آڪاش انصاريءَ جو انٽرويو

آڪاش انصاري جو انٽرويو

انٽرويو پينل: عباس ڪوريجو، مصطفى راهوڪڙو

وائيس آف سنڌ: اوهان شاعري طرف ڪيئن آيا ۽ اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟

آڪاش انصاري: منهجو والد به شاعر هو ۽ ڏاڏوعربي ۽ فارسي جو معلم هو اهوپڻ فجر جو اٿي گلستان بوستان مان مرثيه ڳائيندو هو. والد الهڏنو بدينوي هتان جو مقامي شاعر هو سو ننڍپڻ کان اهي شيون منهجي ماحول ۾ رهيون. منهنجي والدهه جنت خاتون لطيف جي حافظ هئي ۽ ان جا مضمون لطيف تي نئين زندگي رسالي ۾ ڇپيل آهن. پرائمري ۾ 1969ع ۾ جڏهن ڀٽو صاحب بدين آيو ته مون ان تي گيت لکيو هو؛ ”خلق جي خاص خدمت لئه ڀٽا صاحب ڀلي آئين.“ باقي عام شاعري نائين ڪلاس کان شروع ڪئي.

وائيس آف سنڌ:اوهان جي پسند جو شاعر ڪهڙو آهي ۽ پسند جي وجهه ڪهڙي آهي؟

آڪاش: هر شاعر جي پنهنجي خوشبو آهي ڪو هڪ شاعر نه آهي جو مونکي پسند هجي…. باقي هومر کان ڀاڳو ڀان، والٽ وٽ، اسٽيفن فگر، ڪرسٽروفر هاول ۽ ٻيا ننڍي کنڊ جا شاعر ساحر کان ن.م راشد سنڌ ۾ لطيف هڪ معجزو آهي باقي نبي بخش قاسم، سچل ۽ ٻيا انيڪ نالا آهن.

باقي مون وٽ لطيف کان وڏو ڪو شاعر ڪونهي.

وائيس آف سنڌ: سماج ۾ هر شيءِ جو هڪ ڪارج آهي اتي ادب جو ڪهڙو ڪارج آهي؟

آڪاش: عباس! هرشيءِ جو هڪ ڪارج هوندو آهي پوءِ اهو زهر هجي يا امرت، هن ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ جو ڪونه ڪو ڪارج آهي. هن ڪائنات جي تخليق کي سڌارڻ ۾ وڏي رول ادب جو آهي. شاعر اسان جي معاشري جا بلڊوزر آهن.

دين ڌرم سڀ ڌوڙ ۽ ڌوکو منهنجو مذهب ماڻهپو. اهي هڪ شاعر جو خيال آهي اسان جي سماج جا امام شاعر آهن.

وائيس آف سنڌ:اوهان جي نظر ۾ محبت ڇا آهي؟

آڪاش: محبت ڪائنات آهي اهو هڪ آفاقي جذبو آهي هي جيڪو جهان هلي پيو اهو محبت تي قائم آهي. ڪائنات محبت جي پيداوار آهي.

وڻ پيدا ٿين ٿا ميوا ڇو ٿا ڏين؟ گل خوشبو ڇو ٿا ڏين؟ ڪانگ جا ٻچا بڊهي جي مند ۾ ٿيندا آهن ۽ ڪانگ چهنب ۾ ٻارن کان ڦريل لولوکڻي ايندو آهي پاڻ بکيو هوندي به اهو ڳڙڪائيندو ناهي ۽ اچي ٻچن کي ڏيندو آهي، هي ڇا آهي اهو هڪ ڪائنات جو ڪرشمو آهي. ڪوبه انسان سڀ لاءِ خودغرض ناهي هوندو، اهو ٻچن لاءِ سوچي ٿو ته اهي خوش هجن ۽ اها محبت آهي.

