهو ليکڪ مشهور نه هجي، اهڙي طرح منهنجا ترجما “لنڊن تائين لفٽ”، “سوزيءَ سان پيار”، “خدا ڏي خط”، “ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ” وغيره، مختلف جپاني، ٿائي، ملئي، يورپين ۽ آفريڪن ليکڪن جون ڪهاڻيون آهن. ٽوڪيو جي ”گيشاگرل“ هڪ آمريڪي جان بال جو جپان جي ڪيترين ڳالهين، ڪلچر، رسم رواج ۽ اسان ڌارين جي بيوقوفين جو احوال ڏنل آهي. جپان ۾ ڪجھ عرصو رهڻ وارن کي آئون هميشه اهو ناول پڙهڻ جي صلاح ڏيندو آهيان جيئن جپان ويندڙ هڪ ڌارئي کي جپان جھڙي ملڪ جي نئين ماحول جي واقفيت ٿي سگھي.

وائيس آف سنڌ: اوهان سموري دنيا گھمي آهي، ڪهڙي ملڪ جي رهڻي ڪهڻي ۽ ثقافت اوهان کي متاثر ڪيو؟

الطاف شيخ: ان معاملي ۾ هڪ ملڪ جو نالو کڻڻ ته ڏکي ڳالهه آهي پر ملائيشيا، ايران، سئڊن ۽ جپان مونکي گھڻو متاثر ڪيو ۽ انهن ملڪن ۾ رهڻ دوران مون بي تڪلفي ۽ پنهنجائپ محسوس ڪئي، ملائيشيا جي ملئي مسلمانن جو مزاج اسان جي ڳوٺاڻن سنڌين سان ملي ٿو ۽ ترقي ۽ تعليم جي خيال کان ڏٺو وڃي ته سٺ واري ڏهي ۾ به سنڌ جا ڳوٺ ۽ ماڻهون ملائيشيا جي ٻهراڙي کان بهتر هئا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته اڄ اسان جي ڳوٺن ۾ دنيا جي مقابلي ۾ تعليم ۽ اخلاق ڪري پيو آهي، نشو پتو، بيماريون ۽ بيروزگاري وڌي وئي آهي. ۽ هوڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺن ۽ ماڻهن جي حالت ٿو ڏسان ته گذريل چاليهه سالن ۾ منهنجي اکين اڳيان ڪٿان جو ڪٿان وڃي نڪتا.

وائيس آف سنڌ: ان جو سبب؟

الطاف شيخ: ملائيشيا جي ڳوٺڻ جي وڏيرن توڙي چونڊيل نمائندن (سياستدانن) وڏيرن پنهنجي تر ۾تعليم، ڪارخانا ۽ اسپتالون کولرائي ڇڏيون، سنڌ جي وزيرن، وڏيرن ۽ سياستدانن کي شروع واري ڏينهن کان وٺي ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جون پرمٽون ملنديون رهيون، جيڪي انهن پنهنجي ڳوٺن ۾ هڻڻ بدران ٻين کي پرمٽون وڪڻي ڏنيون جن وڃي پنجاب ۾ لڳرايون، اڄ به اهو حال آهي ته ڪو ڌاريو سنڌ جي ڳوٺ ۾ ڪو انڊسٽري هڻڻ چاهي ته هن کي مڪاني ڀوتار هلائڻ عذاب ڪري ڇڏين. نوري آباد جو مثال اسان جي سامهون آهي جيڪو انگلينڊ جو مانچسٽر ٿي سگھيو ٿي. هوڏانهن ملائيشيا جا ملئي وڏيرا، وزير ۽ سياستدان پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪارخانه هڻي عوام لاءِ روزگار مهيا ڪندا ويا. پر ڌارين کي به امن امان مهيا ڪيائون ته سندن ڳوٺن ۾ اچي ڪارخانه هڻي پاڻ به ڪمائن ته مڪاني ماڻهن کي به روزگار مهيا ڪن. نتيجي طور اڄ ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ پوڙها مرد ۽ عورتون به پنهنجي در اڳيان الڪٽرانڪ ڪارخانن جي ائيرڪنڊيشن  ماحول ۾ ڪم ڪري مهيني ۾ ٽيهه چاليهه هزار رپيا جيب خرچي ڪڍيو ويٺا آهن.

