اروڙ (الوڙ)

اروڙ (الوڙ)

عزيز منگي

  سنڌ جي شهر سکر ڀرسان موجود تاريخي شهر روهڙيءَ کان اٽڪل يارنهن ڪلوميٽر پري ڏکڻ اوڀر طرف سنڌو درياءَ جي هڪ شاخ ناروا واهه جي الهندي ڪناري تي سنڌ جي هزارين سال پراڻي شهر ”اروڙ“ جا ويران آثار موجود آهن. جيڪو عروج واري زماني ۾ نه صرف سنڌ جي گادي جو هنڌ هئو پر، هڪ  وسيع خوبصورت ۽ شاندار شهر پڻ هو.

      اروڙ جابلو ٽڪرين تي موجود هو، جن جو سلسلو سکر کان ٽي ميل اتر ۾ شروع ٿي چاليهه ميلن تائين ڏکڻ طرف هليو وڃي ٿو. آدم شاهه جي ٽڪري، ساڌ ٻيلو، بکر جو ٻيٽ، ۽ خواجه خضر جي آستان واريون ٽڪريون به اروڙ جي جابلو سلسلي سان ڳنڍيل آهن مُهين جي دڙي مان هٿ آيل وڏن وڏن پٿرن کان علاوه پٿر جا چاڪو، هر ۽ ٻيا اوزار وغيره اروڙ جي ٽڪري واري پٿر مان ٺهيل آهن، ڇاڪاڻ ته هتان به اهڙا ئي اوزار دريافت ٿيا آهن.

سر جان مارشل ”مهين جي دڙو ۽ سنڌوماٿريءَ جي تهذيب“ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”پٿر جي نئين دور جا نشان ۽ آثار سنڌ ۾ لکي وارن جبلن جي قطارن ۽ روهڙيءَ جي ٽڪرين ۾ ڪثرت سان موجود آهن”.

نالو: هن شهر جو اصل نالو ”الور“ آهي، جيڪو هند لهجي ۽ اچار ۾ ” اروڙ“ ٿيندو، ان جو نالو شايد ان لاءِ پيو هوندو جو هتان جو هندو راجا اروڙ نسي خاندان مان هو.

         عرب جاگرافيدانن پنهنجن ڪتابن ۾ به اهوئي نالو ڏنو آهي. مسعودي (942ع) ان جو نالو ”اروڙ“ لکيو آهي.سيوطي ”مراصد الاطلاع“ ڪتاب ۾ ساڳيو نالو ورجايو آهي. ابنِ حوقل تيار ڪيل سنڌ جي نقشي ۾ ” اروڙ“ ڄاڻائي ٿو. ابنِ خردازبه (250هه) ۽ شريف ادريسي (1165ع) به اهو ئي نالو لکيو آهي.

    يوناني جاگرافيدانن پنهنجن دستاويزن ۾ ان شهر کي ”موسيڪانوس“ لکيو آهي. چيني سياح هومگ تسانگ سفر نامي ۾ الور کي ”پيشان پوپلو“ سڏيو آهي. سنڌ جي اهم تاريخي دستاويز چچ نامي جي 96 صفحي تي مصنف الور کي ”بغرور“ لکيو آهي. ٿي سگھي ٿي اها ڪتاب جي ڀل هجي!

                برطانوي جنرل اليگزينڊر ڪننگھم پنهنجي يادگيرين ۾ هن کي ”روپورا“ (روانگر) بيان ڪيو آهي، البته آئين اڪبريءَ جھڙي ڪتاب ۾ هڪ اچرج ۾ وجھندڙ ڳالهه ڏنل آهي، سا اها ته اتي لکيو ويو آهي. ”الور” کي هاڻِي ٺٽو يا ديبل سڏيو وڃي ٿو.