وائيس آف سنڌ: انسان حسن کي ٿو پوڄي يا محبت جي عبادت ٿو ڪري؟

آڪاش: حسن ۽ محبت ڪي ٻه الڳ شيون ناهن، جوش مليح آبادي کان ڪنهن پڇيو ته هن ايترا گهڻا عشق ڪيئن ڪيا جڏهن ته عشق ڪنهن هڪ سان ٿيندو آهي هن 35 عشق ڪيئن ڪيا!، جوش چيو ته هن جو عشق هو حسن سان ۽ حسن هڪ هنڌ بيهڻ واري شيءِ ناهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان ڄامشوري جي هوائن کي گهڻو مشهور ڪيو آهي، اوهان جو سنڌ يونيورسٽي وارو دور ڪيئن رهيو؟

آڪاش: ڄامشورو منهنجي ماتر ڀومي آهي ۽ رومانس جو محور آهي، اهو تبديلي جو وقت هوندو هو هڪ ماحول مان نڪري هڪ نئين ماحول اچڻ، اتي پڙهڻ، نوان دوست ڪرڻ ۽ عشق ڪرڻ جو دور به هوندو آهي. منجني شاعري جو بهترين دور ڄامشوري وارو هو، جتي حسن، عشق ۽ انقلاب جي ستي ملي، ان ڪري مونکي به ڄامشوري سان عشق آهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان پاڻ کي بهتر شاعر ٿا سمجهو يا بهتر انسان؟

آڪاش: انسان ته آئون بهتر ڪونه آهيان مون ۾ عيب هزارآهن، مان هڪ عام انسان آهيان باقي منهنجي شاعري ماڻهن کي وڻي ٿي اهي موٽ ڏين ٿا باقي آءُ فاني آهيان باقي شاعري هميشه رهڻي آهي ان ڪري اوهان مونکي بهتر شاعر چئي سگهو ٿا.

موت جو نيٺ محصول ڀرڻو ته آ

هي جو آڪاش ويو ورڻونه آ

ڏيهه ۾ ڏات جو ڪونه ٿيندو ڏڪر

زندگي زهر ڀر زهر ڀر…

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادبي سان ڪهڙي وابستگي رهي؟

آڪاش: سنگت جو مان سيڪريٽري به رهي چڪو آهيان پر جڏهن کان سنگت انهن ماسترن ۽ سياستدانن جي هٿ چڙهي ته سڄو مقصد وڃائي ٽريڊ يونين بڻجي وئي ته مان سنگت کان ڪنارا ڪش ٿي ويس. سنڌي ادبي سنگت جو ماضي وارو ڪارج ناهي رهيو هاڻي فقط اليڪشن بازي ۽ ڊرامي بازي وڃي بچي آهي.

وائيس آف سنڌ: اڄ جي نوجوانن جي لکڻين مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟

آڪاش: آءُ مطمئن آهيان، نوجوانن جي لکڻ جي هڪ سگهه آهي، جنهن دور ۾ اسان شاعري ڪندا هئاسين اهي اونداها ڊڪٽيٽرشپ جا دور هئا ان جي خلاف هڪ لفظ لکڻ وڏي ڳالهه هوندي هئي، ميڊيا ۽ پريس آزاد نه هئا هاڻي اهو دور نه رهيو آهي، نوجوان ۾ نئون جوهر آهي اهو ڪٿي لڪڻو نه آهي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ادب جي مستقبل کي ڪٿي ٿا ڏسو؟

آڪاش: سنڌي ادب جي مستقبل جي حساب سان فڪر آهي ته اسان وٽ ناول ۽ ڊرامو پاورفل نٿو لکيو وڃي، ان معاملي ۾ اديب پوئتي آهن باقي هڪڙا ڌنڌيباز لکاري چند ڌاڙيلن جي معاملن تي ڊراما لکي پاڻ کي ايشيا جا وڏا ڊراما نويس سمجهن پيا، اصل ۾ اهي سنڌي ميڊيا کي بدنام پيا ڪن ۽ پنجابي فلمن جيان سنڌي ڊرامو تيار پيو ٿئي. اسان وٽ عالمي سطح جو ادب تخليق نه پيو ٿئي.