اهڙي طرح تعليم ۾ به هو اسان کان گھڻو پر يورپ کان به اڳيان نڪري ويا. هر ڳوٺ جو اسڪول اهڙو ته اعلى معيار جو آهي جو غريب مزدور جو پٽ به ان اسڪول ۾ پڙهي ٿو ته وزير جو پٽ به ان اسڪول ۾! ساڳيو حال اسپتالن جو آهي. سو ان خيال کان ملائيشيا مونکي سڀ کان گھڻو متاثر ڪيو. اسان جا پير، مير، وڏيرا ۽ وزير سياستدان به ملائيشيا جھڙا حب الوطن ٿي پون ها ته اڄ اسان جي سنڌ به يورپ جيان هجي ها.

وائيس آف سنڌ: هڪ سٺي سفر نامي لکڻ لاءِ ڪهڙيون گھرجون آهن؟

الطاف شيخ: سفر جو احوال لکڻ ڪو مشڪل ڪم ناهي، هن ۾ افساني يا ناول وانگر ٺاهه، جوڙ ۽ گھاڙيٽو نه ٿو ڪرڻو پوي پر سفرنامي جو دلچسپ هجڻ جو معيار لکندڙ جي اک تي Depend ٿو ڪري ته هو ڌاري ملڪ جي شين ۽ واقعن کي ڪهڙي اک سان ٿو ڏسي، ٻيو ته افساني يا ناول کي ته آهستي آهستي به لکي سگھجي ٿو پر سفر نامو جيترو جلد لکجي اوترو بهتر آهي، ڇو جو دير ڪرڻ سان ڪيتريون ڳالهيون ذهن تان ميسارجيو وڃن.

وائيس آف سنڌ: اوهانکي پنهنجي ڪتاب مان ڪهڙو بهترين ڪتاب لڳندو آهن؟ اگر اوهان کان ڪو اوهان جي هڪ ڪتاب پڙهڻ لاءِ پڇي ته اوهان ڪهڙي ڪتاب جو نالو ٻڌائيندا؟

الطاف شيخ: مختلف وقتن تي مختلف ڪتاب بهتر لڳن ٿا،  ٻئي کي ڪهڙو ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندس اهو ان ماڻهو تي Depend ڪري ٿو. ڪو حج يا عمري لاءِ وڃي رهيو آهي، ته ظاهر آهي ان کي ”ڀلي پار تان ڀيرو…..“ پڙهڻ لاءِ چوندس، پر جي هو سعودي عرب جھڙي ملڪ ۾ نوڪري لاءِ وڃي رهيو آهي ته ان کي ”اي روڊ ٽو مدينا“ پڙهڻ لاءِ چوندس، ملائيشيا ڏي ويندڙ کي ”ڪوالالمپور ڪجھ ڪوه“ يا ”مڪليءَ کان ملائڪا“ جھڙو سفرنامو پڙهڻ لاءِ چوندس. آمريڪا گھمڻ يا نوڪري ڪرڻ واري کي ” نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”ڳوٺ بخشو لغاري کان بالاٽيمور“ پڙهڻ لاءِ چوندس. سئيڊن، ڊينمارڪ، ناروي (Scandinavian ملڪن) ڏي ويندڙن لاءِ پنج کن سفرنامه انهن ملڪن بابت آهن، جھڙوڪ ”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ ”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“ وغيره ٻارن جي تعليم يا ٻاهر جي نوڪري ڪرڻ لاءِ مفيد ڳالهيون اڄ ڪلهه تازي ڪتاب ”چنڊ چوانءِ سچ“ ۾ ملي سگھن ٿيون.

وائيس آف سنڌ: غريب سنڌي شاگردن جو مستقبل ڪيئن ٿا ڏسو؟ انهن کي ڪهڙيون صلاحون ڏيندا؟