آثار: عرب سياح اسطخري آثارن بابت بيان ڪندي ڄاڻائي ٿو ته ”هي شهر ملتان جيترو آهي، کيس ٻه قلعا آهن. هي مهراڻ درياءَ جي ڪناري ۽ منصوره علائقي جي سرحد تي آباد آهي. ادريسي ڄڻ هن جا ئي لفظ نقل ڪندي ٻڌائي ٿو ته ”دؤر (الور) مهراڻ درياءَ جي ڪناري تي آباد آهي، جيڪو سندن اولاهون پاسو ڏئي وهي ٿو، هي ڏاڍو وڻندڙ شهر آهي، ۽ آبادي ۾ ملتان جيترو آهي. اهو سڄو کنڊر ۽ ويران لڳو پيو آهي. ڪچين سرن ۽ مٽيءَ جي گاري سان ٺهيل جاين جي بنياد ۾ پڪيون سرون لڳل آهن. ڪي ايتريون گھڻيون پڪل آهن، جو ڪاريون ٿي ويون آهن، نرم چوني جي پٿر ۽ ان مان ملندڙ پڪي پٿر جا ڍير لڳا پيا آهن. هتي مينهن وسڻ کانپوءِ سڪا لڀندا آهن جن کي فقط ڪنهن ڌاتوءَ جا ذرا سڏي سگھجي ٿو.

ڪئپن وُوڊ هنن آثارن کي 1837ع ۾ ڏٺو هو، سو لکي ٿو ته ”اروڙ جا کنڊر روهڙي کان ساڍن ٽن ميلن جي پنڌ تي آهن. اهو شهر هڪ پهاڙي سلسلي تي اڏيل آهي، ڀرسان سنڌو درياءَ جو ڪو سڪل واهڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اروڙ کي روهڙي درياءَ سان ملائيندڙ مٿاهين راهه يا دڳ ڏيکاري ٿو ته هيٺائون پاسو درياءَ جي چاڙهه وقت ٻڏي ويندو هو. اروڙ کي سنڌي (Kumun) ۽ جاتري به سڏيندا آهن”

ڳوٺ جي اتر پاسي پُل ڀرسان ٽڪريءَ تي مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير جي زماني ۾ تعمير ٿيل ٻن مسجدن جا آثار موجود آهن. ڌيان ڇڪائيندڙ لائق ڪاشيءَ جي سرن جا ٽڪرا آهن جيڪي روهڙيءَ جي ستين جي اسٿان واري تعمير جي نيري اڇي ستاري واري نموني تي آهن. اتي ٻن سيدن جا مقبرا هڪ شڪر گنج شاهه جو، ٻيو ختال الدين يا قطب شاهه جو پڻ موجود آهن.

           اروڙ جي آسپاس ۾ قائم ٻهراڙين جا ماڻهو ذاتي گھرن جي تعمير لاءِ هن شهر جي کنڊرن جي تعميرات کي ڊاهيندا، ڀڃندا، پٿر، ڀتيون، برج، سرون، در ۽ دروازه ڪڍندا کڻي وڃي گھر اڏيندا رهيا. ڪنهن دؤر ۾ هن شهر جون برباد عمارتون، محلاتون ۽ قلعي گاهه جا کنڊر بهتر حالت ۾ موجود هئا.

مرزا شاهه بيگ ارغون سکر تي قبضو ڪرڻ کانپوءِ اتي جڏهن قلعو جوڙائڻ شروع ڪيو، تڏهن ان جي ڪم لاءِ الور جي قلعي گاهه جون سرون کوٽرائي کڻي ويو.

قدامت ۽ تاريخ: اروڙ جي سهڻي ۽ عاليشان شهر ۾ هڪ راجا سهيراس پٽ راءِ رهندو هو ان وٽ بي بها خزانه هئا، سندس انصاف ۽ عدل ملڪان ملڪ مشهور هو، هن جي آزاد طبيعت ۽ بهادري چوڏس واکاڻي ويندي هئي، بادشاهيءَ جي گادي جو هنڌ الور هو جنهن جي هٿ هيٺ ڪرمان، ڪيڪا نان ۽ برهما وارا علائقا هئا، ڄام فتح خان جي دؤر ۾ (جنهن کانپوءِ ڄام تخلق بن سڪندر آيو) الور هڪ پرڳڻو هو جيڪو سيد عبدالغياث کي ڏنو ويو هو، بلازر برهمڻ آباد ٿيڻ کانپوءِ محمد بن قاسم جي اتر طرف پيشقدمي بابت چوي ٿي ته ” آخرڪار هو سنڌ جي هڪ شهر الور ۾ پهتو جيڪو جبل تي آباد ٿيل آهي”

هي شهر گھڻي قدر برهمڻ ۽ راءِ حڪمرانن جي دور ۾ شاندار روايتن جو مسڪن هئو. راءِ گھراڻو ايوڌ يا جي سورج ونسي خاندان مان هو، رام چندر ان جي رجا راجائن مان هڪ هو جنهن جي اولاد مان رجا بليڪا جي پٽن يارنهن سو قبلِ مسيح ۾ الور مٿان راڄ ڪيو.