وائيس آف سنڌ: سنڌي ميڊيا جي حوالي سان نوان چينلز اچن پيا، ڇا اوهان سمجهو ٿا ته اها سنڌي جي ترقي آهي؟

آڪاش: خبرن واري حصي ۾ ترقي آهي ته سنڌي ميڊيا عوام تائين پهتي آهي، جو پل پل جي خبر پوي ٿي باقي ڊارمن جي حوالي سان مالڪ اداڪارن کان ڏهاڙي تي مذدوري پيا ڪرائين باقي تخليقي جوهر جي ڪٿي ڀي جهلڪ نظر نٿي اچي ائين لڳندو آهي ڄڻ پنجابي فلمن جو چينل پيا ڏسون.

وائيس آف سنڌ: ون يونٽ جي دور ۾ جيڪا انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري سرجي رهي هئي اها اڄ جي دور ۾ ايترو گهٽ ڇو سرججي رهي آهي؟

آڪاش: اهو دور ايڏو سخت هو جو هٿ اڀو ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو ۽ جنهن مٿي ٿي کنيو ته هڪ طرف اهو هٿ ڪٽڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف ان جي حمايت ۾ سوين هٿ اٿيا ٿي، ون يونٽ خلاف بهترين تحريڪ اديبن هلائي پر اڳتي هلي انهن کي خريد ڪيو ويو.

چوڻ جو مطلب ته ماحول جنهن قسم جو هوندو اهڙي قسم جي شاعري سرجندي آهي.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي نظر ۾ اڄ جو سنڌي نوجوان ڪيئن هجڻ کپي؟

آڪاش: آءُ ان معاملي ۾ پراميد آهيان اڄ جو نوجوان جنهن تيزيءَ سان پرائيويٽ سيڪٽر ڏانهن وڃي پيو هو ڄاڻي چڪو آهي ته هن کي پنهنجو ڪيريئر پاڻ ٺاهڻو آهي. اهو نوجوان سول سوسائيٽي جي هر شعبي ۾ موجود آهي ۽ هن هاڻي سرڪاري نوڪري واري پچار ڇڏي ڏني آهي. انٽرنيٽ ۽ ميڊيا تي سنڌي نوجوان اڳڀرا آهن ۽ پنهنجي طور تي ڪم ڪن پيا.

وائيس آف سنڌ: عوامي تحريڪ وارو عرصو جيڪو اوهان پليجي صاحب ۽ فاضل راهو سان رهيا اهو ڪيئن رهيو؟

آڪاش: عوامي تحريڪ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ وڏو فنا منا هئو، هڪ وڏو ڇال هو، عوامي تحريڪ جنهن طريقي سان سنڌ جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ اعلى علمي ۽ عقلي شعور ڏنو. ان ۾ پليجي صاحب جوcontribution  تمام گهڻو هيو، فاضل راهو ۽ سندس هزارين ساٿي هئا.اگر اڄ عوامي تحريڪ جو ساڳيو روپ هجي ها ته سنڌ ۾ عوامي تحريڪ جو اهو مقام هجي ها جيڪو ويسٽ بنگال ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو هو.

سڀاڻِي جي تاريخ ان جا راز کوليندي ته ائين ڇونه ٿي سگهيو، ڪنهن ان کي تباهه ۽ برباد ڪيو، هزارين لکين باشعور ماڻهن جو سٿ، جيڪي سنڌ لاءِ نئين سوکڙي مثل هيا. اها نعمت ڇو کسجي وئي، ڪير راهه تان هٽي ويو، ڪير وڪامجي ويو ۽ ڪيران جو ذميوار آهي اهو فيصلو تاريخ ڪندي.

وائيس آف سنڌ: ڪميونزم اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

آڪاش: ڪميونزم ڪا بيٺل شيءِ ڪونه هئي، ڪميونزم اڃا ڪٿي دنيا ۾ آيو ڪونهي، ان جو pre step  سوشلزم دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آيو. ڪارل مارڪس چيو ته جڏهن سرمائيدار وسيلن تي قابض ٿي ويندو ته پورهيت ماڻهو اٿندا ۽ دنيا تي حاوي ٿيندا، اهو انقلاب هوندو.