الطاف شيخ: توهان هتي غريب جو لفظ چئي خبر ناهي ڇو Self-Pity جو احساس ٿا ڏياريو. پاڪستان جي جھازارن اداري ۾ پڙهائڻ دوران هڪ دفعي ٽرم جي امتحانن بعد هڪ ڪئڊٽ منهنجي آفيس ۾ گھڙي اچي چيو ”سائين آئون هڪ غريب سنڌي آهيان ان ڪري مونکي وڌيڪ مارڪون ڏئي فيل ٿيڻ کان بچايو“. مون چيومانس ته پٽ! ڳالهه ٻڌ تون جيڪڏهن چيون ته اڪيڊمي جا شاگرد لاهور گھمڻ پيا وڃن پر تون غريب آهين ان ڪري نه ٿو وڃين ته ان صورت ۾ منهنجو فرض آهي ته تنهنجي مالي مدد ڪريان، پر غربت جو سبب ڏئي مارڪون پنڻ کي ته آئون Crime ٿو سمجھان، جيڪو تون پنهنجي ۽ پنهنجي والدين جي خلاف ڪري رهيو آهين.غريب هجڻ جي صورت ۾ توکي پاڻ وڌيڪ محنت ڪرڻ کپي، تو کي شرم اچڻ کپي ته حڪومت ۽ تنهنجا غريب مائٽ تو کي هيڏو خرچ ڪري اهڙي مهانگي تعليمي اداري ۾ تعليم ڏياري رهيا آهن ۽ توکان اهو نه ٿو پڄي جو کڻي محنت ڪرين ۽ هڪ فيل ٿيندڙ کي آئون پاس ڪري جھاز جي مالڪ کي نقصان رسائڻ ۽ جھاز ۾ سوين مسافر جي جانين سان توکي کيڏڻ لاءِ ڪيئن ٿو موڪل ڏئي سگھان“ هن شاگرد کي مون فيل ڪيو پر هن جي دماغ ۾ ڳالهه اچي وئي، هو ٽي مهينا ٻين کان پٺ تي ضرور ٿي ويو پر پوءِ هن هيڏي ته محنت ڪئي جو ڪڏهن به فيل نه ٿيو. ان ڳالهه کي ڏهه سال ٿي ويا آهن، اڄ اهو ڪويت ملڪ جي بحري جھاز جو ڪامياب ۽ باصلاحيت ۽ باعزت چيف انجنير مڃيو وڃي ٿو. ويهه سال کن پڙهائڻ دؤران پاڪستان توري ملائيشيا جي جھازارن تعليمي ادارن ۾ مون ڪيترن ئي ڳوٺاڻن ۽ غريب هارين، ڪلارڪن ۽ پرائمري اسڪول جي ماسترن جي پٽن کي اعلى نمبر کڻندي ڏٺو، گذريل سال به جنهن ڪيڊٽ مٿاهين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ کيس گولڊ ميڊل مليو اهو سنڌ جي هڪ ٻهراڙي واري علائقي جي اسڪول ٽيچر جو پٽ هو.

ڳالهه اها آهي ته سڄي دنيا ۾ مقابلي جو دور اچي ويو آهي. ڪو زمانو جو بي اي سنڌي يا اردو ۾ ڪرڻ واري کي بهآساني سان نوڪري ملي ويندي هئي. اڄ جي دور ۾ Ph.D واري کي به ماستري سولي نٿي ملي! نوڪري انهن کي ئي ملي ٿي جيڪي اعلى تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ خاص سبجيڪٽ ۾ يعني انهن سبجيڪٽن ۾ جن ۾ ڊمانڊ آهي، ملائيشيا جي اڀر واري رياست ترنگا جي يونيورسٽي ۾ هڪ شهدادپور جي ڀر واري ڳوٺ جو سنڌي پروفيسر مليو جيڪو اتي وڏي پگھار تي پڙهائي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هن M.Sc ۾ ٽاپ ڪيو ان بعد اسڪالر ملڻ تي ملائيشيا مان ڪن خاص مشِين تي Ph.D ڪئي ۽ هن کي هتي ئي نوڪري ملي وئي. دبئي ۾ عرب امارت ۾ هوائي ڪمپني جو چيف ايڪانامسٽ سکر پاسي هڪ ڳوٺ جو سنڌي آهي. جنهن جو تعلق هڪ غريب گھر سان آهي، پر هو هر متحان ۾ مٿاهون نمبر کڻي هن پوسٽ تي رسي ويو آهي، سو هتي سوال غريب يا امير سنڌيءَ جو ناهي پر محنتي ۽ ٽوٽي شاگرد جو آهي. اڄ جو زمانو محنت ۽ مقابلي جو آهي، جيڪڏهن ڪو به مائٽ چاهي ٿو ته هن جو اولاد ڪنهن وڏي رتبي تي پهچي ته هن کي پنهنجي ٻار ۾ محنت ڪرڻ جي عادت وجھڻ کپي ۽ اڄ ڪلهه دنيا ۾ ڪٿي به نوڪريون ڊگرين سان نه پر علم ۽ تجربي جو جائزو وٺي ڏنيون ٿيون وڃن.

وائيس آف سنڌ: جيڪي نوجوان جھاز راني جي ميدان ۾ اچڻ چاهين ٿا، انهن کي ڪهريون تجويزون ڏيندا؟
الطاف شيخ: جهاز راني جي ڏس ۾ هر سال نيوي وارا ۽ مئرين اڪيڊمي طور کڻڻ وارا هڪ مقرر تعداد، انٽر جي شاگردن جو ڪئڊٽ طور کڻن ٿا، ٻئي ملائي چاليهه پنجاهه اميداور چونڊين ٿا. اڄ کان 47 سال اڳ جڏهن مون مئرين اڪيڊمي لاءِ اپلاءِ ڪيو هو ته ان وقت به هڪ هزار کان مٿي شاگردن حصو ورتو هو جن مان انهن انٽري ٽيسٽ، ميڊيڪل ۽ نفسياتي ٽيسٽ ۽ انٽرويو وغيره وٺي مٿاهين ليول وارا 20 کن ڄڻا چونڊيا هئائون هنئير ته سڄي ملڪ ۾ تعليم عام ٿي پئي آهي ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٽي چار هزار اميداوار حصو وٺڻ ٿا ۽ ڪاميابي لاءِ هر شاگرد کي کپي ته هو مئٽرڪ کان وٺي مئٿ، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ انگريزي سبجيڪٽ ۾ ايڏي ته محنت ڪري جو هن کان ڪابه شيءِ نه رهجي. ان کان علاوه پنهنجي صحت کي به صحيح رکي. ڇو جو چونڊيل شاگردن جي تمام سخت ٽريننگ ۽ پڙهائي ٿئي ٿي ۽ اهڙي ٽريننگ ۾ ڪو به مڳو يا سست شاگرد اڳتي هلي نه ٿو سگھي ۽ اڳتي جي پروموشن جا امتحان به تمام 0کيا ۽ سخت ٿين ٿا، سمجھو ته زيرو پرسينٽ غلطي جي گنجائش رهي ٿي سو هن قسم جي ڪئريئر لاءِ ڪو به مائٽ چاهي ٿو ته ٻار کي ننڍي هوندي کان ئي محنت جي عادت وجھي، اجايو وقت وڃائڻ بدران هر وقت پڙهائي ۾ رڌل رکيس، صبح جو سوير اٿڻ جي عادت وجھيس، ورزش ۽ ڊوڙ ذريعي هن کي سخت جان بڻائي جيئن هو مقابلي ۾ ڪامياب ٿي سگھي. باقي رڳو ته منهنجو پٽ جھاز هلائي، منهنجو پٽ سرجن ٿئي، پائليٽ ٿئي وغيره مان ڪجھ هڙ حاصل نه ٿيندو. جيسين توهان ان منزل ماڻڻ لاءِ جستجو نه ڪندائو ان سلسلي ۾ منهنجو تفصيلي مضمون نائين ۽ مئٽرڪ ڪلاس جي شاگرن لاءِ هن سال ڇپيل ڪتاب چنڊ چوانءِ سچ ۾ اچي چڪو آهي.

وائيس آف سنڌ: دهشتگردن دنيا کي گرمائي ڇڏيو آهي، ڇا اوهان سفر ۾ ڪڏهن اهڙي مشڪل پيش آئي؟
الطاف: سمنڊ تي اڄ به قذاقن (Pirates) جو مسئلو رهجي ٿو، دنيا ۾ ڪجھ اهڙا علائقا آهن جتي هي سامونڊي ڌاڙيل گھڻا آهن، جيئن ته ملائيشيا وارو سمنڊ جڏهن جھاز انڊونيشيا ۽ ملائيشِيا جي وچ واري ڳچي سمنڊ مان ٽي ڏينهن کن هلي ٿو، چوڌاري ننڍا ننڍا هزارين ٻيٽ آهنجتان رات جي وقت قذاق پنهنجي ٻيڙين ذريعي اسانجي جھاز تي چڙهڻ ۾ڪامياب ٿيو وڃن، ڪڏهن ڪڏهن مهانگو ڪارگو جي صورت ۾ هو جھاز کي بيهاري مرضي مطابق سامان به کڻيو وڃن، اسان جا جھاز جنگي جھاز ناهن جن تي توبون بندوقون هجن، ويتر آٽومسين جي ڪري عملو به گھٽجي ويو آهي، سٺ واري ڏهي ۾ مون جڏهن جھاز ۾ جوائن ڪيو هو ته انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن، چيف انجنير کان بورچي تائين اٽڪل سٺ ستر ماڻهو هوندا هئا. هاڻِ هر شيءِ ڪمپيوٽرائز ۽ آٽوميٽڪ هجڻ ڪري سورنهن سترنهن ماڻهو ڪافي آهي. آفريڪا جي ڪن ڪنارن تي خاص ڪري سوماليا، جبوتي وٽ يا لئانڊا وٽ به سامونڊي ڦورن جو مسئلو رهي ٿو ۽ هوڏانهن آمريڪا پاسي ڪئريبين سمنڊ قذاقن کان مشهور آهي.

وائيس آف سنڌ: سمنڊ جا سفر اوهان کي ڪيئن محسو ٿيندا آهن؟

الطاف: سمنڊ جا سفر سٺا به لڳا آهن ته پريشان ڪندڙ به بهرحال ڳالهه اها آهي ته چاهي ڪو پسند ڪري يا نه پر منهنجي لاءِ جھاز هلائڻ ۽ سمنڊ تي گذارڻ ، نوڪريءَ جو حصو رهيا آهن، جنه لاءِ مونکي پگھار ٿي مليو. مون ان فلسفي هيٺ ت روئي ڌوئي وقت ڪاٽڻ بدران کل خوشي ۾ گذاري ڇڏيو. ڪڏهن ڪڏهن ڊگھن سفرن تي جنهن ۾ يڪا ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هئا، ڏاڍي بوريت ٿيندي هئي ۽ لڳندو هو ته الائي ڪڏهن سمنڊ ختم ٿيندو. ۽ منزل ايندي جو زمين ڏسي سگھبي، پر پوءِ ڪناري جا ڏينهن اچڻ تي سمنڊ جا ڏکيا ڏينهن وسريو وڃن، اها ٻئي ڳالهه آهي ته سمنڊ تي ڪي ڪي اهڙا پرسڪون ڏينهن اچن ٿا جيئن سنڌ ۾ اونهاري جي سخت گرمين ۾ گھاٽ جھڙ ڇانئجي وڃي.

وائيس آف سنڌ: نوجوان سنڌي اديبن جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

الطاف: اڄ جو نوجوان سنڌي اديب تمام سٺو لڳي رهيو آهي هن جا ليک معلومات غ مطالعي تي ٻڌل آهن. هو ڪافي بولڊ آهي ۽ ماشاءالله تمام گھڻا لکي رهيا آهن. رسالا ۽ اخبارون هر وقت ڀريل رهن ٿيون. وقت گھٽ هجڻ جي باوجود آئون ڪيترن نوجوان لکندڙن جا مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون پڙهان ٿو ۽ ڪيترن جي ته اي ميل زريعي همٿ افزائي به ڪندو رهان ٿو.

وائيس آف سنڌ: ٻڌو آهي ته توهان اسڪولن، ڪاليجن ۾ ليڪچر ڏيڻ به ويندا آهيو. ان جو ڪهڙو سبب آهي؟
الطاف: مختلف يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان مون کي مئرين انجنيرنگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گھرايو وڃي ٿو. ڪراچي سنڌ ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ وارا سفرنامي جي حوالي سان مونکي گھرائيندا آهن. ان کان علاوه حيدرآباد، هال، نواب شاهه، دادو يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ويندو آهيان ته ڪوشش ڪري ٻه ٽي ڪلاڪ فرسٽيئر ۽ انٽر جي شاگردن کي مستقبل ۾ ڪو Career چونڊڻ ۽ محنت ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪندو آهيان. مونکي نوڪري جا آخري ويهه سال کن مختلف ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو آهي ان تجربي مطابق پنهنجي سنڌ جي شاگردن کي دنيا جي شاگردن جي ڪاميابي ۽ انهن جي پڙهائي جي طريقن بابت ٻڌائيندو آهيان، جيئن هو پنهنجي وقت جو صحيح استعمال ڪري ڪامياب زندگي گذاري سگھن.

وائيس آف سنڌ: چيو وڃي ٿي، اوهان شروع کان جيڪو اسلوب اپنايو آهي، ان ۾ ئي لکندا اچو ٿا؟

الطاف: بس آئون ان هڪ سبجيڪٽ سفر نامي ۾ ئي Specialization ڪرڻ پسند ڪريان ٿو. مونکي ڪيترائي پڙهندڙ، پبلشر ۽ ٽي وي وارا ناول يا ڊراما لکڻ لاءِ چوندا رهيا پر جيئن ته آئون اها ڳالهه پنهنجي وس ۾ نه ٿو سمجھان ان ڪري ان ۾ ٽپڻ نٿو چاهيان هونءَ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ بيحد ذهين ماڻهو آهن، جيڪي هڪ ئي وقت افسانه، ناول، ڊراما ۽ شاعري ڪري سگھڻ ٿا. ۽ هر فيلڊ ۾ سٺُ نڀائين پيا. خوشي جي ڳالهه آهي، پر مونکان جيڪي پڄي ٿو اهو پنهنجي وس آهر ڪريان ٿو.

وائيس آف سنڌ: ٻاهرين دنيا کي سمجھڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ اوهان وٽ ڪهڙا ڪسوٽي آهي؟
الطاف: منهنجي نظر ۾ امن امان ۽ انصاف آهي. گذريل اڌ صدي دوران منهنجو خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن آفريڪ، يورپي، ايشيائي ويندي آمريڪي بندرگاهن، ڳوٺن شهرن ۽ بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيو آهي. اهو ملڪ اهو شهر، اهو ٻيٽ اسان جھيڙن ڌارئين توڙي مڪاني ماڻهن لاءِ جنت آهي. جتي انصاف آهي جتي امن امان آهي. اسان جھڙن ملڪن ۾ ته اهي ٻئي شيون ناپيد ٿينديون وڃن. انهيءَ ڪري ته آئون ڪيترن دوستن کي انڊيا جھڙن ملڪن ڏي وڃڻ کان Discourage ڪندو آهيان. اتي ٿورو گھڻو کڻي اسان کان وڌيڪ امن امان هجي پر انصاف انڊيا ۾ به ڪٿي آهي؟ توهان کي ڪو پوليس وارو جھلي چوي ته توهان پاڪستاني جاچوس آهيو، ته پرديس ۾ توهان جي ڪير سارسنڀال لهندو؟ ڪئين اسان جا بي گناهه پاڪستاني جيلن ۾ پيا سڙن، هنن کي ڪورٽ ۾ ئي نه ٿو پيش ڪيو وڃي. پر جپان، سئڊن، ناروي، سنگاپور جھڙن ملڪن ۾ ڪو به ڏوهي جو نالو نه ٿو وٺي، ڪنهن کي پئسا ناهن جو سرار يا ڪو NGO هن جي پاران وڪيل ڪري ملزم کي پنهنجي صفائيءَ جو پورو پورو حق ڏنو وڃي ٿو. دبئي، ڪويت ۽ سعودي عرب جھڙن عرب امارت ملڪن ۾ امن امان ته آهي پر ايتري انصاف ناهي. توهان آمريڪي يا فرينچ آهيو يا مڪاني عرب ته پوءِ توهان لاءِ انصاف آهي، پر جي ايشيائي غريب ملڪ جا آهيو ته ڀلي پيا جيلن ۾ سڙو توهان جي ڪو ڳالهه به نه ٻڌندو.

وائيس آف سنڌ: ٻاهرين دنيا ۾ي سنڌين جي اڪثريت ڪيتري آهي؟

الطاف: سنڌين مان توهان جو مطلب ڇا آهي؟ جي ”هندو سنڌي“ تمام گھڻي آهي ۽ اهو پاڪستان کان به اڳ دنيا ۾ دور دراز ملڪن ۽ ٻيٽن تي رهندا اچن ۽ جي توهان جو مطلب ”سنڌي مسلمان“ سان آهي ته ڪجھ به نه آهي، هاڻ مڙيئي ڪجھ نظر اچن ٿا، پر سنڌي هندو، سک، پٺاڻ يا پنجابي جي ڀيٽ ۾ ڏسبو ته سنڌي مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهن. اڄ ڪلهه چيو وڃي تو ته عوامي حڪومت آهي، ڪي ته اهو به چون ٿا ته سنڌين جي حڪومت آهي، پر دنيا جي سئو ملڪن ۾ اسانجي پاڪستاني سفيرن کي ڏسبو ته ٻه يا ٽي ڪي مس سنڌي هوندا، اسلام آباد کان مليل اسڪالرن تي شاگرد يا استاد ٻاهر وڃن ٿا انهن ۾ به ڪو ورلي سنڌي نظر اچي ٿو. سو اهڙو سوال پڇي ڦٽن تي لپڻ ٿا ٻرڪيو.

وائيس آف سنڌ: اوهان جا ڪيترائي ڪتاب سنڌي ويب سائيٽن تي موجود آهن. اوهان انٽرنيٽ تي به پهنجي پرستارن کي اي ميل ڪندا رهو ٿا، اوهان کي ان حوالي سان ڪيتري Feed Back ملندي آهي؟

الطاف: پڙهندڙن سان Contact ۾ رهڻ لاءِ انٽر نيت سولو، سستو ۽ تيز رفتار طريقو آهي. انٽرنيٽ جي ايجاد کان اڳ جڏهن ٽپال رستي خط مهانگو ڪم هوندو هو تڏهن به ڪوشش ڪري پڙهندڙن جي هر خط جو جواب ڏنو ٿي. هاڻي ته ڪم سولو ٿي پيو آهي. پڙهندڙن جا خط مون لاءِ همت افزائي جو سبب آهن ۽ ساڳئي وقت سندن تنقيد مان منهنجي رهنمائي ٿئي ٿي ۽ پنهنجي لکڻين ۾ درستگي آڻيان ٿو. سو اهو کڻي چئجي ته پڙهندڙن جا خط مون کي Educate ڪن ٿا. ڇو جو آئون ڪل عقل نه آهيان. ڏهه سال ملائيشيا ۾ رهڻ باوجود  تي جي ڪن ڳالهين کي پرکڻ ۾ غلطي ڪري سگھان ٿو. جيئن هينئر منهنجو ايران بابت سفر نامو ڇپيو آهي، انهن ۾ ڪيترين ئي چڪن ۽ اڻپوري ڄاڻ بابت پڙهندڙن آگاهي ڪندا رهن ٿا ۽ آئون اهڙن نختن کي وڏي دل سان قبول ڪريان ٿو جيئن ٻئي ڇاپي ۾ گھڻي کان گھڻي درستي ٿي سگھي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادبي سنگت سکر SANA (سنڌي ائسوسيشن آف نارٿ آمريڪا) ۽ ٻين ويب سائيٽ وارن جو ٿورائتو آهيان جو هو منهنجا ڪتاب ويب سائيٽ تي ڏين ٿا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي گھر ويٺي انهن جي پرنٽ آئوٽ ڪڍي پڙهن ٿا، منهنجي ڪتابن جا ببلشر ان ڳالهه کي سٺو نٿا سمجھن جو انهن جي سوچ مطابق ماڻهن کي پرهڻ لاءِ مفت ۾ ڪتاب ملي ويندو ته کانئن ڪتاب ڪير خريد ڪندو، پر آئون انهن سان سهمت نه آهيان ڪتاب هٿ ۾ جھلي پڙهڻ جو نشو ئي ٻيو آهي ۽ ڪتاب خريد ڪرڻ وارو ڪتاب ئي خريد ڪري پڙهندو، پر ڪيترائي اهڙا پڙهندڙ آهن، جيڪي ڪتابن جو مهانگو هجڻ جي ڪري خريد ڪري نه ٿا سگھن ته انهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو هنن کي پڙهڻ کان محروم رکيو وڃي. يا آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ناروي، سئڊن، ڊينمارڪ جھڙم ڏورانهن ملڪن ۾ جيڪي سنڌي پڙهڻ وارا رهن ٿا انهن لاءِ چاهيندي به حيدرآباد يا ڪراچي مان ڪتاب گھرائڻ ڏکيو ڪم آهي، جو ٻن سون جي ڪتاب پٺيان 900 رپين جو پوسٽ خرچ ٿو ٿئي. ۽ جي ڪورئير سروس م ڪتاب موڪلجي ته هڪ ڪتاب تي2300 رپيا خرچ ٿو اچي. سو اهڙي سورت ۾ ڪير ڪتاب خريد ڪندو؟ هونءَ به منهنجي لکڻ جو مقصد پئسو ڪمائن ناهي پر گھڻي کان گھڻن تائين ميسيج پهچائڻو آهي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن منهنجي لکڻين مان ڪا معلومات حاصل ٿئي ٿي ته اها منهنجي خوش نصيبي آهي ۽ آئون پنهنجو ٽائيم جيڪو لکڻ ۾ لڳايان ٿو اهو سڦل سمجھندس.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي پسند جا ليکڪ ۽ پسند جو سبب؟

الطاف: پسند جا ليکڪ ته ڪيترائي آهن، جن جا هن وقت نال به ياد نه اچن. انهن ۾ ڪجھ ته تمام مشهور آهن ۽ منهنجا هم عمر آهن. جيئن ته غلام نبي مغل، نسيم کرل، امر جليل، نورلهدى شاهه، ماهتاب محبوب، طارق اشرف، حليم بروهي، علي احمد بروهي، قمر شهباز، آغا سليم وغيره. اهي وڏي عرصي کا لکندا اچن ۽ تمام گھڻو لکيو اٿن. ٻيا اهڙا آهن جن ويجھڙائيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪن جو هڪ يا ٻه ڪتاب ڇپيا آهن، پر انهن اهڙو Impact ڇڏيو آهي جو مونکي خبر پوي ته انهن جو ڪو ٻيو ڪتاب ڇپيو آهي ته هر صورت ۾ خريد ڪري پڙهندس. ان مان ڪجھ جا نالا هن ريت آهن. ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر، ڊاڪٽر لائق زرداري، ڊاڪٽر منصور ملڪ، خورشيد قائم خاني، لڇمڻ ڪومل، ڊاڪٽر منظور قادر، قاضي خادم، پروانو ڀٽي، محمود مغل، اڪبر سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي. ان کان علاوه ڪجھ اهڙا ليکڪ منهنجا دلپسند آهن جن ڪو ڪتاب شايد نه ڇپيو هجي پر هنن جا ڪالم ضرور پڙهان ٿو، ۽ هميشه دل چوندي آهي، ته انهن جي ڪالمن جو مجموعو ڇپجي ته سٺو، جو سندن ڪالمن جون اخبارون Cuttings مونکان هميشه هيٺ مٿي ٿيو وڃن. اهڙن ڪالم نويسن مان ڪجھ نالا جيڪي هن وقت ڌيان ۾ اچي رهيا آهن هن ريت آهن. انعام شيخ، ڄام ساقي، عبدالقادر جوڻيجو، اعجاز منگي، انيتا شاهه، امر سنڌو، عرفانه هلال، عبدالوحيد ڪٽپر، شاهنواز راڄپر، دولت رام کتري، امتياز ابڙو، منوج هالائي، انور ابڙو وغيره. انهن جي پسند جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا. سندن ادبي ايمانداري، حقيقت پسندي، هن ڌرتي ۽ انهن جي ماڻهن جو هنن جي دلين ۾ درد، معاشري کي سڌارڻ لاءِ سندن جدوجھد، سندن لکڻين ۾ طنزو مزاح، سندن سهڻي ٻولي…………وغيره.

وائيس آف سنڌ: وائيس آف سنڌ اوهان کي ڪيئن لڳندو آهي؟

الطاف: پرديس ۾ ”وائيس آف سنڌ“ جھڙيون ويب سائيٽون اهڙيون آهن جن ذريعي اسان کي سنڌ ۽ ان جي رهواسين جي خبر چار پوي ٿي. توهان جھڙن کي شاباس هجي جو اشتهاري يا سرڪاري وسيلن جي نه هجڻ باوجود توهان پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ان قسم جون Websites قائم رکيون ويٺا آهيو. ۽ پنهنجون آرام جون گھڙيو اهڙي ڪم لاءِ وقف ڪريو ٿا،

وائيس آف سنڌ: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟

الطاف: اڌي صديءَ کان مٿي هن دنيا جي گولي جي مختلف شهرن، ٻيٽن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ جي تجربي ۽ ويهه سال کن پڙهائڻ بعد آئون اهو ئي چوندس ته تعليم ضروري شيءِ آهي ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن کي حڪومت توڙي وڏيرن، ڀوتارن تعليم کان کوکلو رکيو آهي. منهنجي والدين کي اها ئي التجا آهي ته هو پنهنجي ٻارن ڏي ڌيان ڌرين کين ننڍي هوندي کان محنت جي عادت وجھن، کين گھر ۾ پاڻ به پڙهائن رڳو اهو سوچي ننڊو نه ڪندا وتن تن هنن وڏو پئسو خرچ ڪري شهر جي وڏي اسڪول ۾ ٻارن کي داخل ڪري ڇڏيو آهي.

هنن کي کپي ته ٻارن کي روزانو گھر ۾ پڻ پڙهائين رڳو ماسترن ۽ مسين تي نه ڀاڙين سندن سنگت تي پڻ نظر رکن، هنن کي ٽي وي ۽ وڊيو گيمس جھڙين شين تي گھڻو وقت ضايع ڪرڻ نه ڏين. ڪاش منهنجي وس ۾ هجي ته سنڌي والدين کي ملائيشيا ۽ جپان جھڙا ملڪ ڏيکاريان، جتي ٻار آچر واري ڏينهن تي به پڙهڻ ۽ هوم ورڪ ۾ مشغول نظر اچن ٿا. ٻار ۽ سندن والدين سوير ئي سمهن ٿا ۽ سج اڀرڻ کان اول اٿارين ٿا. اڄ ڪلهه مقابلي ۽ محنت جو دور آهي. توهان چاهيو ٿا ته توهان جا ٻار ڪنهن ڳالهه تي رسن ته هنن تي ڌيان ڏيو، هنن کي پڙهايو ۽ محنت جي عادت وجھو ان سان گڏ هنن جي سنگت ۽ اخلاق تي به نظر رکو ڇو جو بقول اسان جي ڏاهي ۽ مفڪر مرجليل جي اسان جو معاشرو ۽ سوسائٽي ڏاڍي خراب (Degenerate) ٿيندي وڃي. ان ڪري والدين کي تمام گھڻو خبردار رهڻ کپي.