مهاتما گوتم ٻڌ جي چوڻين واري ڪتاب ۾ ”رورڪ“ متعلق جيڪي اشارا ڪنايا ملن ٿا، انهن مان اهو الور جو موجوده شهر ظاهر ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ اروڙ جي آباد ٿيڻ بابت مستند ثبوت يا طئي ٿيل دور معلوم نه ٿي سگھيو آهي، مگر ان کانپوءِ ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي ته هي شهر مهاتما ٻڌ جي ڄمڻ کان به سوين سال آڳاٽو آهي.

            تاريخ جي هن ڪتابن ۾ سڪندر اعظم جي سنڌ تي حملي واري دور ۾ به ان شهر جي موجودگي جي شاهدي ملي ٿي. سنڌ جي اقتصادي خوشحاليءَ جا قصا ٻڌي سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سئو ورهيه اڳ هتي ڪاهه ڪري آيو. ان وقت اتر سنڌ تي هڪ برهمڻ حڪمران ميوزيڪانس جي حڪومت هئي جنهن جي گاديءَ جو هند اروڙ هو.

              يوناني سياحن قبل مسيح واري دور جي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته سڪندر اعظم سنڌ تي حملي وقت اروڙ جي راجا کيس نانگ جي ڏنگ کان بچاءَ جي دوا ۽ سنڌي ململ ڪپڙو تحفي ۾ ڏنا. اهي وڌيڪ لکن ٿا ته اروڙ واسين کان ئي يونان کي زگر جي ترياق ۽ جڙين ٻوٽين جو علم مليو. ۽ ان دور ۾ اتي طب جو علم ايتري ته عروج تي هيو جو حڪيمن کي ديوتا وارو درجو حاصل هيو.

            راءِ گھراڻن جي پنجن راجائن، جن ۾ راءِ ديواجي، راءِ سهارس(اول)، راءِ سهاسي (اول)، راءِ سهاسي(ثاني) ۽ راءِ سهاسي(ثاني) شامل هئا. سن 450ع کان 632ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ انهن جي گاديءَ جو هنڌ الور هو. سندن سلطنت ۾ ماٿيلو، اُچ شريف، سيوراءِ، سيوستان، نيرون ڪوٽ، الور، برهمڻ آباد ۽ ديبل جا قلعا شامل آهن.

           چچ نامي ۾ لکيل آهي ته ” اروڙ جو شهر سنڌ جو تخت گاهه آهي، شروع ۾ جڏهن راجا راءِ سهارس بن سهاسي هتي راڄ ڪندو هو، تڏهن هي هڪ وڏو شهر هئو، جيڪو شاندار عمارتن، بيشمار چراگاهن، گلن ڦلن، باغيچن، تلائن ۽ نهرن سان سينگاريل هو.

تباهي: هن شهر جي تباهيءَ بابت هڪ تاريخدان جي راءِ ڪافي وزندار آهي ته ”راجا دلو راءِ713 ع جي زماني ۾ جڏهن سنڌودرياءُ پنهنجو رخ ڦيرائي ڇڏيو، تڏهن نه فقط هي زرخيز علائقو ويران ٿيندو ويو، پر ان جي آباي به آهستي آهستي ويجھي شهر روهڙي ڏانهن منتقل ٿيندي وئي، جيڪو اڳ هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو هو سو اروڙ جي هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن بدولت هڪ چڱو ڀلو شهر بڻجي ويو. جتي اروڙ جو زبردست شهر هوندو هو اتي هاڻي ان نالي سان ٿوري آباديءَ وارو هڪڙو ڳوٺ رهجي ويو آهي.

ان جهڙيون پوسٽون

جواب ڏيو

Your email address will not be published. Required fields are marked *