ان حساب سان اهو نظريو اڌ دنيا ۾ ڇانئجي ويو پر اڳتي هلي ڪجهه ملڪن ان ۾ ترميمون چاهيون ته خود لينن چيو ته فلاڻا ترميم پسند آهن، ڏسو يار اهو هڪ نظريو هو ڪا قرآني آيت ته نه هئي جنهن ۾ ترميم نه ٿئي ٿا. سويت يونين جو پاڪستان دشمن ملڪ هو پر پوءِ به انهن کي هتي سيڙپڪاري ڪرڻي پئي جنهن جو مثال اسٽيل مل ۽ گڊو وارو ٿرمل پاور آهي، ان جو مطلب هو ته اتي جي مذورن کي گڏ ڪري اڳتي آڻڻ، پر وقت هلندي اها فلاسافي ڊهي پٽ پئي.

وائيس آف سنڌ:NGOs  جو تجربو ڪيئن رهيو؟

آڪاش: سوشل ڪم ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي، ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذات کان ٻاهر نڪري ڪري ڪم ڪن ٿا، ملڪ جي ٻين ادارن وانگر هن ۾ به ڪرپشن آهي، اسان انقلاب نه آڻي سگهياسين ته ڪا ڳالهه ناهي اگر مان پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي مرڻ کان بچايو، 4 ٻارن کي پڙهايو يا 4 وڻ بچايا ته اها سٺِي حاصلات آهي. اين جي او ڪا پاڪ ڳئون ڪونه آهي ان تي تنقيد ٿيڻ کپي.

وائيس آف سنڌ: اوهان اليڪشن به وڙهيا پوءِ ڇو ڇڏي ويا؟

آڪاش: ان جو جواب مان هن شعر ۾ ڏيندس:

هر چاراگر ڪو چاراگري سي گريز ٿا

ورنا يي ميري درد لادوا نه ٿي.

جيڪي علاج ڪرڻ وارا هئا انهن کي ٻرو پئي چڙهيو جڏهن مون اها شيءِ ڏٺي ته پوءِ الڳ ٿي ويس.

وائيس آف سنڌ: اوهان اخبار به شايع ڪئي، اها ڇو بند ٿئي؟

آڪاش: سوال اخبار منهنجي اخبار هئي سو مون ماڻهن جي دردن کي اڳتي آندو ۽ اها اخبار 5 سال هلي 1995 کان 2000 تائين.

جنرل پرويز مشرف جو انفارميشن سيڪريٽري جنرل خالد 6 سنڌي اخبارن جا اشتهار بند ڪيا سو مون ڪنهن جنرل اڳيان جهڪڻ کان اخبار کي بند ڪرڻ بهتر سمجهو.

وائيس آف سنڌ: اوهان جي تنظيم BRDS برٽش پيٽروليم جي خلاف ڇو آهي؟

آڪاش: ادا اهي ملٽي نيشنل ڪمپنيون مقامي ماڻهن جو استحصال ڪن پيون، هتي جيڪو ڊاڪٽر ويٺو آهي اهو لاهور جو آهي، مسيت جو ٻانگو به هتان جو ناهي، اسان هتان جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو آهي ته حق ڇني وٺو.

اتي باشعور ۽ باضمير ماڻهو خاموش رهي نٿا سگهن.

وائيس آف سنڌ: وائيس آف سنڌ پڙهندڙن جي لاءِ ڪو پيغام ڏيندا؟

آڪاش: مون رسالو ڏٺو ته خوشي ٿي آهي منهنجي صلاح آهي ته ان کي ڪمرشل ڪن، سٿ کي مبارڪون ٿو ڏيان. اسان هن سٿ سان گڏ آهيون ۽ مان رسالي لاءِ مواد ڀي موڪليندو رهندس.

باقي پڙهندڙن لاءِ پيغام ته باشعور ۽ باضمير ٿي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪيو.